جس معنيءِ پيچيده ڪي تصديق ڪري دل قيمت ۾ بڙھ ڪر هي ڪهين تابندهءِ گوهر سي علامه اقبال هن ڌرتي جي اها شخصيت آهي جنهن کان ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان قوم جو ٻچو ٻچو واقف آهي ۔ پوءِ اهو منفي انداز ۾ هجي يا مثبت انداز ۾۔ شايد ان لاءِ اسلام جي تعليمات ۾ ته ايتري تائين اهو حڪم ملي ٿو ته اهو ڏسو ڇا چيو پيو وڃي اهو نه ڏسو ته ڪير پيو چوي۔فطرت جي تعليم ڏيندڙ اهو ڄاڻن پيا ته حق جي رڪاوٽ ۾“ ڪڏهن نالا ايندا ته ڪڏهن ذاتيون ۽ ڪڏهن علائقا ايندا ۽ اسان مسلمان ته ان کان به وڌيڪ حصولِ علم ۾ رڪاوٽن جا حامل آهيون۔ بحرحال پنهنجي موضوع ڏي اچون ته منهنجو موضوع علامه اقبال جي شخصيت نه پر اقبال جو پيغام آهي ۔ مون ان موضوع کي ان حوالي سان ڇو کنيوآهي ان جو ڪارڻ به اوهان سامهون لکي چڪو آهيان۔ جي اقبال جي پيغام کي سمجهڻ ۾ اقبال جي شخصيت رڪاوٽ آهي ته ان کي اسان عليحده ڪريون ٿا ۔ آءُ پنهنجي لاءِ اهو چوندس ته جي مونکي اقبال سمٍجھ ۾ نه اچي ها ته شايد ڪنهن به بُزگ جو ڪلام سمجھ ۾ نه اچي ها۔ اوهان بزرگن جو ڪلام ٻڌو هوندو سندن ڪلام جي ڪري انهن بزرگن کي هڪ فڪر سان جوڙيو ويندو آهي ۽ اهو فڪر آهي ته صوفي شاعر يا صوفي بزرگ ۔ جڏهن ته ڪجھ ماڻهن يا فڪرن ۾ تصوف پڻ هڪ فقر يا فرقوآهي ۽ جڏهن ته حقيقت اها آهي ته بزرگن جو ڪو به فرقو ناهي هوندو ۔ ڇو جو فرقو حق تائين پهچڻ ۾ سڀ کان وڏي رُڪاوٽ آهي ۔بزرگن وٽ ته فرقو ڇا مذهب جي به قيد نظر نه ٿي اچي شاح صاحب جو سڀ کان ويجهڙو مريد جنهن مطلق ڪئي ڳالهيون مشهور آهن اهو مدن ئي ته آهي ڇا ان کان سواءِ شاه صاحب سان گڏ ٻئي ڪنهن ميرد جي جڙيل ڳالھ نظر اچي ٿي فرقي جي مثال سالڪن اها ڏني آهي ته هڪ مڇي اها جا هڪ تلاءُ ۾ رهي ٿي ۽ هڪ مڇي اها جا هڪ کليل سمنڊ ۾ رهي ٿي ٻنهي جي آزادي ۾ وڏو فرق آهي۔ پر ان جي نسبت علامه اقبال کي نه صوفي شاعر چيو وڃي ٿو نه بزرگ چيو وڃي ٿو۔ ان مقام تي اهو سوال به ٿي سگهي ٿو ته سائين علامه اقبال جي شخصيت تصوف کان ٻاهر اهي ان لاءي انهن کي صوفي بزرگ نه ٿو چئي سگهجي آءُ ان ڳالھ کان متفق آهيان پر ڪجھ ٻيون حقيقتون پڻ آهن ۔جي ان موضوع ۾ پوندا سين ته اصل موضوع رهجي ويندو۔بس هڪ شعر ان تي اقبال جو اقبال مطلق لکنداسين ته رند ڪهتا هي ولي مجهڪو ولي رند مجهيسُن ڪي ان دونون ڪي تقرير حيران هون مين زاهدِ تنگ نظر ني ڪافر جانا مجهي اور ڪفر يه سمجهتا هي ڪه مسلمان هون مينمون علامه اقبال جي ڪلام کي جڏهن عارفن و سالڪن کان سمجهڻ شروع ڪيو ته ٻين بُزرگن و اقبال جي ڪلام ۾ مونکي هڪڙو واضع فرق نظر آيو ته ٻين بزرگن گهڻي ڀاڱي عرفان جي آخري منزل جو احوال ڏنو اهي پر اقبال جو حال ائين لڳو ته ڄڻ سير ڪندي جيڪو ڪجھ اقبال ڏسندو ويو سو ٻڌائيندو هليو ۔ مثال هڪ شعر جي پهرين سٽ آهي سن ڪي حديثِ لنتراني چُپ هون مين اب تڪپر هن سفر مين هلندي هلندي وري علامه اقبال اها ڳالھ ڪري ٿو کُلي جاتي هين اسرارِ نهاني گيا دور حديثِ لنتراني يا هڪ مقام تي اقبال چوي ٿو اقبال ڀي اقبال سي آگاه نهين هي نهين هي والله اس مين تمسخُر نهين هي پر جڏهن اڳتي سفر ۾ هلي ٿو ۽ ۽ پنهنجي ذات جو عرفان ڪري ٿو ته چوي ٿو اقبال ڀي اقبال ڪي جستجو ۾ رها برسون تلڪ بڙي مُدتون بعد يه شاهين زيرِ دام آيا ۔اقبال جي شاعري جا ڪئي روپ نظر ٿا اچن ،ڪنهن وقت هو انسان جي سُتل ضمير جو احوال ٿو لکي ۽ اهڙي چوٽ ٿو هڻي جو سُتل جاڳي ٿو پوي پاني پاني ڪر گئي اڪ مردِ قلندر ڪي باتجب جهڪا تو غير ڪي سامني تو تن تيرا نه منيا پنهنجو ڏس ڏيندي ائين به چوي ٿو ته اپني من ۾ ڊوب ڪر پا جا سُراغِ زندگي ميرا نهين بنتا تو نه بن اپنا تو پن ۔اقبال جنهن وقت اسلام جي پيروڪار سان مخاطب ٿئي ٿو ته اهو جنهن جي قول و فعل ۾ تضاد آهي ته چوي ٿو زبان سي ڪھ ڀي ديا لاالله تو ڪيا حاصلدل و نگاه مسلمان نهين تو ڪڇ ڀي حاصل نهين۔جڏهن وري هن جي ستل ، غافل ضمير کي ڏسي ٿو ته چوي ٿو۔ شب ڀر ۾ مسجد تو بنا دي ايمان ڪي حرارت والون ني من اپنا پُرانا پاپي هي برسون ۾ نمازي بن نه سڪاسڀ کانوڏي بت پرستي پنهنجي خواهشن جي پرستش آهي ته اقبال اهڙي مسلمان کي چوي ٿو الفت اگر بتون سي هي توبرهمن سي بير ڪيونجڏهن دنيا ۾ مسلمان جي حالتِ زار کي ڏسي ٿو ۽ ان جي تباهي تي نظر وجهي ٿو ته ان جو اصل ڪارڻ به اهڙي انداز ۾ لکي ٿو جو هر شخص ان ڳالھ کي مڃي ٿو شور هي دنيا سي مسلمان هوئي نابود هم يه پوڇتي هين ٿي مسلم ڀي ڪهين موجودوضع ۾ نصارا تو تمندن مين هنود ڪيا يهي هين مسلمان جنهني ديک ڪر شرمائين يهود يون تو سيد ڀي هو مرزا ڀي هو افغان ڀي هو تميون تو سڀي ڪڇ بتائو ڪه مسلامن ڀي هو تمجي مسلمانن جي فرقه بندي ۾ ڏسي ٿو ۽ ان جي تباهي جا حال ڏسي ٿو ان کي بيدار ڪرڻلاءِ چوي ٿو منعفت ڀي ايڪو جس قوم ڪي نقصان ڀي ايڪايڪ هي سڀ ڪا نبي دين ڀي ايمان ڀي ايڪحرم پاڪ ڀي ايڪ الله ڀي ايڪ قرآن ڀي ايڪڪيا بڙي بات ٿي ڪه هوتي مسلمان ڀي ايڪڪهين هي فرقه بندي ڪهين هين ذاتيڪيا يهي هين پن اپني ڪي باتين ملت هي حجاز ڪي مصتوفِ فرقه بندي نادان لُٽ رهي هين سورج ڪي روشني مينوري سلاح ڏيندو نظر ٿو اچي مسلمانن کي واه نه ڪرنا اپني زبان فرقه بندي ڪي ليئي ڪه ڇُپ ڪر بيٺا هي هنگامءِ محشر يهاناقبال جڏهن انسان تي خواهشن جي غلبي کي ڏسي ٿو ته پنهنجي اندر جو احوال جيڪو اسان سڀني جو آهي جي اسان غور ڪريون ته اسان جو عالم به اهو آهي جڏهن ڪا اهڙِي ڳالھ ٿيندي آهي جا اسان جي ضمير کي جنهجهوڙي ويندي آهي ته اسان باطني طور تي جاڳي پوندا آهيون پر اها ڪيفيت ساڳي گهڻي دير تائين ناهي رهندي۔ ان حالت کي ڏسي اقبال چوي خوابِ غفلت سي بيدار هوتا هي ڪوئي محڪوم اگرڦر سُلا ديتي هي اسي حڪمران ڪي ساحري ڇو جو اها به هڪ حقيقت آهي ته انسان جي پنهنجي خواهشن کي ماري ڇڏي پر جي ان ڳاڳيان وري دنيا جو زڪر ٿئي ته ان الءِ به اقبال لکي ٿوزڪرِ دنيا نفسِ مُرده ڪو هوا آبِ حيات مر ڪر يه سيماب دوباره زنده هوگيا انسان جي وجود تي سالڪن و عارفن جي نظر ۾ يا پنهنجي ضمير جي حڪمراني ٿي سگهي ٿي يا نفسِ عماره جي جڏهن انسان جي مٿان نفسِ عماره جي حڪمراني رهي ٿي ته هو طاغوت شيطان جو محڪوم رهي ٿو ۽ اهو انسان غافل هوندو آهي ان جي مثال هلندڙ ڦرندڙ لاش سان ڏني ويندي آهي ۔جڏهن ان جي مٿان ضمير جي حڪراني رهي ٿي ته ان جي ذات تي الاهي حڪومت قائم رهي ٿي ان ضمير کي علامه اقبال خودي سان تشبيھ ڏني آهي ۔ هي جيڪو اوهان مشهور شعر ٻُڌو آهي ته خودي ڪو ڪر بلند اتنا ڪي هر تقدير سي پهلي خدا خود بندي سي پوڇي بتا تيري رضا ڪيا هي ان مان مراد سالڪن جي نگاه مان باضميري جي اها سيلاني منزل آهي جتي انسان کان پرورداگار ان جي مرضي پُڇي ٿو ۽ ان منزل تي جڏهن انسان چوي ٿو ته منهنجي مرضي ته صرف تنهنجي رضا ئي آهي ته خالق به ان کي چوي ٿو جي تنهنجو مقصد منهنجي رضا آهي ته پوءِ تنهنجي مرضي منهنجي مرضي آهي ۔پوءِ انسان مرضات الله جو مشتاق ٿي پوي ٿو باضميري اها منزل آهي اقبال جي نظر ۾ خودي سي طلسم رنگ بُو ڪو توڙ سڪتي ٿي يهي توحيد ٿي جسي نه تُ سمجها نه مين سمجها عارف جو پڻ اهو چوڻ آهي اقبال جي ان مشهور شعر جي مطلق وه اڪ سجده جسي تو گران سمجهتا هي هزار سجدون سي ديتا هي ادمي ڪو نجات جيئن انسان جڏهن ضمير جي آواز تي لبيڪ ڪري ٿو ته اها سندس لبيڪ الله جي بندگي ۾ شمار آهي ته اهڙي طرح سان جڏهن هو ضمير جي آواز ٺڪرائي نفسِ عماره جي آواز تي خواهشن جي پٺيان ڊوري ٿو تها ن کي عارفن و سالڪن طاغوت جي بندگي سان تشبيح ڏني آهي ۔جڏهن اسان جي معاشري ۾ دين جي نالي تي ڌوڪي بازي جي بازار کي ڏسي ٿو ته چوي ٿو خدا وندا ڪهان جائين تيري يه ساده دل بندييهان تو شاهي ڀي عياري تڳ درويشي ڀي عيارياقبال انسان جي منزل کي ان منزل۾جڏهنڏسي ٿو جنهن ۾ انسان خليفت الله آهي ته چوي ٿوآه ڪس ڪي جستجو آواره رکتي هي تجهڪوراه تو رهرو تون تو رهبر ڀي تومنزل ڀي تو ديک آڪي ڪوچهءِ غريبان مين ڪڀي قيس تو ليلا تو سحرا ڀي تو محمل ڀي تو ڪانپتا هي تيرا دل طوفانِ باطل سي ڪيا ناخدا تو ڪشتي تو بحر ڀي تو ساحل ڀي تو پوءِ ان مٿين منزل ماڻڻ لاءِ آخر ۾ مشورو ٿو ڏئي ته شعله بن ڪر ڦونڪ دي خاشاڪِ غير الله ڪوهي خوڦِ غارتگر ڪيا هي غارتگر ڀي توجڏهن پنهنجي حال کي ڏسي ٿو ته چوي ٿو پته منزل ڪا ملا هي مجهي لاپتا هوني ڪي بعد لا الا ڪي سمجھ آئي مجهڪو لا هوني ڪي بعد اڃان گهڻو ڪجھ لکي سگهجي ٿو پر موضوع جي طوالت جو احساس آهي وسلام
خوابِ غفلت سي بيدار هوتا هي ڪوئي محڪوم اگر ڦر سُلا ديتي هي اسي حڪمران ڪي ساحري ڏاڏل سائين سلام اڄ علامه اقبال جي ڏينهن جي حوالي سان اوهان جي تحرير تمام سٺي لڳي۔