رنجيت
سينيئر رڪن
سائين هاڻي ڪهڙا ويهي سور سليان۔ مان هڪ وڪيل وٽ پارٽ ٽائيم جاب ڪندو آهيان۔ جتي منهنجو ڪم اسٽينوگرافر جو آهي۔ مطلب هو ڪاڪو مونکي ٻڌائيندو آهي ۽ مان وري ڪمپيوٽر ۾ ٽائيپ ڪندو آهيان۔ سو سائين ٿيو ائين جو رات جو اسان هڪ طلاق جا ڪاغذ تيار ڪري رکيا هئاسين۔ پرنٽ آئوٽ به ڪڍي هئيسين۔ ٻئي ڏينهن ان فائيل ۾ مون ترميم ڪرڻ جي لاٌءِ کوليو ته منهنجا ته اصلي حوصلا ئي خطا ٿي ويا۔ ڇا ڏسان ته ان فائيل جي سائيز 240 ڪي بي ۽ ان ۾ وري پيج 360 ۽ اندر اکر وري الائي ڪهڙي ٻولي ۾ لکيل هئا۔ هاڻي ڇا ڪجي۔ نيٺ مجبور ٿي توهان دوستن سان اهي سور سلڻ جو سوچيو۔ هاڻي سائين جيڪڏهن توهان وٽ اهڙو ڪوئي سافٽ ويئر هجي جيڪو ان فائيل کي رڪور ڪري ڏي۔ پوٌ ته توهان جي مهرباني۔ سو سائين ٻيلي جلدي ڪريو۔۔۔ اهڙو ڪوئي سافٽ ويئر ڳولهي ڏيو