غازي حسين
سينيئر رڪن
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) چانڊڪا ٻارڙن جي اسپتال ۾ اڳوڻي ايم ايس جي دور ۾ 30 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ ۽ اسپتال جي مختلف پوسٽن تي هڪ سئو کان وڌيڪ مبينا غير قانوني ڀرتيون ڪرڻ واري مامري جو اعليٰ سطحي نوٽيس ورتو، صدر آصف علي زرداري جي حڪم تي سندس ڀيڻ ايم اين اي عذرا پيچوهو لاڙڪاڻي پهتي، ڪرپشن توڙي نااهلي جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان، ايم اين اي عذرا پيچوهو چانڊڪا ٻارڙن جي اسپتال جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چانڊڪا ٻارڙن جي اسپتال جي پراڻي بلڊنگ مڇي مارڪيٽ جهڙي آهي، آئون حيران آهيان ته معصوم ٻارڙا هتي ڪيئن داخل آهن، صدر آصف علي زرداري ٻارڙن جي فوت ٿيڻ ۽ ڪرپشن جو نوٽيس ورتو آهي، جنهن جي حڪم تي هتي پهتي آهيان، چانڊڪا ٻارڙن جي اسپتال ۾ نئين بلڊنگ ۾ هڪ هفتي اندر ڪم شروع ٿي ويندو جنهن جو معيار ڪراچي جي اسپتالن جهڙو ڪرڻ لاءِ سفارشون گڏ ڪيون آهن، نئين سيڪشن جي تياري سان 136 ملازمت جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، هن سيڪشن کي جديد سهولتون مهيا ڪيون وينديون. هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر اشفاق ميمڻ جي دور ۾ 30 کان وڌيڪ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ، 112 کان وڌيڪ غير قانوني ڀرتيون ڪرڻ ۽ ڪرپشن بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي، رپورٽ اچڻ کانپوءِ جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي موجوده ايم ايس پروفيسر افسر ڀٽو ۽ ٻارڙن جي اسپتال جي پروفيسر سيف الله ڄامڙو ۽ ٻين ايم اين اي کي ٻارڙن جي اسپتال جي گهرجن ۽ موجوده حالت بابت بريفنگ ڏني.
http://www.thekawish.com/www3/index.html
http://www.thekawish.com/www3/index.html