ملهه- سنڌ جي قديم ثقافت جو مظهر

'مختلف موضوع' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏6 نومبر 2012۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ملهه- سنڌ جي قديم ثقافت جو مظهر

    [​IMG]

    توهان سنڌ ۾ ”ميلا“ ڏٺا هوندا. ميلن ۾ توهان کي خبر آهي ته ٻين تفريحن سان گڏ سنڌي ملاکڙو به شامل هوندو آهي. ملاکڙي ۾ انهيءَ دور جا مشهور ”ملهه“ هوندا آهن، جيڪي ملاکڙي ۾ ملهه وڙهندا آهن. ملاکڙو اسان جي سنڌ سونهاري جو هڪ اهڙو انمول تحفو آهي، جنهن کي اسان غير قومن جي اڳيان فخر سان پيش ڪري چئون سگهون ٿا ته اسان جي سنڌ ۾ به هڪ قديمي ثقافت ”ملهه“ موجود آهي. ملهه، سنڌ جي سهڻي ثقافت جو اهڙو شاندار پهلو آهي، جنهن کي سنڌ جو هر ننڍو توڙي وڏو، جواب توڙي ٻُڍو پيار ڪري ٿو. ملاکڙي جي وقت ماڻهن جا ميڙ، پهلوانن جي زور آزمائيءَ تي واهه واهه ڪرڻ ۽ کٽندڙ پهلوانن کي انعام ۽ اڪرام سان نوازڻ سنڌي قوم جي خوش ذوقي ۽ فن پرستيءَ جا چِٽا اهڃاڻ آهن. هونءَ به فن سان محبت سنڌي قوم جي خاص خوبي پئي رهي آهي، ان ڪري ”ملهه“ سان محبت هڪ فطري نتيجو آهي. هن فن جا ماهر سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ اڄ به موجود آهن.

