اول ڪريان ثنا ستار سائين

منظور ڪلهوڙو

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي ڪتابي سلسلي ۾ ”منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي“ مان کنيل بيت ، جهڙي ريت ناليواري اديب ۽ ڏاهي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ هن بيت بابت خيال پيش ڪيا آهن ته هوند عشق جي عميق ۾ غرق ٿيل جو هنيا ڇڄي ڌارئون ڌار ٿي پوندو، منهنجو به اهڙو ئي حال ٿيو، سوچيم سڄنن سان ونڊ ڪيان۔۔۔​
اول ڪريان ثنا ستار سائين​
وڇوڙيل کي مٺا مارو ملائين​
اباڻن جي اُڪنڊ ڪيا چاڪ در چاڪ​
جگر جيرا جلي کامي ٿيا خاڪ​
اداڙي! تو عمر مون قيد ڇو ڪيو؟​
پنوهارن جي پرت جو پيچ مون پيو​
پنوهاريون هت پين پاڻي پلر پاڪ​
آئون ويڍي وسايان منهن مٿي خاڪ​
مٺو مرسل جڏهن ايندو سڄڻ سنڌ​
بندي بيڪار کان ٿيندو بدا بند​
 
Back
Top