سخاوت ڳچيءَ پئجي وئيڊاڪٽر محبت ٻرڙوهوشيار ٿي گھم ٻچا. هن حصي کي گاڏين جو کاتو چيو ويندو آهي. ۽ اهو به ڄاڻين تو ته اڄ ڪلهه ڊرائيورن کي ليسن (لائيسنس) مفت پيا ملن. ڀلا مصيبت به ڪهڙي اچي ڪڙڪي ٿي. (شاگرد ماڻهوءَ لاءِ پويون ڏينهن وڏي مصيبت آهي.) نَوي پيسا، نوي پيسا، نوي پيسا، پيو ڪندو وتين. ائين ٿيندو آ! مهيني جي پوئين تاريخ پويون ويلو. اڄ کڻي ماني نه کاڌءِ ته ڇا ٿي پوندو؟ سڄو ڏينهن به ته پاڻيءَ تي تڙڳي گذاريو اٿئي! سڀاڻي هونئين ئِي اسڪالرشپ ملندءِ. باقي ڇا گھرجئه... پرواهه ناهي. پر بک!؟ بک ڪيئن سهي سگھندس؟ پوءِ پٽ! تو کي ڪير ٿو چوي ته شهنشاهن وارو خرچ ڪر؟ هٿ ڦاڙ! هر ويلي گوشت! هر ويلي ڪڪڙ! آنڊن ۾ ڦَٽ ٿي پوندءِ، چريا! پيسا گھرائي گھرائي مالڪن کي چريو ڪري رکيو اٿئي. ڪا دال!؟ ڪا سبزي!؟ ڪا ڀاڄي!؟ مڙيوئي ويلو ٽارڻو. نوي پيسا اٿئي نه، اڄ کڻي دال کاءُ!؟ دال!؟ (دال جهڙو ٻيو حرامي ٻوڙ ڪونهي.) پوءِ ڀلا سبزي!؟ (دست ڪندي.) آخر ڪجھ ته ڪرڻو آ؟ گڙ گڙ پئي پوي پيٽ ۾، صبح لاڪون لنگھڻ ڪٽيو آ، ماشاءَ الله، کڻي دال ٿو کاوان. پوءِ ڀلا سستي ماني ڪٿي ملندي؟ اها خبر به ڪا نه اٿِي. ايئرڪنڊيشنڊ، ايئرڪنڊيشنڊ پئي پوندءِ، خواهه مخواهه اٺ ٻارنهن آنا ٽپ ڏيڻي پوي، بل وري آنڊا ڊاهه (هاضمو ئي خراب). جيڪڏهن ڪُنڊ پاسي ۾ ڪو سستڙو هوٽل تاڙين؟ ڪيڏا نه مزا. بچت جي بچت، کاڌي جو کاڌو. پر!؟ اڳي جديد دانشڪده ۾ جو مَک پيل ٻوڙ مليو هو. (مک نه ملندءِ ته گڏهه، گھوڙو ملندءِ؟) انهن مکين ئي ته انهن غريب هوٽلن کان ڀڄايو. پڻهين به غريب ابن غريب آ... پٽ! پوءِ هاڻي ڪاڏي هلان؟ نمعت ۾؟ بخارا ۾؟ رحمت ڪده ۾؟ (نالا ته سٺا رکيا اٿئون پر لاهيندا چَتيون.) نالا ئي ابتا ٿا رکن. جديد دانشڪده ۾ ويٺل هڙئي بيوقوف هئا. ٺيڪ آ، پوءِ سلطان هوٽل ۾ ٿو هلان. ويهه. ٽيبل تي مئل مکين جو خيال نه ڪر. دل گاؤن ماؤن پئي ڪري. بي نؤسو ٿي ويهه. هوشيار. ڄاڻ فرشتو اچي نازل ٿيو. هي هي، آيو آيو. (ڪڙڪيو اچي نڀاڳو.) اکيون نه مرڪاءِ. ٽيڏو نه ٿيءُ، پڇينس ته دال گھڻي؟ هائين ٻارنهن آنا!؟! (۽ پندرهين پيسين هڪ ماني؟) مري ويس، بيرا ڀائي! في الحال پاڻي کڻي آءُ. ڀڄ هوٽل مان ته کڻي نه اچئي دال. آ... ها... هاڻي ٿڌي ٿڌي هوا کاءُ، پٽ! نه، ٿڌي هوا نه کائيندس. ڪَلُو ڀائي جا پڪوڙا کائيندس. واهه جو خيال آيو آ. شاباس مون کي. اٺين آني جا پڪوڙا. ٽيهين پئسي ٻه مانيون. ڏهه پئسا ڀاڙي جا. (هونئن ته ڪنڊڪٽر کي چئبو ته اڳيون سنگتي ٽڪيت وٺندءِ، ته به ٽري ويندو، پر بي ايماني ڇو ڪيان؟) ڀلا جي پنجٽيهن پئسن جا پڪوڙا ۽ ٽي مانيون؟ ڪهڙو خيال آ؟ خيال ته گلاب جو گل آ. وٺ پنجٽيهن پئسن جا پڪوڙا. هل سائين هاڻي هل. پڪوڙا ته واهه جا ڪوسا آهن! هاڻي ڪهڙي پاسي وڃان؟ اسٽيشن روڊ تي، سبحان الله ريسٽورينٽ ۾! ٺيڪ آ. ڪا ڪنڊ پاسي ڪرسي وٺي ويهه. ماڻهو ڏسندا ته ڇا چوندا؟ ٻه گِراٺيون وار! ريشمي ڪپڙا! اڀيءَ کڙيءَ وارو بوٽ! ۽ پڪوڙن سان ماني! (ماڻهن جي پيءُ جي گھران ٿو کاوان ڇا؟) لهرايان ڇو؟ وچ ۾ ويهندس. ڏسان ٿو ته ڇا ٿا ڪن؟ ٽي مانيون کڻي آ... ۽ هڪ پليٽ... بسم الله ڪر. (سيڪيل ڪڪڙ سمجھي کاءُ.) (شايد ڪنن تي ڪو آواز پيو پوي.) ”خدا ڪي نام پي بابا! ”نابينا هون، بَهت ڀُوڪا هُون. ”بچي ني ڀِي نهين کايا.“ لاحول ولا، لاحول ولا... پر پٽ! ڪم نه ٺهيو. چڱو ڀلا، اڄ ڪا سخاوتڙي ڪر. وڏا وڏا ولي عمدا عمدا کاڌا به فقيرن سان گڏ کائيندا هئا. تون کڻي ننڍڙو ولي ٿي، يا ٿيڻ جي ڪوشش ڪر. ٺيڪ آ. ويچارڙي نينگرڙي به گڏ اٿس. ٻارڙي آ، بک لڳي هوندس. ”مني، اِڌر بيٺو، ”بابا ڪو ڀي بٺاؤ، ”ميري ساٿ کانا کاؤ.“ ٻيلي فقير شڪريو بجا پيو آڻي! آهي ته ڪو ڀلڙ ماڻهو. پر هيءَ ڇوڪري ڇو نه ٿي کائي؟ هائين!؟ پيٽ تي هٿ پئي ڦيري. (پيٽ ڀريل اٿس!) آهستڙي، آهستڙي، ذرڙي ذرڙي ڪري پيو کائي. ڪيڏو نه سادڙو آ ويچارو. شايد مون غريب جو پيو خيال ڪري. معصومڙو، سٻاجھڙو، غريبڙو. هائين!؟ شايد هي پَرينءَ اک مان ڏسي پيو!؟ (خير کڏ ۾ وڃي پوي، هِي به، ته هن جي اک به.) اڙي منهنجي گھورڻ تي بند ڪري ڇڏيائين. ٺيڪ آ منهنجو ڇا وڃي؟ ”بابا کائونا، مين غريب هُون، پڪوڙي کا رها هُون... تم ڀي کاؤ.“ او هو!؟ هي ڇا پيو چوي؟ ”اڀي روزه افطار ڪيا هي!“، ”پڪوڙي بهت کائي هين!“، ”پيٽ ڀرا هوا هي!“، ”سالن سي کاؤن گا!“ مار! هي به گوشت نوش فرمائيندو؟ يا منهنجا مولا، تون پناهه ڏج، هي مڪر به ڏٺو. ”ڀوڪا هون! ڪڇ ڀي نهين کايا!“ ۽ وري ٿو چوي، ”اڀي پڪوڙون سي افطار ڪيا هي.“ ٺيڪ آ، مان ته کاوان. ڇو اچي هن ويل ۾ ڦاٿس. پنهنجو ته پيٽ ڀريان. گرهه ئي نه کنيم ته اچي ڀوت جيان نازل ٿيو. لوٽي ديسان! ٻچي ٻچي جو پٽ! اڳهون ته سادو پيو چوينس، من! (سادو نه، سادگي جو پٽ). مڪار... ڪنو. او هو هو هو! ڇوڪريءَ کي پيو چوي ته بيري کي سڏ ڪر؟ مارائي نه؟ ”اڙي بابا! ميري پاس تو پيسا ڀي نهين هي. ”سالن ڪي سي کاؤ گي؟“ هائين! هن وٽ پيسا آهن! واهه واهه! فقير ته ڪو امير جوان آ. ٺيڪ آ. ٻوڙ گهرائي ته مان به ٿو هن سان گڏ کاوان. چَهر ته ڪيان. پڪوڙا ته اڳرن ئي ڪو نه پيا. مار! فقير ته چالاڪ آ. بَها پيو پڇيس. هينٺ ٿس! خبر پيس نه! (ڪيتري ويهين سؤ آ؟) ڏيڍ رپئي گوشت ٻڌي نڪ ئي ڦِسي پيس. ٽيڳر ئي موڪلائي ويس! ڏاڍي ڊگر پيو ڪري! هليو هو مڙس گوشت کائڻ. ”بس بابا پڪوڙي کاؤ. ”ڀوڪ ۾ تو پياز ڀي اڇي لگتي هين.“ اڙي هي ڇا ٿو چوي؟ ”گھر جا ڪر کاؤن گا، اڀي پيٽ ڀرا هوا هي.“ هون هون، هي مانيون ڇو پيو ويڙهي؟ اڙي گڏهه، وٺ ڪرينس. هي ته مورڳو مانيون ئي کنيون پيو وڃئي!؟ اڙي! وات ڇو پٽجي ويو اٿئي؟ (بند ڪر ته مَک نه گِھري وڃئي.) اڙي! هي ته پڪوڙا به پيو ويڙهي. وائڙو ڇو ٿي ويو آن؟ (هي جسم تي ڪوليون ڇو پيون ڊوڙنديون محسوس ٿين؟) (هي ڪنن ۾ سيسڙاٽ ڇو پيا اڀرن؟) اڙي بابا! هي فقير ته کسڪيو پيو وڃئيَ! اوهه، هي ويو. (مٿي کي چڪر ڇو پيا اچن؟) (اکين آڏو اوندهه پئي ڇانئجي.) اکيون مهٽ، ڊوڙ پاءِ. اري چريا! پڪوڙا، ماني، ويا! ڊڪ! وٺ ڪرينس.