1- ڪرنل ليو نارڊ اسٽون انهيءَ ڪري مشهور هو، جو هو جڏهن به فوج کي ڪو حڪم ڏيندو هو ته هن جو آواز ٽن ميلن تائين آسانيءَ سان ٻڌي سگهبو هو. 2-”هوائي“ جي هڪ ٻيٽ ”ڪائي“ جي ڪناري تي اهڙي قسم جي واري هوندي آهي، جو ان تي هلڻ سان ان مان ڪتي جي ڀونڪڻ وانگيان آواز نڪرندو آهي. 3- يارڪ شائر جي ”ٽام ويڊر“ نالي هڪ شخص جو نڪ ساڍا ست انچ ڊگهو هو. 4- واٽر بوئنگ دنيا جو سڀ کان ننڍي قدم جو ماڻهو هو. هو قد ۾ ويهه انچ هو. هو جرمنيءَ جو رهندڙ هو، ۽ 48 ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو. 5-جاپان ۾ هڪ وڻ آهي، جنهن کي ”پهم“ چوندا آهن، اهو وڻ 500 سئو سال پراڻو آهي، پر اڃا تائين فقط ٽي فوٽ اوچو آهي. 6- اولهه آفريڪا ۾ ”ٽاماني“ نالي قبيلي جا ماڻهو انسان جي کوپري سان فٽ بال جهڙي راند کيڏندا هئا. 1- دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو بند اٽلي ۾ پائيو درياءَ تي آهي جو 813 فوٽ اوچو آهي. 2- آسٽريليا ۾ ٻٻر جو وڻ 150 فوٽن تائين اوچو ٿئي ٿو ۽ ان جي ڪاٺي ڪاري ٿئي ٿي. 3- آسٽريليا ۾ هڪ اهڙو وڻ ٿئي ٿو، جنهن جو ٿڙ بوتل وانگر ٿيندو آهي، جيڪڏهن منجهنس سوراخ ڪبو ته پاڻي نڪري ايندو، پوءِ کڻي ان علائقي ۾ سڄو سال برسات نه پئي هجي. 4-آسٽريليا ۾ اٽڪل ڏيڍ سئو ٿيلهي وارا جانور ٿين ٿا،جڏهن ته باقي دنيا ۾ رڳو ٻن قسمن جا ٿيلهي وارا جانور هوندا آهن. اهي سڀ گاهه کائين ٿا. انهن ۾ ڪينگرو مشهور آهي. 5- آسٽريليا ۾ هڪ عجيب جانور ”ايمو“ آهي جو اُٺ پکيءَ کان پوءِ دنيا جو سڀ کان وڏو پکي آهي. 1- عينڪون تيرهين صدي عيسوي ۾ ايجاد ڪيون ويون. 2- ڪيميرائون سورهين صدي عيوسي ۾ ايجاد ڪيون ويون. 3- دوربيني 1571ع ۾ ڪم آئي ۽ خوردبيني 1660ع ۾ ڪم آندي ويئي. 4- شيشو 1200 قبل مسيح ۾ ايجاد ٿيو. 5- راڪيٽ پهريائين 1959ع ۾ چنڊ ڏانهن موڪليو ويو. 6- 1961ع ۾ ميجر گئگرين نالي پهريون ماڻهو خلا ۾ موڪليو ويو. 7- 1939ع ۾ پهريون جيٽ جهاز تيار ٿيو. 8- 1931ع ۾ پهريون هيليڪاپٽر فضا ۾ اڏايو ويو. 9- 1895ع ۾ پهرين سينيما ايجاد ٿي.
ادا عرس پريو صاحب اسلام عليڪم۔ ماشالله بهترين معلومات ونڍ ڪري اسان جي ناليج ۾ اضعافو ڪيو اٿئو، سائين منهنجا توهان ته لڪل رستم نڪتو۔ ايڏو معلومات جو ذخيرو اوهان وٽ موجود هو ۽ اوهان هن اڳڻ کان غائب هئا، ٻيلي ڏاها ٿيو هڙي معلومات هڪدم ونڍ ڪندا ڪيو۔ بهترين ،بهترين ۽ بهترين۔
واهه يار واهه ۔۔۔۔ ڀلا ڪنهن ٽيسٽ جي تياري پيو ڪرين ڇا ۔۔۔۔؟؟؟؟ خير انهن مان گهڻن سوالن جا جواب ڪونه پئي آيا ۔۔۔۔ جيڪي وري شايد وسري وڃن۔