    ملهه وڙهڻ جو طريقو:
    سنڌ ۾ ملهه وڙهڻ جو روايتي انداز بنهه انوکو آهي. سڀ کان پهرين مڱڻهار فقير، دهلن ۽ شرنائين سان ملاکڙي جي ميدان تي رنگ رچائيندا آهن ۽ اتي پهچي پهرين ملاکڙي جي وڄت وڄائيندا آهن. ان کانپوءِ هر ڪو پهلوان پِڙ تي پهچي، پِڙ جو سلام ڪندو آهي يعني زمين تي هيٺ جهُڪي، پَٽ تي هٿ لڳائي، وري چپن ۽ ڪنن تي هٿ لڳائيندو آهي، جنهن کي ”مُجرو ڀرڻ“ چوندا آهن. (انهيءَ مُجري ڀرڻ ذريعي پهلوان تسليم ڪندو آهي ته منهنجي تڪبر ڪرڻ کان توبهه آهي وغيره). ان بعد وري سڀڪو ملهه پهلوان وڃي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ويهندو آهي. ٿوري دير بعد ملاکڙو شروع ٿيندو. سڀ کان پهرين پهلوانن جا پاڻ ۾ جوڙ ٺاهيا ويندا آهن. پهلوانن ۾ ڪُل ٽي جوڙ ٿيندا آهن. پهريون جوڙ، ٻيو جوڙ ۽ ٽيون جوڙ. البت ٻئي ۽ ٽئين جوڙ ۾ جونيئر ۽ سينيئر به ٿيندا آهن، يعني جونيئر پنهنجي درجي واري جوڙ ۾ اڃا ڪچا هوندا آهن ۽ ٻئي جوڙ جي ڪنهن سينيئر ملهه جي سينئارٽي سندس سروس موجب نه پر سندس وڌيڪ مضبوطيءَ، ۽ ڪاريگريءَ ۽ فن جي ڄاڻ ڪري ليکي ويندي آهي. ڪيترائي نوان ملهه جلدي ۾ ترقي ڪري ويندا آهن ۽ پراڻا انهيءَ ساڳئي جوڙ م ڦاٿا پيا هوندا آهن.
    اهڙي طرح جوڙ ٺهڻ وقت وري سڀڪو ملهه پنهنجي جوڙ سان سندرو ڪري، موٽي وڃي پنهنجي جاءِ تي ويهندو آهي. ڪجهه دير بعد وري ملاکڙو شروع ٿيندو آهي. سڀ کان پهريائين ٽين جوڙ جا ملهه ميدان ۾ ايندا آهن، ٽئين جوڙ جي هڪ- ٻه جوڙي جي وڙهڻ بعد وري ٻئي ۽ پهرين جوڙ جا پهلوان ميدان ۾ ايندا ۽ اچڻ سان وري به پنهنجي حريف جو سندرو درست ڪري تنهن کانپوءِ ملهه وڙهڻ شروع ڪندا آهن. ملهه وڙهڻ ۾ فيصلو ٻن ملهن ۾ ٿيندو آهي. هڪ پهرين ۽ ٻي پوئين.پوئين ملهه جيتڻ واري کي فاتح قرار ڏنو ويندو آهي. ملهن ۾ پهرين جوڙ جي پهلوانن جي ملهه، تمام گهڻي تور – تڪ واري ٿيندي آهي، هنن جي ملهه وڙهڻ وقت گهڻو ڪري ملاکڙي جا اڳواڻ ٻين ننڍن ملهن کي ويهاري ڇڏيندا آهن. پهرين جوڙ جا ملهه جڏهن هٿ ڳنڍيندا ته انهن کي هٿ وجهرائڻ وارو هڪ ٻيو شخص هوندو آهي، انهيءَ کي ”ٽياڪڙ“ ڪري چوندا آهن. ملهه وڙهڻ وقت ٻئي پهلوان پنهنجو هڪ هڪ سندري جي اڳئين پاسي کان پاڻ وجهندا آهن، ٻيو هٿ انهن پهلوانن جو ”ٽياڪڙ“ پٺيان ڦيرائي وجهرائيندو آهي. بعضي وقت تي انهن پهلوانن جا هٿ نڪري ويندا آهن، يا ته وري زور ڏيئي ٿڪجي پوندا آهن ته وري وڃي پنهنجي جاءِ تي ويهندا آهن، يا ته وري پاڻيءَ جي گُرڙي ڪري وري وڃي هٿ ڳنڍيندا آهن ۽ ساڳي ملهه ٻيهر شروع ٿي ويندي آهي. حاصل مطلب ته پهرين جوڙ وارن جي ملهه تمام ڏُکي فيصلو ٿيندي آهي ۽ تمام دلچسپ هوندي آهي. باقي ننڍن جوڙن جي ته سَٽ سَٽان لڳي پئي هوندي آهي. هٿ پيو ۽ مڙس ويو.

    ملهه جا خاص انگ:
    ملهه وڙهڻ ۾ ڪافي انگ اکر ٿيندا آهن. انهن سڀني انگن جا نالا کڻڻ يا انهن جي تشريح ڪرڻ سان مضمون تمام گهڻي واڌ کائي ويندو، تنهن ڪري خاص مروج انگ ۽ انهن جي تشريح پيش ڪجي ٿي.

    وارو ڪرڻ:
    ٻه پهلوان جڏهن پاڻ ۾ مقابلو ڪندا آهن تڏهن هڪ پهلوان پنهنجي مد مقابل پهلوان کي واري ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي بدن ۽ ٽنگن کي مضبوط جهلي پوءِ پنهنجي مقابل پهلوان کي وارو ڪندو آهي. وارو ڪرڻ لاءِ هڪ پهلوان پنهنجي مد مقابل جي ٻنهي ٽنگن جي وچ ۾ پنهنجي هڪ ٽنگ، جنهن تي هن کي پورو ڀروسو هوندو آهي، ان سان پنهنجي مدمقابل کي مٿي کڻي پوءِ دسڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.ان انگ کي وارو ڪرڻ چيو ويندو آهي. ان واري ۾ گهڻا ملهه هڪڙو وارو ڪندا آهن ته ڪي وري ٻه – ٽي يڪا وارا به ڪري ويندا آهن ۽ ڪي ملهه ته وري وارو ڪري اُڇلي ڇڏيندا آهن. هن انگ ۾ مد مقابل کي واري تان بچڻ بعد پنهنجو ڪو اعتماد وارو داءُ استعمال ڪرڻو پوندو آهي.

