مٿين تصوير کي پنهنجي ڪمپيوٽر جي ڊيسڪٽاپ تي محفوظ ڪريو....
هاڻي کولي ڏسو... بظاهر ڊيفالٽ طور تي توهان کي ساڳي تصوير ئي کليل نظر ايندي.... پر جيڪڏهن هن تصوير کي مائوس ذريعي ساڄي پاسي کان ڪلڪ ڪريو ۽ Winrar ۾ کوليندو ته هن ۾ توهان کي ٻه لڪيل فائيلز ملندا....
يقين نه ٿو اچي ..................ته پوءِ ڪري ڏسو......
اهو ڪيئن ٿيو اچو ته توهان کي به سمجهايان.....
1. ڪو تصويري فائيل کڻو .... (جهڙوڪ مون find.jpg کنيو آهي)
2. پنهنجون سموريون فائيلز هڪ فولڊر ۾ رکو..(جيئن مون sindhsalamat فولڊر ۾ رکيون آهن..)
3. انهي فولڊر کي ڪمپريس ڪريو.... (جيئن مون sindhsalamat.zip بڻايو آهي)
4. هاڻي ٻنهي فائيلز کي هڪ فولڊر ۾ رکو.. (يعني find.jpg ۽ sindhsalamat.zip کي هڪ فولڊر ۾ رکو..)
5، هاڻي Windows console کوليو .. (يعني Start > Run > cmd ڪمانڊ پرامپٽ کوليو... )
6. اها لوڪيشن کوليو جتي توهان فائيلز رکيا آهن.. (يعني جنهن فولڊر ۾ find.jpg ۽ sindhsalamat.zip رکيا آهن....)
7. هتي هيٺيان اکر لکي ڪي بورڊ ذريعي انٽر پريس ڪريو...
copy /b Find.jpg + sindhsalamat.zip sindhsalamat_Hidden.jpg
بس ڪم مڪمل ٿي ويندو .... توهان ڏسندو ته توهان جي اهڙي تصويري فائيل تيار ٿي چڪي آهي جنهن جي اندر توهان جون لڪايل اهم فائيلز موجود آهي.... يقينن عام ماڻهون هن تصويري فائيل جي اندر وارين فائيل کي ڳولي نه سگهندو....
آهي نه مزي واري ڳالهه... پوءِ وهه واهه ٿي وڃي....