• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سعيد ميمڻ : شاعريء کي نئين جدت ڏيندڙ شاعر (جنم ڏينهن تي ڀيٽا)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
805 اٽيچمينٽ ڏسو

خوبصورت شاعر : سعيد ميمڻ
تعارف : رياضت ٻرڙو

سعيد ميمڻ سنڌ جي نالي وارن شاعرن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي سونهن پڙهندڙن لاءِ بيحد ڪشش رکي ٿي۔ هو 8 نومبر 1968ع تي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾، مولوي ۽ استاد بشير احمد ميمڻ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اَي. (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ 1990ع ۾ سچل اورينٽئل اينڊ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي. جڏهن ته پِي.ٽِي.سِي ۽ بِي. ايڊ پڻ ڪئي آهي. سعيد ميمڻ 1988ع کان پرائمري استاد طور تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي۔
سعيد ميمڻ کي شاعريءَ سان لڳاءُ ننڍپڻ کان ئي آهي. 1988ع ۾ سندس پهرين وائي ”عبرت“ مئگزين ۾ ڇپي. شاعريءَ ۾ سندس رهنمائي هاءِ اسڪول استادَ محمد هارون بلوچ ۽ نالي واري شاعر آتش سنڌيءَ ڪئي. سعيد ميمڻ شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي، نثر ۾ هن ٻه ڪهاڻيون، مضمونَ، خاڪا ۽ مهاڳ لکيا آهن. سندس 4 شعري مجموعا ڇپيا آهن، جن جا نالا هي آهن: 1. نيڻ سفر ۾، 2. ڪاري بَر ۾ چنڊ، 3. خواب-چارا، ۽ 4. درد جون آيتون.
سعيد ميمڻ جو 1990ع کان وٺي سنڌي ادبي سنگت (س.ا.س) لاڙڪاڻي شاخ سان تعلق رهيو آهي، جنهن جو هُو ڪائونسلر، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي به رهيو آهي. کيس ”ڪينجهر“ رسالي پاران ”ڪينجهر شاعر ايوارڊ“، س.ا.س ڄام شوري شاخ پاران ”علڻ فقير ايوارڊ“ ۽ س.ا.س محراب پور شاخ پاران ”استاد محبوب جوکيو ۽ استاد بخاري ايوارڊ“ مليا آهن.
رات جو نيڻ ٻئي ڀِنا هوندا - سعيد ميمڻ
رات جو نيڻ ٻئي ڀِنا هوندا
ڪي اوهان لئه پرين رنا هوندا
مان به ويندس مٽي ۾ گم ٿي
۽ هوائن ۾ سڀ پَنا هوندا
منهنجي سامهون رڳو انڌيرو آ
تنهنجي سامهون ته آئِنا هوندا
جو مليس داد ان کي ياد ڪندو
هن کي اڄ ڀي اهي ڏَنا هوندا
سعيد هوندو اڳي جيان تنها
۽ اهي ڳوٺ جا ٻَنا هوندا
 
57310_4725612216469_406851449_o.jpg
 
Back
Top