نادرا پاران نئون سمارٽ ڪارڊ شناختي ڪارڊ متعارف ڪرايو ويو آهي

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 نومبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    نادرا پاران سمارٽ ڪارڊ متعارف ڪرايو ويو آهي

    • پهريون ڪارڊ صدرآصف علي زرداري کي جاري ڪيو ويو آهي۔
    • هي ڪارڊ رکڻ وارن کي لائيف انشورنس جي سهولت ،حادثاتي موت تي 50 هزار کان هڪ لک روپيا پڻ ڏنا ويندا۔
    • هي ڪارڊ موجوده شناختي ڪارڊ جي جڳھ تي هوندو
    • هي ڪارڊ جديد سهولتن سان ليس هوندو
    • هن سمارٽ ڪارڊ ۾ 36 سيڪيورٽي فيچرز هوندا
    • هن سمارٽ ڪارڊ ۾ لڳل چِپ ۾ شهري جي تصوير، مڪمل خانداني ڄاڻ هوندي
    • هن ڪارڊ جي ذريعي موٽر وي ۽ هاءِ وي تي ٽول لاءِ اي ٽيگ، ٻوڏ ۽ قدرتي مصيبتن جي صورت ۾ ايمرجنسي رليف، اسلحي جو لائيسنس، ڊرائيونگ لائيسنس ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي پڻ سهولت شامل آهي۔
    • هي سمارٽ ڪارڊ نادرا جي ايگزيڪٽو شاخن ۾ ٺاهيو وڃي ٿو، جنهن جو مُدو 10 سال آهي، انکي بعد ۾ رنيو (ٻيهر) به ٺهرائي سگھجي ٿو۔
    • ڪارڊ جي قيمت يا في 1500 روپيه آهي۔

     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ان ڪارڊ جي ضرورت به آصف زرداري کي وڌيڪ آهي ۔۔۔ اهڙيون سهولتون ٻين قومن وٽ اڄ کان 30 سال اڳ ملي چڪيون آهن ۔۔۔ جڏهن اسان ڪمپيوٽر جو نالو ٻڌاندا هياسون تڏهن يورپ جو قومون پنهنجي پوري قوم جا انگ اکر ڪمپيوٽرائيزڊ ڪري ڪم هلائي رهيون هيون ۔۔۔

    حساب ڪريو ته جڏهن 18ڪروڙقوم 1500روپياهڪ ڪارڊ تي ڏيندي ته اهي گهڻا ڪروڙ ٿيندا ۔۔؟؟ لاڳت کانپو بچيل پئسا بئنڪ ۾ رکي انٽرسيٽ وٺندا ته به پوري ملڪ کي اهڙي سهولت ڏيڻ ڪو اوکو ڪم ته نه ٿيندو ۔۔۔؟؟؟

    پر پياري پاڪستان ۾ ڪو ڪم ايمانداري سان ٿيندو انجي گارنٽي ڪهڙي؟
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    باقي ته خير آ۔۔ پر ڪارڊ ۾ پاڪستان جي جاءِ تي ترڪي جو جهنڊو نظر ٿو اچي۔۔
    ڪجهه سوال ته۔۔۔
    ڇا سمورين شهرين کي ان ڪارڊ تي منتقل ٿيڻو پوندو۔۔۔ ؟
    جي ڪنهن وٽ ايترا پئسا خرچ ڪرڻ جي وسعت نه هجي ته ان جي فيس معاف ٿيندي؟
    ڇا ان ۾ انگريزي سان گڏ سنڌي ۾ وضاحتون لکرائي سگهبيون۔۔۔؟
    ڇا اهو ڪارڊ ٻاهرن ملڪن ۾ رهندڙ شهرين کي به ملندو۔۔۔ جنهن سان هو ٻاهر رهندي به ملڪ جي سياسي پارٽين کي ووٽ ڏئي سگهن۔۔۔؟
    ڪم ته سهي آ پر صلاح آهي ته۔۔۔
    ان کي اليڪشن ۾ استعمال لاءِ چيو وڃي۔۔ يقينن ان سان پارٽين جا اميدوار ڪوششون ڪرائي هن ڪارڊ کي پهريون دفعو ٺهرائڻ جي فيس معاف ڪرائيندا۔۔۔ ڇو ته عام ماڻهون شايد ئي ان ڪارڊ کي ٺهرائڻ تي پئسا ضايع ڪري۔۔ ان صورت ۾ اميدوارن کي ئي پئسا ڀرائي ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻا پوندا۔۔۔:)
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ساڳيو ئي سوال منهنجي ذهن ۾ به هو ڇو ته پاڪستان جي سنگت کڻي ترڪي سان آهي پر اها انهي انداز سان 1000 جي نوٽ تي اڳي ئي نڀائي چُڪا آهن۔ وري به الاءِ ڪهڙي خوشي ۾ هتي به جهنڊو هُنن جو۔​
    باقي ٻين ڳالهين ۽ سوالن سان به آئون اوهان سان متفق آهيان​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. غلا م مصطفي

