سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پاران اسڪول جي شاگردن کي عيد ملن پارٽي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ، محمد خان غني ادبي تنظيم ٽنڊو محمد خان ۽ سماج ويلفيئر آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران رمضان ميموريل هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان جي ڪلاس ڏينهن جي شاگردن کي عيد ملن پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو، هڪ نئين علمي روايت جو جنم ۔
    رپورٽ ۽ تصويرون: نثاراحمدناز
    انتر نيٽ تي دنيا جي وڏي ۾ وڏي سنڌي ويب سائيٽ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ، محمد خان غني ادبي تنظيم ٽنڊو محمد خان ۽ سماج ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران رمضان ميموريل هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان جي ڪلاس ڏهين جي شاگردن کي عيد ملن پارٽي ڏئي ٽندو محمد خان شهر ۾ هڪڙي نئين علمي روايت کي جنم ڏنو ويو پهريون ڀيرو اسڪول جي شاگردن جي اعزاز ۾ ڪنهن به سماجي ، علمي ۽ ادبي تنظيمن سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ، محمد خان غني ادبي تنظيم ٽندو محمد خان ۽ سماج ويلفيئر آرگنائيزيشن اهو ڪارنامو رمضان ميموريل هاءِ اسڪول جي محنتي اُستاد نوشاد علي ڀٽي جي تعاون سان ڪري ڏيکاريو، اها عيد ملن پارٽي جي تقريب مومن منزل حافظ حامد لائيبريري ٽالپر ڪالوني ٽنڊو محمد خان ۾ اڄ بروز اربع بتاريخ 7 نومبر 2012ٿي گُذري ، جنهن ۾ رمضان ميموريل هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان جي ڪلاس ڏهين جا شاگرد وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا، هن خالص علمي تقريب جي صدارت محمد خان غني ادبي تنظيم جي سرپرست اعلا مشهور شاعر محترم تاج ٽکڙائي ڪئي جڏهن ته خاص مهمان سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو جهونو، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽندو محمد خان جو سيڪريتري ۽ ڀٽائي آرٽس ڪائونسل ضلع ٽنڊو محمد خان جو صدر نثاراحمدناز هو، ۽ اعزازي مهمان سنڌ جو ناميارو شاعر محترم آغا جان آغا هو، هن علمي تقريب جي ڪاروائي ٽنڊو محمد خان شهر جي نامياري استاد نوشاد علي ڀٽي هلائي ، ان پر وقار علمي عيد ملن پارتيءَ جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو ۽ اها سعادت رمضان ميموريل هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان جي شاگرد ابرار هاليپوٽو حاصل ڪئي، انهي اسڪول جي شاگرد سيد وقار شاهه حمد باري تعالي پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪئي نعت شريف پڙهڻ جي سعادت بلاول ڪڇي حاصل ڪئي . ان کان علاوه ڪلاس ڏهين جي شاگرد ولي محمد مغل عيد جو خصوصي نظم پڙهيو ، زاهد سومري لٽل ٿنڪس، تعمير خاصخيلي ، علي قاسم خاصخلي، ارشادعلي سيف الدين لغاري وقار علي ڪُنڀار ڪلاس ڏهين جي انگلش ڪتاب مان بهترين نطم ۽ ڪوٽيشن پڙهي ٻُڌايا جنهن تي سڀني شاگردن دل کولي تاڙيون وڄائي کين داد ڏنو، ان موقعي تي محترم تاج ٽکڙائي شاگردن کي تلقين ڪندي چيو ته تعليم ئي توهان شاگردن جي پهريون ۽ آخري سهارو آهي ، تعليم کانسواءِ هر ڪم بيڪار آهي اسان توهان جي مان ۾ جيڪاهي عيد ملن پارٽي رکي آهي ان جو مطلب اهو آهي ته توهان سڀني شاگردن کي حوصلو ڏنو وڃي ، سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمد ناز شاگردن کي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام انٽر نيٽ تي سنڌين جو وڏي ۾ وڏو فورم آهي جنهن جو مقصد رڳو سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي وڏين ٻولين جي صف ۾ بيهارڻ آهي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي ميمبر شپ بلڪل فري آهي جيڪڏهن توهان سنڌي ٻولي ، سنڌي ادب ۽ سنڌ ڌرتي لاءِ پنهنجون بهترين صلاحيتون ڪتب آڻڻ چاهيو ٿا ته انٽر نيٽ تان پنهنجي راءِ جي اظهار جو سڀ کان سئولو ۽ موثر رستو صرف سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام آهي هن شاگردن کي تلقين ڪندي وڌيڪ چيو ته توهان شاگرد اسان جي مستقبل جا معمار آهيو، علم توهان هر زبان هر ٻوليءَ جو حاصل ڪريو پر پنهنجي موبائل جا ايس ايم ايس ، پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي لکو ۽ سنڌي پڙهو ائين ڪرڻ سان اسان پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کي وڌائي ۽ ويجهائي سگهون ٿا. هن عيد ملن پارٽي جي اعزازي مهمان محترم آغا جان آغا شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيو ته دنيا جي قومن تعليم حاصل ڪري ان تي عمل ڪري پاڻ کي ترقي يافته قومن جي صف ۾ بيهاريو اسان سنڌين کي به تعليم جو دامن ڪونهي ڇڏڻو علم جي نور کي ڦهيلاڻو آهي علم جو نور حاصل ڪرڻو آهي . ان کان اڳ آجياڻي تقرير ڪندي ٽنڊو محمدخان شهر جي استاد نوشاد علي ڀٽي چيو ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ، سماج ويلفيئر ايسوسي ايشن ۽ محمد خان غني ادبي تنظيم ٽنڊو محمد خان وارن رمضان ميموريل هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان جي شاگردن کي عيد ملن پارٽي ڏئي اسڪول جي شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي ۽ هڪڙي نئين روايت کي جنم ڏنو آهي سندن انهي عمل سان ٽنڊو محمد خان جو علمي ماحول انتهائي بُلنديءَ تي پهچندو ، آخر ۾ شاگردن ۾ ٽيبلو، روالونگ چيئر ، سرچ آف ترِيزر گيم ، ۽ ڪوئز ڪامپيٽيشن جو مقابلو ڪرايو ويو جنهن ۾ پهريون نمبر ايندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا، آخر ۾ شاگردن کي ريفريشمينٽ ڏني وئي اهڙي طرح هي خالص علمي عيد ملن پارٽي صُبح جو ڏهن وڳي کان شروع ٿي ڏينهن جو هڪ وڳي پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي
    هاڻ پيش خدمت آهن هن علمي تقريبجون تصويري جهلڪيون:
    [​IMG]
    اسٽيج تي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پارن شاگردن مهمانن لاءِ ڀليڪار جو بينر آويزان هو
    [​IMG]
    ڪوئيز ڪامپيٽشن ۾ پهريون نمبر ايندڙ شاگرد کي سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمد ناز گرامر جو ڪتاب انعام ڏئي رهيو آهي
    [​IMG]
    سنڌ مشهور شاعر محترم آغا جان آغا هڪ شاگرد کي ڪتاب انعا ڏئي رهيو آهي جڏهن ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو بينر نمايان آهي۔
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    تمام بهترين روايت شروع ڪئي وئي آهي، ان سان شاگردن جيڪو اتساهه پيدا ٿيندو ان جو اندازو ڪير به نه ٿو لڳائي سگهي۔۔۔ جس هجي ٽنڊو محمد خان جي ادبي تنظيمن کي ۽ سنڌ سلامت جي جهوني ايڊمن کي ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مثبت ۽ صحتمند سرگرمي تي سڀني دوستن کي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔ هن وقت تعليم ئي واحد حل آهي جنهن ذريعي اسين پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪري سگهون ٿا ۽ ان لاء ضروري آهي ته تعليمي سرگرمين کي وڌائڻ سان گڏ شاگردن ۽ استادن جي حوصلا افزائي ڪيون۔

    سچ پڇو ته اوهان جي هي سرگرمي منهنجي دل وٽان هئي۔ سهڻي رپورٽ پيش ڪرڻ تي اوهان کي جس هجي۔
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڪافي ڏينهن کان پوء سائين جن ديدار ڪرايو آهي ليڪن جوش جذبو اڃا به ساڳيو نظر اچي پيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو