اڄ جا سورهيه

'ڪهاڻيون' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏7 نومبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ڪهاڻي
    اڄ جا سورهيه
    ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
    مَسَ مَسَ بس اولڊ ڪيمپس وٽان چُري، حيدر چوڪ مُڙي، جرنيل اعظم شهيد هوش محمد شيدي روڊ تي ڊوڙڻ شروع ڪيو. سياري جي موسم رات جا ڏهه ٿي رهيا هئا. مان بس ۾ عورتن وارِي پهرين (ڊرائيور جي پويان) سيٽ تي ويٺل هئم. اڄ عزيزن کان موڪلائيندي دير ٿي وئي، ڊڪي ڊوڙي اچي يونيورسٽي ويندڙ آخري بس پڪڙي هئم. چئن جي سيٽ تي اسان ست ڇوڪريون ويٺيون هيون سي. مان وچ ۾ هئم. ڇوڪرا هيڏي هوڏي در درين (خاص ڪري ڊرائيور ويجھي) مان زور لڳائي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ڊرائيور جي چوڌاري ڏنل پائيپن جي ڪٽهڙي تي ڪيترائي ڇوڪرا ويٺا هئا، ڪجھ ڊرائيور جي ساڄي پاسي دٻيا پيا هئا ۽ ڪيترائي سامهون واري شيشي سان ڳاهٽ ٿيا پيا هئا.
    ”اڙي يار، زور نه ڏيو...“ آواز ڪن پيم، ڄڻڪ پيٽ ۾ وٽ ٿيو هجيس، آهستي ڪنڌ ڦيرائي کاٻي طرف ڏٺم. قد جي ڊگھي سنهڙي سيپڪڙي، ڏانداري جهڙا ڏند ڪڍي، ڏونگھي ۽ ڊگھي مٿي واري شڪل، واڇ ڇيڪي، اهڙو منهن بگاڙيو، ڄڻڪ هُو آخري ڇيڙي تي ويٺل ڇوڪريءَ مٿان ڪرڻ نه چاهيندو هجي (جڏهن ته هو اڳ ئي ايترو ليٽيو پيو هو جو ڇوڪري ويچاري ڪُٻي پئي ٿي. هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪيون ويٺي هئي). سيپڪڙي تارا ڦيرائيندي بس جي پوئين حصي ۾ ڪنهن کي گھوري اک ڀڳي.
    ”ڏي خبر، مزي ۾ آهين نه؟“ ٺيٺ ٻهراڙيءَ جو لهجو، ليڊيز سيٽ پويان ڪٽهڙي ڀرسان هڪ آواز آيو.
    ”هتي ته گرمي ئي گرمي آهي.“ هن ڏندن کي وڌيڪ ظاهر ڪندي چيو. مون ڪنڌ هيٺ ڍرڪائي ڇڏيو. سوچيم: پراوَن تي ڪهڙي ميار، هي پنهنجا به اسان لاءِ ڪوئي جذبو نه ٿا رکن. جيڪڏهن اها ڇيڙي واري ڇوڪري پٺيان بيٺل نينگر جي سڳِي ڀيڻ هجي ها، ته هن ڏند ڇيڪي کي، اهڙي سيکت ڏي ها جو...“
    گاڏيءَ هير آباد وارو ٽرن ڪٽيو.
    ”اڙي... اڙي يار! ڪجھ ته خيال ڪيو...“ ساڳيو ئي ڇوڪرو ڇيڙي واري ڇوڪريءَ مٿان ٿي ڪريو. ڪٽهڙي ۾ هٿ وجهي اهڙو مهانڊو بگاڙيائين، ڄڻڪ سڌو ٿي بيهڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪندو هجي. سوچيم: ”ڪيڏا نه مڪار ۽ حرفتي، ايڪٽر ۽ دوکي باز آهن، پر ان ۾ انهن جو ڪهڙو ڏوهه! پنهنجي فطرت کان مجبور آهن... اسان جي پنهنجي اکين جو پاڻي ڇو مري ويو آهي!“
    ”اي ابا! ٿڌي هوا ٿي اچي، اها دري ته بند ڪيو.“ ڪٽهڙي جي پويان واري سيٽ تان آواز آيو ۽ وري ”هي... هي... هي...“ ٽهڪڙو.
    ساڄي طرف ڪنڊ ۾ ويٺل ٿلهي ڇوڪري نعيمه تي اکيون کپائي ڇڏيم، جا هن قهر جي سرديءَ ۾ به دري کوليون ويٺي هئي. نعيمه منهنجي ڪلاس فيلو هئي.
