سي ايم وائي ڪي۔۔۔ سي ايم وائي ڪَي جو فُل فارم : سي کي سيان CYAN ڪلر، ميجنيٽا magenta ، وائي سان يَيلو Yellow ۽ ڪَي سان بليڪ Black ڪلر ريپريزينٽ ٿئي ٿو. هن کي اسين پِرنٽ انڊسٽري ۾ گهڻو استعمال ڪيون ٿا. جيئن اخبار، پمفليٽ، پَيڊ ۽ اشتهار وغيره.. اِنهيءَ لاءِ طرح فَور ڪَلر جو لفظ استعمال ٿيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن توهان ڪو رنگين اشتهار ڇپرائڻ ويندو ته اُن جو چار پِلييٽون ٺهنديون آهن ( کائڻ واريون نه ادا... اُهي پليٽون جيڪي پرنٽنگ مشين تي لڳنديون آهن ) ۽ مٿي ٻڌايل ڪَلرن کي ملائڻ سان ئي اسان جي رَنگين پرنٽ تيار ٿيندي. يعني هر ڪلر انهن کي مِلائڻ سان ئي وُجود ۾ ايندو آهي.. آر جي بي آر جي بي.. ريڊ، گرين بليو چورائندڙ هي ڪلر سسٽم اسان جي ڊجيٽل ميڊيا پِرنٽ ۾ استعمال ٿيندو آهي، جيئن پينا فليڪس ۽ ڦوٽو پرنٽنگ سسٽمس. ۽ اهي ڊائريڪٽ ڪمپيوٽر بيسڊ مشينز مان پِرنٽ ٿينديون آهن. هن ۾ اِميج ڪوالِٽي زبردست هوندي آهي۔۔ sadayeen gudhall chari
وري هتي به اهائ بهترين ڄاڻ...... مان جڏهن ممبئي ۾ فوٽو ليب تي ڪم ڪندو هوس. تڏهن اسان وٽ به ٻه اهڙيون مشينون هونديون هيون. هڪ ليزر پرنٽ جنهن ۾ Cmyk واري پرنٽ لڳندي هئي ۽ ٻي وري ڊجيٽل فوٽو مشين جنهن ۾ Rgb واري پرنٽ ٿيندي هئي ۽ اگر اسان Rgb ۾ Cmyk واري پرنٽ هڻندا هئاسين ته اها گرينش ايندي هئي............ مهرباني ير
واهه۔۔ يعني ته مون کي هاڻ هن سلسلي ۾ ٻانهن ٻيلي ملي ويو hall chari ڇا آهي ته مان ڦوٽو ليب جو تجربو نه ٿو رکان پر جيترو ڪورل جي حساب سان منهنجو تجربو آهي مان هتي شيئر ڪندو رهندس۔۔۔۔ جتي مونکان غلطي ٿئي اُتي سُڌارو ڪجانءِ
ادا ڄامشوراڻي صاحب! ڪجهه ڏينهن جي انتهائي مصروفيت سبب ”سنڌ سلامت“ کي اٽينڊ نه ڪري سگهيم. اڄ رات جو 12 وڳي موقعو مليو. سائيٽ ڏسي، تمام گهڻي خوشي ٿي ته اوهان نه صرف ”ڪورل ڊرا“ جا لنڪ ڏئي ڇڏيا آهن، پر هيڏا سارا سبق به شروع ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي الائي آئون توهان جي ڏنل سبقن کي ياد ڪري سگهندس يا نه؟ ڇاڪاڻ ته آئون به ادا علي علي وانگر پوڙهو ٿي چڪو آهيان، جو پنهنجي ”ايڊاب فوٽوشاپ“ جي سبقن کي وساري، اوهان جي ”ڪورل ڊرا“ سکيا لاءِ ڪاپي ۽ پين کڻي سبق لکڻ جي پٺيان جاکوڙي رهيو آهيان. ادا! تمام گهڻي مهرباني. هاڻي انشاءَ الله العزيز اوهان جي رهنمائي باقاعدي طور وٺندس. انهيءَ رهنمائيءَ جي سلسلي ۾ توهان کي هڪ عرض آهي ته ڇا ڪورل 13 يا ڪورل 14 ۾ سنڌي ڪمپوزنگ جي مڪمل سهولت موجود آهي يا مڙئي جڳاڙبازي هلي پئي. مهرباني فرمائي مون کي پهريائين انهيءَ کان آگاهه ڪندا ته پوءِ ئي باقي سبقن کي اڳتي وڌائجي.
سائين توهان پوڙهو هُجڻ جو ته ايئن ٿا چئو ڄڻ اصل توهان جي هٿ ۾ ڪي بورڊ ۽ مائوس به لُڏندا هُجن، باقي ادا سنڌي توهان ڪورل ڊرا جي انهيءَ ٽنهي ورزنس ۾ لکي سگهو ٿا پر يونيڪوڊ هُجڻ جي ڪري سنڌي مسئلو ڪري ٿي، ان جي لاءِ توهان ادي ابو زين جو ٽيوٽرل پڙهو ڪورل ڊرا ۾ سنڌي لکڻ جي لاءِ
ڪورل 13 يا 14 ۾ ڊائريڪٽ سنڌيءَ جي مڪمل ڪمپوزنگ ڪريو سمورن دوستن کي سلام هجن! ڪالهه ادي ڄامشوراڻي صاحب کان ڪورل 13 يا ڪورل 14 ۾ ڊائريڪٽ سنڌي لکڻ بابت هڪ سوال ڪيو هوم. پر پوءِ مون پاڻ ڪورل ڊرا 13 تي ڪجهه مٿاخوري ڪئي، جنهن ۾ مون کي ڪاميابي حاصل ٿي. سوچيم ته سنڌ سلامت سان ان مسئلي جو حل ونڊيان. دوستؤ! ڪورل ڊرا 13 يا 14 ۾ ڊائريڪٽ سنڌي ڪمپوز ڪرڻ جو مختصر ۽ آسان حل اهو آهي ته اسين جيڪو MBSindhi جو سيٽ اپ هلايون ٿا، ان لاءِ ضروري آهي ته اسان Input Language ۾ (Arabic (Saudi Arabia) رکون. ڇاڪاڻ ته ڪورل ڊرا جي انهن ورزنن ۾ فارسي ٻوليءَ جي مڪمل سپورٽ ناهي، جنهن جي ڪري اسان جي سنڌي اڌوگابري پئي لکجي. جڏهن ته (Arabic(Saudi Arabia) جي ڪي بورڊ ۾ سنڌي ڪمپوزنگ جي مڪمل سپورٽ موجود آهي. مون وٽ به پهريائين MBSindhi جو ڪي بورڊ فارسيءَ تي هلي رهيو هو. مون جڏهن اُن کي ڦيرائي (Arabic Saudi Arabia) تي رکيو ته ماشاءَ الله سان ڪورل ڊرا 13 ۾ سنڌي مڪمل طور تي ڪمپوز ٿي رهي آهي.
هڻ لٺ۔۔ توهان فارسيءَ جي سپورٽ تي پيا سنڌي لکو۔۔ تڏهن ته نه پئي لکي سگهيو۔۔ سعودي عرب واري عربي ئي بهتر آهي۔۔