    مڪڙو ڦاسائڻ:
    هن داءُ ۾ جڏهن ٻه ملهه مقابلو ڪندا آهن ته هڪ ملهه ٻئي کي مٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ مد مقابل وري پاڻ مٿي کَڄڻ بعد هن کي سندس ٽنگ جي بُڪيءَ (پِنيءَ) ۾ انگڙو ڦاسائي ڇڏيندو آهي. هن داءُ کي مڪڙو ڦاسائڻ چيو ويندو آهي.

    ڦنڊو-لاپڙيو:
    جڏهن ٻه پهلوان، ملهه وڙهڻ لاءِ هٿ ڳنڍي ڇڏيندا آهن ته اُن بعد وري ميدان ۾ پيا چُرندا ڦُرندا آهن، انهيءَ دوران ٻئي پهلوان ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن سامهون واري کي ڪو داءُ هڻجي. انهيءَ اوچتي داءُ ۾ ٽنگ کي ٿُڏو هنيو ويندو آهي، جنهن ۾ اگر سامهون وارو هوشيار نه هوندو ته ڪِري پوندو آهي. هن داءُ ۾ هوشياري ۽ چالاڪي ٿيندي آهي.

    جانٺو هڻڻ:
    پهلوان جڏهن ميدان تي زور آزمائي جو مقابلو شروع ڪندا آهن ته انهن مان هر هڪ پهلوان ٻئي کي پهرين جانٺو هڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جانٺو هڻڻ ۾ ڪافي انگ ٿيندا آهن. مثلاً کٻيءَ ۾ جانٺو، سڄيءَ ۾ جانٺو، اندريون جانٺو وغيره. جانٺو لڳڻ بعد گهڻي قدر ملهه ”کَسَ“ ڪندا آهن: يعني جڏهن سامهون وارو پهلوان کيس جانٺو هڻي ته پاڻ وري انهيءَ جانٺي لڳل ٽنگ کي پاڻ ڏانهن ڇِڪي ويندو آهي ۽ پوءِ پنهنجو ڪوبه اعتماد وارو داءُ استعمال ڪندو آهي. شوقينن جي ٻوليءَ ۾ چوندا آهن ته فلاڻي جانٺو ته ڏاڍو هنيس پر همراهه کَسَ ڪري ماري ويس.

    مُن يا مونڙي:
    هن انگ ۾ مقابلو ڪندڙ ٻئي پهلوان پنهنجو پنهنجو ڀروسي وارو گوڏو، گوڏي سان لڳائي بيهندا آهن. هن انگ کي ڪي شوقين وري گوڏي جو زور به چوندا آهن. هن انگ ۾ ملهن جي هارجيت جو فيصلو نه ٿيندو آهي، فقط هڪڙي قسم جي اَڙي ۽ گوٿناٿي ٿيندي آهي. هن انگ ۾ شوقين گهڻو ڪري بيزار ٿي پوندا آهن.

    پُٺو يا پاسو هڻڻ:
    هن داءُ ۾ مقابلو ڪندڙ پهلوانن مان هڪ پهلوان پنهنجي حريف کي ٻانهن جي طاقت سان وٽ ڏيئي، ٽنگ جي ڍاڪ تي آڻي پوءِ ڪيرائيندو آهي. هن داءُ کي پُٺو هڻڻ يا پاسو هڻڻ به چوندا آهن. هن داءُ ۾ بچاءَ جو امڪان بلڪل گهٽ هوندو آهي.

