• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت ايڊيٽر ۾ ٽيبل شامل ڪرڻ جي گذارش

رحيم بخش

ايڊيٽر
سائين عبدالرشيد جن کي عرض آهي فرمائش نه، ته جيڪڏهن ممڪن ٿئي ته سنڌ سلامت جي ايڊيٽر ۾ ٽيبل بنائڻ جو آپشن شامل ڪجي ان سان ڪافي شيون جيڪي اسان ٽيبل ذريعي واضح سمجهائي سگهون ٿا اهي ممڪن ٿي پونديون ليڪن اگر ڪم مشڪل هجي ته پوء جڳاڙ سان ته ڪم هلي پيو۔
 
سائين عبدالرشيد جن کي عرض آهي فرمائش نه، ته جيڪڏهن ممڪن ٿئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اهو انداز بهتر آهي ذيشان رشيد کان ڪم وٺڻ جو۔ پر هاڻي ٻڌايانؤ ته ڇا ٿيندو؟ پهريان سائين جن جي نرڙ تي پريشاني جا ٿورا گهُنج ايندا۔ لڳندو ته ڪم ڳرو آ۔ پوءِ سائين جن فرمائيندا۔ بلڪه سوچيندي سوچيندي بُڙبڙائيندا۔ ياررررررررررررررر۔ ۔ ۔ ۔ ۔ٿي ته ويندو پر انهي ۾ ڪجهه مسئلا آهن۔ وري ڪجهه وقت سوچيندا۔ اهو سڄو عمل ڪو گهڻو وقت نه وٺندو ۽ آخري جواب اهو ايندو۔

ها ٺيڪ آ اهو مان ڪري ڇڏيندم۔ ۽ پوءِ اوهان کي ڀلي ڳالهه وسري وڃي پر چوويهن ڪلاڪن اندر اِن باڪس ۾ ذاتي پيغام هوندو ”وڏا ڪم ڪري ڇڏيو اٿم ڏسي وٺ ته ٺيڪ آهي؟“

ڏسجو جي ايئن نه هجي ته جيڪا سزا چور جي سا منهنجي۔

پر هتي موقعي جو فائدو وٺندي منهنجو به عرض ته مائڪروسافٽ ورڊ جي فارميٽ پينٽر (ڪنهن ٽيڪسٽ جو فارميٽ ڪاپي ڪري ٻي تي اپلاءِ ڪرڻ) وارو جهڳاڙ به جي ٿي وڃي ته واهه واهه۔ ڪيئن سليمان وساڻ
 
ادا عبدا لحفيظ لغاري صاحب اسلام عليڪم۔يار ڪي ڏاڍائي زوراور آهيو جو ادا ذيشان رشيد جي باري ۾ اهڙا سچا سچا تجزيا پيا لکو۔ ادا رحيم بخش توهان بلڪل به مطمئن ٿئي وڃو هن فورم جو جادوگر منتظم اعلئ جلدي پنهنجي جادو وي پٽاري مان اوهان جي مسئلي جو حل کڻي اچي حاضرٿيندو۔ :cool::p:)
 
سائين عبدالرشيد جن کي عرض آهي فرمائش نه، ته جيڪڏهن ممڪن ٿئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اهو انداز بهتر آهي ذيشان رشيد کان ڪم وٺڻ جو۔ پر هاڻي ٻڌايانؤ ته ڇا ٿيندو؟ پهريان سائين جن جي نرڙ تي پريشاني جا ٿورا گهُنج ايندا۔ لڳندو ته ڪم ڳرو آ۔ پوءِ سائين جن فرمائيندا۔ بلڪه سوچيندي سوچيندي بُڙبڙائيندا۔ ياررررررررررررررر۔ ۔ ۔ ۔ ۔ٿي ته ويندو پر انهي ۾ ڪجهه مسئلا آهن۔ وري ڪجهه وقت سوچيندا۔ اهو سڄو عمل ڪو گهڻو وقت نه وٺندو ۽ آخري جواب اهو ايندو۔

ها ٺيڪ آ اهو مان ڪري ڇڏيندم۔ ۽ پوءِ اوهان کي ڀلي ڳالهه وسري وڃي پر چوويهن ڪلاڪن اندر اِن باڪس ۾ ذاتي پيغام هوندو ”وڏا ڪم ڪري ڇڏيو اٿم ڏسي وٺ ته ٺيڪ آهي؟“

ڏسجو جي ايئن نه هجي ته جيڪا سزا چور جي سا منهنجي۔

پر هتي موقعي جو فائدو وٺندي منهنجو به عرض ته مائڪروسافٽ ورڊ جي فارميٽ پينٽر (ڪنهن ٽيڪسٽ جو فارميٽ ڪاپي ڪري ٻي تي اپلاءِ ڪرڻ) وارو جهڳاڙ به جي ٿي وڃي ته واهه واهه۔ ڪيئن سليمان وساڻ

بس يار سڀ سمجهي ويا آهيو، ان ڪري مان ۽ عرس پريو خاموش آهيون۔
 
معاف ڪجو سنگت۔۔۔۔۔ ڪوشش ڪيم۔۔ ۽ تجربو ڪامياب ويو۔۔
پر جڏهن سنڌ سلامت تي اپلائي ڪرڻ چاهيم ته هڪ سيريس ايرر ڏيکاري رهيو آهي۔۔۔ جنهن کي فڪس ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهيان۔۔ ترت تفصيلي آگاهي ڏبي۔۔
 
معاف ڪجو سنگت۔۔۔۔۔ ڪوشش ڪيم۔۔ ۽ تجربو ڪامياب ويو۔۔
پر جڏهن سنڌ سلامت تي اپلائي ڪرڻ چاهيم ته هڪ سيريس ايرر ڏيکاري رهيو آهي۔۔۔ جنهن کي فڪس ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهيان۔۔ ترت تفصيلي آگاهي ڏبي۔۔
هن دفعي رشيد جو جواب، ڀل کڻي عبدالحفيظ لغاري جي توقع کان ٿورڙو مختلف هجي پر پوءِ به جي ڳالهه کي گهمائجي ته عبدالحفيظ سچ چيو، ڇاڪاڻ ته حاصل مطلب ڪم ٿي ويندو ۔۔۔ باقي رشيد بابت سليمان وساڻ جي ڳالهه جيئان، آءُ به ڪجهه نه چوندس جو سڀ ٿا سمجهن ۔۔۔ هههههههههههههه
هاهڪ ڳالهه چوندو هلان جڏهن ذيشان رشيد اهو چوي ته ” سائين ڏاها ٿيو“ مطلب ڪم ٿي ويو ۔۔۔۔
 
سائين ڏاها ٿيو۔۔۔۔ :)
سيريل | نالو | شخصيت | ردِعمل
\ 1 | سائين رحيم بخش | گذارش ڪندڙ | جيڪو حڪم سرڪار
\ 2 | عبد الحفيظ لغاري |فلاسافر|ابا سمورا پول ته نه کوليندو ڪر
\ 3 | غلام مصطفى ميمڻ | محترم | سائين زورآور ته سليمان آ جو۔۔۔
\ 4 | سليمان وساڻ |زورآور|ابا ڇو ٿو عرس کي مڇرائين۔۔ خبر ٿئي نه ته گند ڪندو
\ 5 | نثار ابڙو |سڀ سمجهائيندڙ|سائين ڏاها ٿيو۔۔۔ بابل۔۔۔ :)
 
هل چري، يارن سان ڪهڙا ليکا :)
سيريل | نالو | شخصيت | عمل
\ 1 | رشيد | بادشاهه ماڻهو | جڏهن دل چوي ڪم ڪندو
\ 2 | عبد الحفيظ لغاري |درويش|شاباس اٿس جو ايڏيون ڊگهيون ڳالهيون پيو ٻڌي
\ 3 |عرس پريو|مظلوم|رشيد جا سڀ ڪم به ڪري ۽ وري اڪبر واڍو به ٿئي
\ 4 | نثار ابڙو |پاڪستاني ريفري|سائين ڏاها ٿيو۔۔۔ سدائين رشيد جو پاسو :)
 
ڀلا هاڻ اهو به سمجهايو ته اها ٽيبل شامل ڪيئن ٿيندي ۔۔۔ ؟؟؟؟ ڇا ٽيبل ٺاهي ڪاپي پيسٽ ڪبي يا هت ئي ڪو آپشن موجود آهي ۔۔۔۔؟؟؟

ڪم ته ٿيڻو هو سا مونکي خبر هئي ۔۔۔۔ ڇاڪاڻ جادوگر هجن ۽ جادو نه ٿئي ۔۔۔ اها ڳالهه ڪجهه حضم ناهي ٿيڻي ۔۔۔۔ پر هاڻ ٽيبل پيش ڪيئن ڪجي ؟؟؟؟

لک قرب سنگت جا ۔۔۔
 
1 رشيد
وڏو صفا وڏو
اسان ٻنهي جو سيتا روڊ ۾ هڪ دوست آهي اهو صفا وڏو ان کان پڇو يان سندس کان
2عبد الحفيظ لغاري
درويش
شاباس اٿس جو ايڏيون ڊگهيون ڳالهيون پيو ٻڌي ء پاڻ کي مٿي ۾ سور پيو وجي
3عرس پريو
مظلوم
مظلوم ڏٺم ته دل ڏاڍو خوش ٿي ته مس ڪو داد ٿيو آهي پر اڳيو لفظ ڏسي اندر ئي سڙي ويو.....هههههه
4نثار ابڙو
پاڪستاني ريفري
سدائين رشيد جو پاسو اها ڳالهه ته درست آهي پر اسان ڏانهن به ڪڏهن ڪڏهن پاسو وهي ويندو آهي
C:\DOCUME~1\computer\LOCALS~1\Temp\msohtmlclip1\01\clip_image001.gif

5سليمان وساڻ
سٺو کلاڙي
سدائين مون ڏي گئس جو وڌيڪ بل موڪلي وري ٺهرائي ڏئي ...ههههههه
 
سيريل
نالو
شخصيت
عمل
1
رشيد
وڏو صفا وڏو
اسان ٻنهي جو سيتا روڊ ۾ هڪ دوست آهي اهو صفا وڏو ان کان پڇو يان سندس کان
2
عبد الحفيظ لغاري
درويش
شاباس اٿس جو ايڏيون ڊگهيون ڳالهيون پيو ٻڌي ء پاڻ کي مٿي ۾ سور پيو وجي
3
عرس پريو
مظلوم
مظلوم ڏٺم ته دل ڏاڍو خوش ٿي ته مس ڪو داد ٿيو آهي پر اڳيو لفظ ڏسي اندر ئي سڙي ويو.....هههههه
4
نثار ابڙو
پاڪستاني ريفري
سدائين رشيد جو پاسو اها ڳالهه ته درست آهي پر اسان ڏانهن به ڪڏهن ڪڏهن پاسو وهي ويندو آهي
C:\DOCUME~1\computer\LOCALS~1\Temp\msohtmlclip1\01\clip_image001.gif

5
سليمان وساڻ
سٺو کلاڙي
سدائين مون ڏي گئس جو وڌيڪ بل موڪلي وري ٺهرائي ڏئي ...ههههههه
عرس جي ٺاهيل ٽيبل اصل هڻ کڻ آهي ۔۔۔ ٻيو سڀ ڪجهه آهي پر ٽيبل نظر نٿي اچي ۔۔۔ هي به پاڪستاني ٺيڪيدار وارو ڪم آهي جيڪو پئسا ته سڀ وٺندو آهي پر ڪم نظر ناهي ايندو ۔۔۔۔ هههههههه
 
جادوگر سيان
رشيد سمون
++++++++
متاثرين جادوگري
سليمان وساڻ
++++++++
مسڪين ڏاهو، جادوگريءَ جو طالبان
عبدالحفيظ
+++++++
جنڊ جي وچ ۾ ڪڻڪ جي مٺ
عرس پريو
+++++++
حيرت جي نشاني
نثار ابڙو
 
+++++++
جنڊ جي وچ ۾ ڪڻڪ جي مٺ
عرس پريو
+++++++

هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين آهي ته ويچارو واقعي جنڊ ۾، ڪنهن جو به ڪم هجي، هل ڙي عرس، باقي سائين سندس مڃتا بلڪل ناهي۔
 
يار سڀ زور آهيو۔ الاءِ ڪهڙا ڪهڙا خطاب ملي ويا۔ هاڻي ته پنهنجو تعارف ڪرائيندي به وائسر ڍلا هوندا ۽ لفظ ڦِريل ڦِريل۔ بهرحال نثارابڙو هڪ دفعو وري کلائي کلائي سچي ۾ کيرو ڪري وِڌو۔ ٻيو سڀ آهي پر ٽيبل ناهي۔ جيئن اڳي به عرس پريو هڪ ڪالم ”هاڻي آمريڪا ۾ آچار ته ڇا ڳُڙ ۽ گدامڙي به ملي ٿي“ ڏنو جنهن ۾ سڀ ڪجهه هو پر نه هو ته ڳڙ، آچار ۽ گدامڙي جو ذڪر نه هو۔
 
هههههههههههههههههههههه
هههههههههههههههههههههههههههه
هههههههههههههههههههههههههههههههههههه
 
ٽيبل ٺاهڻ واقعي ڏکيو مسئلو آهي ليڪن سائين عبدالرشيد جن جي ڏسيل دڳ تي عمل ڪندي هن حد تائين پهچي سگهجي ٿو۔
سيريل | نالو | شخصيت | ردِعمل
\ 1 | سائين رحيم بخش | گذارش ڪندڙ | من قبول پوي
\ 2 | عبد الحفيظ لغاري | فلاسافر | ابا اهڙا فلاسافر هجڻ به ضروري آهن۔
\ 3 | غلام مصطفى ميمڻ | محترم | نهايت مهربان۔
\ 4 | سليمان وساڻ | زورآو ر| سنگت جو مور۔
\ 5 | نثار ابڙو | سڀ سلجهائيندڙ | سڀني جو ساٿي۔
لڳي ٿو ته ڪم ٿي ويندو۔
 
Back
Top