• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سونهري ڳالهيون

زاهد سومرو

سينيئر رڪن
سونهري ڳالهيون

هڪ بزرگ پنجاهه سالن تائين ڪتابن جو مطالعو ڪيو. مطالعي ڪرڻ کانپوءِ انهن مان صرف 4 سونهري ڳالهيون پنهنجي لاءِ منتخب ڪيون جيڪي هي آهن.

1. الله تعالي جيڪو ڪجهه ڏيئي ان تي راضي رهه. جي نه ته ڪو ٻيو مالڪ تلاش ڪر جيڪو ان کان به وڌيڪ ڏيندو هجي.......

2. جن ڳالهين کان الله تعالي منع فرمايو آهي. انهن کان پاسو ڪر. جي نه ته پوءِ الله تعالي جي ڪائنات کان ٻاهر نڪري وڃ.......

3. جيڪڏهن گناهه ڪرڻ چاهين ٿو ته اهڙي جاءِ تي ڪري جتي الله تعالي توکي ڏسي نه سگهي. جي نه ته پوءِ گناهه نه ڪر.....

4. الله تعالي جي عبادت ڪر جي نه ته پوءِ مالڪ سائين جو ڏنل رزق به نه کاءُ
 
جزاڪ الله خيرا

جيڪڏهن انهن ڳالهين تي عمل ٿي وڃي ته جيڪر سڀ ماڻهو، حيوان کان انسان ٿي وڃن۔ دنيا امن ۽ محبت جي جاء بڻجي وڃي۔۔
 
ڪي جملا سموري زندگي لاءِ سمورين هدايتن برابر هوندا آهن....
بهترين هدايتون آهن انهن مختصرن جملن ۾ ...
ادا زاهد توهان جي هن ليک کي منهنجا فل ووٽ آهن... مهرباني
 
بروبر سائين! ڪڏهن ڪنهن جا چيل يا لکيل جملا دل کي ايترو ته لڳي ويندا آهن جو هڻي هند ڪري رکندا آهن. جيئن منهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن پنهنجي جا چيل اهي جملا جن منهنجي زندگيءَ کي ئي ڦيڙائي رکيو ته ”تون زندگيءَ ۾ ڪجهه به ڪري نه سگهندين“ شايد هن اهو جملو مونکي للڪارڻ جي لاءِ چيو هجي. پر ڪجهه به سائين اهو جملو مونکي واهه جو لڳو هو............................
 
ادا رنجيت مهرباني ڀاءُ جو اوهان کي اهي جملا پسند آيا۔۔۔ شال رب ڪريم اسان سڀنين کي انهن جملن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔۔۔ آمين۔۔۔۔

shal judy hujeen
 
لاجواب ادا زاهد تمام بهترين شيئرنگ آهي الله پاڪ توهان کي ان جو اجر ضرور ڏيندو

ادا مان صرف توهان لا۽ دعا ئي ڪري سگهان ٿو

مهرباني ادا زاهد
 
لاجواب ادا زاهد تمام بهترين شيئرنگ آهي الله پاڪ توهان کي ان جو اجر ضرور ڏيندو

ادا مان صرف توهان لا۽ دعا ئي ڪري سگهان ٿو

مهرباني ادا زاهد

حوصلي رکڻ جي مهرباني ادا۔۔۔۔۔

الله سائين اوهان کي به شاد و آباد رکي آمين۔۔۔۔۔۔pasand
 
سائين اهڙيون بهترين شيون شيئر ڪندو ته پسند ته ڪنداسين نه

جي ادا! بس دعائون پيا ڪجو۔۔۔۔۔ اسان به ڦلپوٽي فقير جا شاگرد آهيون۔۔۔ اسانجو استاد ڦلپوٽو فقير ڪامل اٿوَ۔۔۔۔۔ سائين انشاءُ الله جيڪو به اسان جي علم ۾ هوندو اوهان دوستن سان شيئر پيو ڪبو۔۔۔۔۔

shal judy hujeen
 
Back
Top