    هوءَ اهو ٻڌائيندي ذرو به نه هٻڪندي هئي ته کيس ميڊيڪل ۾ داخلا لاءِ ٻهراڙيءَ جو ڊوميسائل صرف اٺن ڏهن ٽوڪرن جي قربانيءَ سان مليو هو. پٺيان چيل جملو ٻڌي منهن تي مرڪ پکڙجي ويس، ٿڌي هوا لڳڻ ڪري نڪ مان ٽسو وهي آيو هوس، تنهنڪري نڪ تي رومال اهڙي ته نزاڪت سان رکيائين، ڄڻڪ ان ۾ ٻين جو ڏوهه هجي.
    ”ڊرائيور... ابا آهستي... هيڏي نڪ مان سنڌو ٿو وهي.“
    وري ٽهڪڙو ٻڌڻ ۾ آيم. نعيمه تڪڙ ۾ ڪنڌ پوئتي ورايو، ڏند ڪڍي وري سڌي ٿي ويٺي. پوئتي وري ٽَهه ٽَهه ٿي وئي. مون سوچيو ته منهنجن ڀائرن جي ذهنن ۾ ايڏي گندگي ۽ غلاظت ڀرجي وئي آهي، جو نڪ مان وهندڙ ٽسي کي سنڌوءَ جو پاڻي پيا چون.
    سنڌو... ڪاڏي سنڌوءَ جي عظمت، ڪٿي ان جو پوتر پاڪ پاڻي، ۽ ڪاڏي...!
    ”اف! اسان پاڻ ئي پنهنجي سورهين جي سورهيائيءَ سان اڏيل تاريخ کي لٽي ڇڏيو آهي؟ ڇا اسان ڄام ابڙي سَمي ۽ ممٽ کي مٽيءَ ۾ دفن ڪري ڇڏيو آهي؟ ڪٿي اسين شاهه جو پيغام ته نه ڀلائي ويٺا آهيون؟ ڇا هي اياز، تنوير، شمشير، قمر، امداد، انور کي مورڳو ٻڌندا ئي نه آهن؟“ اکين ۾ ڳوڙها تري آيم. مون ڪنڌ موڙي اڄ جي سورهيه جوڌن جو ديدار ڪرڻ گھريو. ڪٽهڙي پويان پهرين سيٽ تي ويٺل ٻن سنڌي ٽوپي پهريل نوجوانن هڪ ٻئي کي ڪتڪتايون پئي ڪڍيون. اوچتو هڪ جي نظر مون تي پئجي وئي، ٻئي کي ٺوٺ هنيائين ۽ پوءِ ٻئي کلڻ لڳا، ڄڻ ڪا کيپ کٽي هجين.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر محبت جا احساس پڙهي مان ڄامشورو کان ٿيندي اچي سچل ڳوٺ جي اسڪولن ۽ گهٽين ۾ پهتو آهيان، جتي ڪجهه اهڙا ڇوڪرا آهن جيڪي تعليم لاء پاڻ کي وقف ڪري رهيا آهن ۽ سنڌين جو ڳاٽ اوچو ڪري رهيا آهن پر اڪثريت اهڙن جي آهي جيڪي موٽر بائيڪ تي چڙهي، ان جو سالينسر ڪڍي ٽون ٽون ڪندي فخر محسوس ٿا ڪن، هو سنڌ جي نياڻين جي پويان ڪتن وانگيان لور لور ڪندي ٿا نظر اچن۔ هي ڪي ٻيا ڌاريا نه پر پنهنجا ئي آهن، پنهنجي ئي سڌريل تهذيب سڏرائڻ واري سنڌ جا وارث، اهي وارث جيڪي مختلف قومپرست يا وفاق پرست سياسي پارٽين جي اوٽ وٺي داٻو ڏيڻ چاهين ٿا ۔۔۔۔۔ پر افسوس تڏهن ٿيندو آ جڏهن سڄو ڏينهن ٽي وي، سوشل ميڊيا تي ويهي ساڳيا ئي ماڻهو سنڌ سنڌ ڪندي ٿڪبا ناهن، پر انهن ڪڏهن پنهنجي نياڻين جي پرگهور لڌي آ؟ هننن ڪڏهن پنهنجي ماڻهن کان ڀتو وٺندڙن جي سار لڌي آه؟ ڪنهن به نه ۽ پوء اهي ئي ماڻهو ٽي وي، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي دانهون ڪن ٿا ته سنڌي ماڻهو سندن ساٿ نه ٿا ڏين ۔۔۔۔۔

    رياضت سائين خبر ناهي موضوع کي ڪاڏي کڻي ويس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر اصل ۾ اهي اسان سڀني سنڌين جا پنهنجي اهل قلم، دانشورن ۽ اڳواڻن کان پڇيل سوال آهن۔ جن جا جواب ڪوبه نه ٿو ڏئي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرفان علي بلوچ

    عرفان علي بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 نومبر 2012
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪهاڻي، اڄ جي سنڌي نوجوان نسل جي رويي، ڪردار، ۽ ڪرتوتن جي چٽي عڪاسي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو