• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پني عاقل ڀرسان ڪبوتر ڏيارڻ بهاني نينگر جنسي ڏاڍائي بعد گهٽا ڏئي قتل، وحشي جوابدار سوگهو

غازي حسين

سينيئر رڪن
پنو عاقل/سکر(نمائندن وٽان) پنوعاقل ڀرسان 3 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ڄاڻايل نينگر کي وحشي صفت جوابدار جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، بائجي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ان ڏس ۾ پنوعاقل لڳ دادلوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪوٽ بُلا جي رهواسي ڀيل برادري جو 12 ورهين جو نينگر عامر ولد انورعلي ڀيل 3 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويو هو، جنهن جي گهڻي ڳولا ڪئي وئي پر سندس ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو، نينگر جي پيءُ انور علي بائجي ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن موجب سندس پٽ کي بائجي ڀرسان ڳوٺ چندن مياڻي جو رهواسي ديدار ميراڻي ڪبوتر وٺي ڏيڻ جي لالچ ڏئي وٺي ويو آهي، هن وقت ٻنهي ڄڻن جو ڪو به ڏس پتو ناهي پيو. جنهن تي بائجي پوليس ديدار ميراڻي جي گهر تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪري ورتو. پڇا ڳاچا دوران جوابدار اعتراف ڪندي پوليس کي ٻڌايو آهي ته هن نينگر کي ڪمند جي فصل ۾ اڳٺ سان گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي، پوليس موجب اسان جوابدار جي نشاندهي تي ڳوٺ چندن مياڻي لڳ ڪمند جي فصل ۾ کوٽائي ڪري نينگر جو لاش هٿ ڪيو، تعلقي اسپتال روهڙي مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ذريعن وٽان اهو به معلوم ٿيو آهي ته نوجوان جي والد خدشو ڏيکاريو ته سندس نينگر کي جوابدار جنسي حوس جو به نشانو بڻايو آهي، جنهن ڪري لاش جو پوسٽ ڪرائڻ کان سواءِ ميڊيڪل پڻ ڪرايو ويو آهي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او بائجي مقصود رسول مهر ڪاوش کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، هن چيو ته مقتول نينگر جي لاش جو ميڊيڪل ڪرايو ويو آهي، رپورٽ اچڻ کان پوءِ تصديق ٿيندي ته نينگر سان بدفعلي ڪئي وئي آهي يا نه؟ اسان قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو آهي. ٻئي طرف مقتول نينگر جي پيءُ انور ڀيل پوليس کي ٻڌايو ته هو پنهنجي پٽ سان گڏ پورهيو ڪندو هو، 3 ڏينهن اڳ جوابدار منهنجي پٽ کي ڪبوتر وٺي ڏيڻ جو چئي پاڻ سان وٺي ويو هو، جنهن کانپوءِ سندس پٽ جو لاش مليو آهي، هن چيو ته اسان جي نينگر جي جسم تي تشدد جا نشان هئا، کيس ڳچي ۾ رسو وجهي گهٽا ڏئي ماريو ويو آهي، هن چيو ته اسان مسڪين پورهيت آهيون، اسان سان ظلم ٿيو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

http://www.thekawish.com/www3/index.html
 
Back
Top