ناهي تماشي جو هي ميدان.

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
ناهي تماشي جو هي ميدان.
ناهي تماشي جو هي ميدان
ڪر ٿورو ڌيان اي انسان
تقدير جوتون ناهين پابند
پابند آهن ڪک، پن، حيوان
خوشي جا اڄ تو ڪمائي
ڪري نه تو کيسڀاڻي پريشان
ڪونهي ان کان وڏو عذاب
پاڻ کانانسان پاڻ پشيمان
جنت ۾ آهين يا دوزخ ۾
ڏي عمل جي انجام تي ڌيان
ڏاڏل ڇو ٿو ڏسين هيڏي هوڏي
جنت دوزخ جي تو ۾ داستان
 
نٽري نظم،،،،،،زندگي
شاهين سنڌي
زندگي ڇا آهي
زندگي هڪ مسئلن جو گهر
ياڏکن جي کاڻ ؟
پوءِ به هن جو حل اپگهات
نه نه ..........
اپگهات ته پاڻ مسئلن جي کاڻ آهي
ڏکن جي اَڻ کٽندڙ کاڻ
پوءِ اچو ته پيار ڪريون
پنهنجي ڌرتي سان پنهنجن ماڻهن سان
 
Back
Top