نثري نظم : آٽوگراف

نثري نظم........آٽوگِراف
شاهين سنڌي

هر آرٽسٽ کان
هر شاعر کان
هر تخليقڪار کان
هڪ اُن جو پرستار
پڙهندڙ،ڏسندڙ ،ٻڌندڙ
بس هڪ
آٽو گراف جي ڊمانڊ ڪري ٿو
ڪيڏي نه وڏي اهميت آهي
اُن جي آٽوگراف جي
ڪاش........
اِهو آٽوگراف
هر تخليقڪارجو
سندس ٻارن جو
پيٽ ڀري سگهيٗ
 
Back
Top