    ٻلهڻ يا ٻلها ٻاڙي:
    هن انگ ۾ جڏهن ٻه پهلوان مقابلو ڪندا آهن ته هڪ پهلوان ٻئي پهلوان جي سڄي ٽنگ ڏانهن پنهنجي سڄي ٽنگ، يا کٻي ٽنگ ڏانهن پنهنجي به کٻي ٽنگ، ٻاهرين پاسي ڏانهن ڪري، مد مقابل جي ٽنگ سان ملائي پوءِ هن کي ٿورو پاسيرو زور ڏيئي ڪيرائيندو آهي. هن انگ کي ٻلهڻ يا ٻلها ٻاڙي به چيو ويندو آهي. هن انگ ۾ بچاءَ ڪرڻ به وس کان ٻاهر هوندو آحي. اڪثر ڪري چوندا آهن ته ميان، فلاو ڏاڍي سُڪي ٻلهڻ ڪري ويس.
    ملهه وڙهڻ ۾ ٻيا به ڪافي انگ ٿيندا آهن، مگر اهي انگ وري عام طرح استعمال نه ٿيندا آهن ۽ نه ئي وري اهي انگ سڀڪنهن نئين ملهه کي ايندا آهن. ڪو جهونو پهلوان هوندو آهي انهيءَ کي اهي سڀئي انگ ايندا آهن. سڀني پهلوانن ۾ ڪنهن خاص انگ هڻڻ جي صفت نه هوندي. پهلوان مقابلو ڪرڻ وقت جيڪو به داءُ لڳو سو استعمال ڪري ويندو آهي، باقي هونئن عام طرح سان پهرين ۽ ٻي جوڙ جي پهلوانن ۾ خاص ڪري پيرن ۽ هٿن جي ڦُڙتي ضرور هوندي آهي، هو وڙهڻ مهل هٿ به تمام هوشياريءَ سان وجهندا ۽ پير به تمام مضبوطيءَ سان جهليندا آهن، ڇاڪاڻ ته هٿن وجهڻ مهل هيءَ هوشياري ڪرڻي پوندي آهي ته جيئن اڳيون مقابلو ڪندڙ پهلوان يڪدم جهَٽِي نه ڪري وڃي. جهٽيءَ وارو داءُ به عجيب ۽ ٺڳيءَ وارو ٿيندو آهي. هن داءُ ۾ جنهن وقت هٿ اڃا پوندا مَس ته ٻيو پهلوان يڪدم هن کي ڪو به داءُ هڻي دسي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح سان مٿين انگن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي انگ ٿيندا آهن.
    پيارا ٻارو! ملهه وڙهڻ ڪا خراب ڳالهه نه آهي. هيءَ ته پاڻ هڪڙي قسم جي ورزش آهي، جيڪڏهن اسڪولن ۾ رائيج ڪئي وڃي ته ڪيترائي ڇوڪرا پهلوان ٿي وڃن. مگر افسوس جو هن طرح ڪوبه توجهه نه ڏنو ويو آهي.
    گل ڦل تان ورتل
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ملھ بابت تفصيلي معلومات ، بهترين ڄاڻ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي قديم ۽ ثقافتي راند بابت سهڻو ونڊ۔

    عوامي آواز ۾ ڇپيل هڪ ڪالم پڻ ساڳي ئي سلسلي ۾ هتي ونڊ ڪجي ٿو۔

    قديم ثقافتي راند ملهه
    ساٿي محمد صالح ڪاتيار

    ملهه هڪ قديمي راند آهي، يونان ۽ دنيا جي ملڪن هڪ طاقت آزمائي جي راند هلندي پئي اچي, هن راند ۾ طاقت جو مظاهري سان هڪ ٻئي کي ڪيرائي انگ استعمال ڪري جيت حاصل ڪئي ويندي آهي۔ اسان جي سنڌ جيڪا بزرگن جي پر امن ڌرتي آهي, سنڌ ڌرتي ماءُ مثل آهي۔ اڳ سنڌ ۾ ملهه راند کي وڏي اهميت حاصل هوندي هئي, طاقت جو مظاهرو شان ۽ مان سان ڏٺو ويندو هو, اها راند مختلف ملڪن ۽ ملڪ جي حصن, سنڌ ۾ ميلا ملاکڙا ڪري اتي وڙهي ويندي هئي۔ ميلن ۾ ماڻهن جو پاڻ ۾ رابطي جو ساليانو ڪارڻ به هو۔ جنهن ميلي جي ملاکڙي ۾ ملهه نه هوندي هئي ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ اهو ميلو اهميت وارو نه هوندو هو۔ واپسي تي ڳوٺن ڏانهن وڃڻ وقت ڳوٺاڻا پهريائين ملهه جو ذڪر پڇي خوشي جو اظهار ڪندا هئا ۽ ملهن جي ملهه جي ڳالهه ٻڌي انهن کي داد ڏيندا هئا۔ سنڌ ۾ جڏهن ڪمشنري نظام هو ته هر ضلعي ۾ ملهه تفريح لاءِ ميلا لڳايا ويندا هئا۔ سنڌ جي بزرگ هستين جي درگاهن تي ميلا لڳندا رهن ٿا, اتي ملهه راند سڀني جو مرڪز هوندو آهي, شام جو ملهه پهلوان ميدان ۾ لهي جڏهن طاقت جو مظاهرو ڪندا ؛هن ته ڏسندڙ هوڪرا, نعرا هڻي تاڙيون وڄائي ملهن جي جذبي کي اڀاريندا آهن۔ ميلن ۾ ماڻهو پٽ تي ويهي يا ڪرسين تي, پيهن تان مٿان ويهي ملهه راند ڏسي تفريح حاصل ڪري خوش ٿيندا آهن۔