    غلا م مصطفي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 نومبر 2012
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
  6. نياز ابڙو

    نياز ابڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مارچ 2010
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    122
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين اسان ته بنا سوچڻ سمجهڻ جي ٺهرائي ڇڏيو.......باقي الائي ان جو مقصد ڇا آهي، اهو ته اڳتي هلي خبر پوندي...........
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    سرڪار جو سٺو قدم آھِ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سائين اسانجو ڪارڊ 2022 تائين ويلڊ آهي ، انکانپو ڏسنداسين ، تيسين الا ڇا مان ڇا ٿيندو ، اسان هونداسين به الائي نه
     
  10. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    ها ها ها دل واري ڳالهۡ ڪئي اٿو ادل بس سال پهرين 2021 تائين ڪارڊ جو مدو آهي ۔
     
  11. Asif Ali Jhatial

    Asif Ali Jhatial
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2010
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    109
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    جونيئر ايگزيٽو_نادرا
    ماڳ:
    گلشن حديد ڪراچي
    سر اسمارٽ ڪارڊ ۾ ترڪي جو نه پر پاڪستان جو جھنڊو لڳل آهي سنگت کي پريشان ٿيڻ جي ڪابه ضرورت ناهي اسمارٽ ڪارڊ جي حوالي ڪا به ڄاڻ گھرجي ته اوهان رابطو ڪري سگھو ٿا
    03337017182
    دعاگو
    آصف علي جھتيال
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جڏهن پرائمري ۾ پڙهندا هياسين ته ان وقت هڪ پوڙهو چاچو اسڪول ۾ اچي ڪجه حرڪتون ڪري ڏيکاريندو هو ان ۾ هڪ حرڪت اها به هئي ته مختلف رنگن جي پاڻياٺ کي ملائيندو هو ته اها پاڻياٺ ٻي رنگ ۾ تبديل ٿي ويندي هئي ۔ اهڙي طرح سان جڏهن ستين درجي ۾ ڊرائنگ ٽيچر سائين محمد عظيم چانڊيو صاحب مختلف رنگ ملائي ڪري نئون رنگ تيار ڪرائيندو هو ۔ اهڙي ئي عمل سبب مختلف رنگن جي ميلاپ ڪري 1000 جي نوٽ تي پياري پاڪستان جي جهنڊي رنگ تبديل محسوس پيو ٿئي ۽ شايد اهڙن ئي سببن جي ڪري سمارٽ ڪارڊ ۾ نظر ايندو هجي ۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    هي كارد دجال جي ويجهو هئن جي نشاني آهي. باقي خبر نه آهي ته تركي جنهن صدين تائين خلافت اسلامية ذريعي عالم اسلام جي سرحدن جو تحفظ كيو مان ايدي نفرت جهو آهي؟!!!
     
  14. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    سمارٽ ڪارڊ وقت جي تقا ضا آهي ۽ هر سنڌي کي اهو ڪارڊ ٺھرائڻ گهرجي ته جيئن اڳتي ھلي ڪو فائدو حاصل ڪري سگهجي، جهڙي طرح اي ٽي ايم ڪارڊ يا انڪم ڪارڊ ٺھيا آهن۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ابول وري پئسا خرچ ڪيون، ٻيلي هاڻ ته هڪ هزار رپيا ڀري ايگزيٽو لائين ۾ بيهي پنهنجو ڪارڊ رينيو ڪرايو آهي، وري 1500 رپيا ڪير خرچ ڪندو؟۔ اهي سهولتون حڪومت کي مفت فراهم ڪرڻ گهرجن، ابتو وري عوام جي کل لاٿي ٿي وڃي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. جمشيد جوکيو

    جمشيد جوکيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 نومبر 2012
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت روزاني سنڌ ضلعو ٺٽو
    ماڳ:
    ٺٽو
    اسان هن ڪارڊ جي جديد هجڻ سان خوش ضرور آهيون پر ويچارن سرڪاري ماڻهن لاءِ هي ڪارڊ ضروري ڪيو ويو آهي ۽ اهو به صرف ايگزيڪٽو سينٽرن تان سو پاڻ وارا سرڪاري ماڻهو به لڳا هن نئي لائن ۾، ڇو ته هن کان اڳ۾ وطن ڪارڊ اند بعد بينظير ڪارڊ هاڻي هي جديد سمارٽ ڪارڊ ان بعد هوندو ماني ڪارڊ پوئي پاڻي ڪارڊ، پوءِ قبرستان ڪارڊ ابا ڙي
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. Asif Ali Jhatial

    Asif Ali Jhatial
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2010
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    109
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    جونيئر ايگزيٽو_نادرا
    ماڳ:
    گلشن حديد ڪراچي
    اسمارٽ ڪارڊ هاڻي نادرا جي هر سينٽر تي ٺاهيو وڃي ٿو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هڪ نئين خبر سامهون آئي آهي۔۔۔ جنهن تحت پاڪستاني سيڪورٽي ايجنسين جي اعتراض کان پوءِ برطانيه ۾ نادرا طرفان سمارٽ ڪارڊ منصوبو ختم ڪيو ويو آهي۔۔۔
    جيتوڻيڪ اڳ پاڪستاني آئي ايس آئي هن منصوبي جي منظوري ڏئي چڪي هئي پر هاڻي ان جو چوڻ آهي ته هن منصوبي تحت پاڪستانين بابت حساس معلومات غلط هٿن ۾ منتقل ٿي سگهي ٿي۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    السلام عليڪم محترم ادا طاهر ممڪن هجي ته اسانکي وضاحت سان سمجهائيندا ته اسانجي علم ۾ پڻ واڌارو ٿيندو ، ڪهڙي ريت هن ڪارڊ جو دجال جي ويجهي هئڻ سان سان تعلق آهي؟ والسلام مع الاکرام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا ڳالهه ته پنهنجي جڳهه تي درست آهي، ۽ منهنجي خيال ۾ ان ڪارڊ جي لاڳو ٿيڻ سان ڪجهه اهڙا ماڻهون به سامهون ايندا جيڪي هڪ ڪارڊ تي سرڪاري ٻن نوڪرين جون پگهارون کڻي رهيا آهن ۽ اهي ماڻهون به سامهون ايندا جيڪي مري ويل ماڻهن جون پگهارون به کڻي رهيا آهن جيئن ٻين ادارن سان گڏ تعليم کاتي جو ٻوڙو ٻڏو پيو آهي۔ ۽ خزاني آفيس ۾ سون جي تعداد ۾ اهڙن فرضي ( مري ويلن ماسترن ) ماڻهن جون پگهارن جا بل ڀري ڪري ۽ مليجلي ڪري پگهارون کاڌيون وڃن ٿيون ۔۽ ڪو به خدا جو خوف ڪونهي، کين کان ڄڻ ته اهيو وسري ويو آهي ته کين مرڻو به آهي۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو