ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
ناهي تماشي جو هي ميدان.
ناهي تماشي جو هي ميدان
ڪر ٿورو ڌيان اي انسان
تقدير جوتون ناهين پابند
پابند آهن ڪک، پن، حيوان
خوشي جا اڄ تو ڪمائي
ڪري نه تو کيسڀاڻي پريشان
ڪونهي ان کان وڏو عذاب
پاڻ کانانسان پاڻ پشيمان
جنت ۾ آهين يا دوزخ ۾
ڏي عمل جي انجام تي ڌيان
ڏاڏل ڇو ٿو ڏسين هيڏي هوڏي
جنت دوزخ جي تو ۾ داستان