    ميلا ملاکڙا تفريح سان گڏ هڪ ملڻ جو ذريعو به آهن۔ ملهه جي راند اهميت واري راند, هڪ طاقت جو مظاهرو نمائش طور آهي۔ سنڌ جا نامور مشهور پهلوان طاقت جي زور آزمائي ڪري ماڻهن کان انعام جا مستحق ٿي ويندا آهن, انهن کي داد لاءِ دل و جان خوشيءَ سان پئسا ڏئي همٿ افزائي ڪئي ويندي آهي, ملهه راند جي شروعات دهلن, شرنائين سان ڪئي وڃي ٿي, جڏهن ملهه ميدان ۾ اچي سنڌ سر زمين جي سلاميءَ کانپوءِ اﷲ جو نالو وٺي طاقت لاءِ ميدان ۾ لهن ٿا پوءِ هڪ ٻئي جا سندرا ٻڌي ملهه وڙهن ٿا, انهي ملهه ۾ انگ اکرن سان ملهه دسي ڪاميابي ماڻي وڃي ٿي۔

    ملهه راند جي شير لقب ماڻيندڙ شير ميربحر هڪ دنيا جي انگريز سان مقابلو ڪيو جنهن ۾ سندس جيت ٿي ۽ حڪومت کان انعام حاصل ڪيو۔ اهو انعام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن وزير خارجه هو ايوب خان جي دور ۾ شير کي 80 ايڪڙ زمين منظور ڪري انعام طور ڏني وئي۔ ان کان علاوه يڪو خاصخيلي, اڪرم پهلوان گاما اسٽيڊيم ميرپورخاص ۾ ملهه جي مقابلي ۾ دسي 25 ايڪڙ زمين انعام طور حاصل ڪئي۔ انگريز جي دور ۾ ضلعي ٺٽي ۾ پهلوان انب شيدي جي پيءُ کي پهلواني جي ڪري زمين ڏني وئي۔ بکر شيدي پهلوان کي سردار پنجاب انعام ۾ کيس زمين آڇ ڪئي, هن رقم داد طور گهري جڏهن رقم ملي ته کپائي ڇڏي پر زمين نه وٺي سگهيو هن مجبوري ڏيکاري داد مليل پئسا کپائي ڇڏيا۔ رستم سنڌ لقب ماڻيندڙ سيد سمن شاهه پهلوان کي گورنر سنڌ عباسي جي دور ۾ کيس ۽ ٻين 20 سنڌ جي ملهن کي به 16 ،16 ايڪڙ زمين ڏني وئي۔ سنڌ ۾ ملهه ايسوسيئيشن جو بنياد ۱۹۸۲ع ۾ وڌو ويو۔ شير گوپانگ خيرپور, لاڙ جو ملان شيدي, ٽنڊو قيصر بکر شيدي, انب شيدي, قلب علي جتوئي, شاهنواز ملاح, خدا بخش هالو, در محمد عالماڻي, بهرام شر, محمد بخش بڙدي, الهه جڙيو سمون, محمد رمضان پاڏو, غلام قادر لغاري, حاجي خشڪ, صيفل برهماڻي, بهرام خاصخيلي جو هاڻي ملهن جو ڪوچ سنڌ اسپورٽس بورڊ طرفان آهي جيڪو هن وقت ملهن کي سکيا ڏيندو آهي۔ ان کي 70 ايوارڊ سٺي ڪاڪردگي ڪري ڏنا ويا آهن۔ پهلوان دنيا ۾ مقابلو ڪري ايوارڊ حاصل ڪري چڪا آهن, انهن سنڌي ثقافتي ملهه جو مان ۽ شان مٿانهون ڪيو آهي۔ ملهه ارباب علي ڀٽي, قمبر , عبدالغفور مينگل, الهڏنو اعواڻ, سليمان مينگل, شير محمد شيخ, خير محمد ڀٽي, نديم پالاري, عبدالغفور جهتيال, الهداد ملاح, اقبال بروهي, ڪريم بخش شيخ, شمس الدين عرف حسين برفت, مختيار عالماڻي دنيا ۾ ملهه مقابلن ۾ حصو وٺي ثقافتي راند سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي۔ پنجاب مان بشير چاچڙ, شير چاچڙ ٽئين پوزيشن حاصل ڪري ڪپ ۽ انعام حاصل ڪيا۔ الهداد راهو 17 ملڪن جي مقابلي ۾ سونو تمغو ڪرغستان روس ۾ حاصل ڪيو۔ پرويز اعواڻ پهلوان ملهه مقابلي ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي۔ دنيا جي مقابلي کٽڻ کانپوءِ ملڪ ۾ سيڪريٽري اسپورٽس بورڊ طرفان پڻ انهن کي ۲, ۲ لک ڏنا ويا۔ اهي پئسا راندين واري وزير منظور ڪيا۔ هن وقت ثقافتي راند ملهه ۾ مقابلا هيٺيان نوان ملهه ڪري نمايان آهن۔ اهي به محنت ڪري هن راند ۾ سنڌ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ جو عزم رکن ٿا, پر سهولتن جي اڻهوند ۽ حڪومت طرفان مڪمل ساٿ نه ملڻ ڪري هو پنهنجي فن کي وڌيڪ اجاگر نه ڪري سگهيا ؛هن۔ ملهه پهلوان هن وقت جيڪي مقابلو ڪن پيا, انهن ۾ علي نواز پنهور, مير ڊکڻ, صفدر عالماڻي, ماجد ڊکڻ, قربان هوتيپوٽو, جان محمد لنڊ, علي نواز ميتلو, جان محمد بگٽي, مصطفيٰ ٺارو, راهب ٽڳڙ, رحيم بخش شيدي, لطف علي عرف ڀالائو شيدي, صاحب ڏنو هوتيپوٽو, زاهد ملاح, واحد ملاح, مبارڪ ملاح, برڪت ملاح, سجاد ملاح, سيد جانب شاهه, بلوچستان جا پهلوان, ممتاز گولو, بابو شيدي, عبدالجبار گلدستو خاصخيلي, نياز سوهو, نبن ڪٽوهڙ, نور محمد بروهي, محب بروهي, عاشق کوسو, ممتاز جوکيو, شير خان خاصخيلي, هن وقت ڪراچي جي ڳوٺن ۽ سنڌ جي بزرگ هستين جي درگاهن جي ڏهاڙن تي ملهه وڙهي داد حاصل ڪري رهيا آهن.

    گذريل سال سچل ڳوٺ ۾ ڪرايل ملهه مقابلن جي تفصيلن لاء سنڌ سلامت جي هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو۔

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    سائين وساڻ صاحب۔ اسلام عليڪم ۔سنڌ جي قديم راندين مان ملاکڙي جو پنهنجو تمام وڏو مقام حاصل آهي۔هن جو طريقو پرڻي رومين جي زماني واري ڪشتي جيڪا قيدين جي وچ ۾ ڪرائي ويندي هئي سان ملندڙ ۽ جلندڙ آهي۔هن اسان جي ثقافتي راند کي حڪومت جي طرفان همٿ افزائي ٍجي تمام سخت ضرورت آهي۔هن قسم ٍجا ميل ملاکڙا هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ ٿيڻ گهرجن۔
    جيڪڏهن توهان صحتمند معاشرو چاهيو ٿا ته هن قسم جي راندين کي فروغ ڏيڻو پوندو جيئن سچل ڳوٺ جا سڄڻ پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تحت ملاکڙا ڪرائي ،ان کي ڪراچي جهڙي ميگا شهر ۾ روشناس ڪرائي رهيا آهن۔اهڙي نموني هر ڪنهن کي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ ملاکڙي جي مقابلن جا پروگرام رکي نئين ٽهي کي ان راند جا آداب سيکارڻ پوندا۔ايئن نه ٿئي ته اسان جي پياري سنڌ جي هي قديم راند پنهنجي اهميت وڃائي ويهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو