• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

(اوڏيرو لعل جو مقبرو مٽياري سنڌ)

اڏيرو لال :


اڏيري لال جي شخصيت بابت سنڌ ۾ ٻه روايتون هلندڙ آهن . هندو کيس ” اڏيري لال “ جي نالي سان جهولي لال جو -اوتار- سمجهن ٿا . سندن روايت موجب ، -اڏيرو لال- نصرپور جي رتنراءِ لوهاڻي جي گهر ۾ ، چيٽي چنڊ ، 1007 سنبت ۾ ڄائو . ڄمڻ وقت ايستائين ماءُ جو کير نه پيتائين ، جيستائين سنڌو درياءُ جو پاڻي سندس منهن ۾ نه پيو . -ان- روايت مطابق کيس ” درياهه شاهه جي -اوتار- “ جي نالي سان پڻ ڄاتو ويندو آهي .

اڏيري لال جا هزارين مريد اڄ به هندستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهن ٿا ، جيڪي هرسال چيٽي چنڊ ملهائيندا آهن . چيٽي چنڊ جي ميلي جي موقعي تي سنڌ ۾ به اچي گڏ ٿيندا آهن ، ۽ اڏيري لال جا ” پنجڙا “ ڳائيندا آهن ۽ بهراڻا ڪڍندا آهن . ڀارت ۾ اڏيري لال جو ڏِڻ ” سنڌيت “ جو خاص اهڃاڻ آهي . هن بزرگ کي ” جهولي لال “ ۽ ” پلي وارو پير “ چوندا آهن . دراصل اڏيري لال جو تصور قديم زماني کان هلندو ٿو اچي ، جنهن ۾ عام مڃتا موجب ” سڄي جهان جو مدار پاڻي آهي “ ، واري خيال جو تسلسل سمايل آهي .
مسلمانن وري انهيءَ خيال کي خواجه خضر واري روپ ۾ محفوظ ڪيو . سنڌ ۾ درياهه جتان جتان لنگهيو ، اتي اڏيري لال جا آستان ٺهيا ، ۽ درياهه شاهه جي پوڄا جو سلسلو هليو ۽ جاري رهيو . هن وقت به ساڌ ٻيلي ، روهڙيءَ ، نصرپور ، سيوهڻ ، ٺٽي ۽ ٻين گهڻن ئي هنڌن تي اڏيري لال جا آستانا آهن .

اڳوڻي ضلعي حيدرآباد ( ۽ هاڻي ضلعي مٽياريءَ ۾ ) اُڏيري لال جو آستان درياهه جي ڪپر تي ، جهيجن جي ڳوٺ ۾ هو ، جيڪوهاڻي ” اڏيرو “ سڏجي ٿو . اتفاق سان انهيءَ هنڌ تي مشهور درويش شيخ طاهر جي مزار پڻ هئي ، جنهن کي پوءِ -اڪبر بادشاهه- ڪوٽ ڏياريو . پر هڪڙي هندو اڳواڻ بيدار سنگهه پٽ شامداس اُڏيري جي آستان جي سنبت 1634 ۾ اڏاوت ڪرائي . هن وقت اڏيري لال جي آستان ( کوهه ۽ پوڄاپاٺ جي آستانن ) کي سنڀاليندڙ ” ديوي ماتا “ نالي هڪڙي پرهيزگار هندو عورت آهي ، پر شيخ طاهر جي مقبري جا متولي جهيجا ذات جا ماڻهو آهن ، جيڪي هاڻي پاڻ کي شيخ سڏائيندا آهن . اُڏيري لال جي ميلي تي هڪ عجيب روايت آهي ته اڏيري لال جي سماڌيءَ کي ميلي جي موقعي تي کير سان هندو ڌوئندا آهن ، پر مڃتا طور ملندڙ رقم مسلمان شيخ کڻندا آهن . اڏيري لعل جي مندر جي ڀت سان لڳو لڳ مسجد به آهي ، ۽ اهو سنڌ ۾ مذهبي رواداريءَ جو اعليٰ مثال آهي . اڏيري لال جي آستاني/حجري ۾ ديوارن تي مورتين ۽ اُڏيري جي پاڻيءَ جي ديوتا جي روپ واري چترڪاري ٿيل هئي ، ايوبي دور ۾ ڪن تعصب پسند ماڻهن ان کي رنگ هڻائي مٽائي ڇڏيو .
 
Back
Top