چيني ڪهاڻيڊينڊڙو ماڻهومترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙوجمهوريت جو ڇهون سال هو ۽ سياري جو ڏينهن. تيز سرد هوائون گھلي رهيون هيون. هڪ ڏينهن هڪ قومي تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مون کي صبح سوير اٿڻو پيو. تقرير تيار هئي، ان ڪري ڏاڍو خوش هوس. جھونگاريندو اٿيس، ڪپڙا بدلايم، نيرن ڪيم ۽ جلسي گاهه ۾ وڃڻ لاءِ نڪري ويس. هڪ ته صبح سوير سواري ملڻ مشڪل، وري مٿان وڏي ڏينهن جي ڪري رستن تي ڏاڍي پيهه هئي. رڪشا واري کي جلسي گاهه جو هنڌ ٻڌائي مزي سان سيٽ تي آهلِي پيس. منهنجي طبيعت ۾ تجسس جو مادو ڏاڍو آهي. هونئن به پاڻ کي ليڊر سمجھندو آهيان، تنهنڪري عام ماڻهوءَ جي مسئلي کان واقفيت ضروري آهي. مون رڪشا ڊرائيور کي غور سان ڏٺو. هو ڪمزور جسم جو مالڪ هو. ڊينڊڙو نوجوان هو جنهن جي لوندڙين تي ڪجھ اڇا وار ڏيکاريا پئي. لباس گھنجيل ۽ ميرو سيرو هوس، ٿڌ جي ڪري هو هر هر نڪ اگھي پيو ۽ هڏڪي پئي آيس. ٻين جي مقابلي ۾ پنهنجي برتريءَ جو احساس انسان کي هميشه مغرور ڪري ڇڏيندو آهي. ان صبح جو منهنجي حالت به ڪجھ ان قسم جي هئي. رڪشا واري جي مقابلي ۾ مان يقيناً مغرور، احترام لائق، خوش پوشاڪ ۽ وڏو ماڻهو هوس، هاڻي ٿوري دير کان پوءِ هڪ وڏي جلسي ۾ خطاب ڪرڻو هيم. هو ويچارو انهن ڳالهين کي ڇا ڄاڻي، بس پڪي رستي تي رڪشا ڀڄائيندو ٿي ويو. هوا بيٺل هئي ۽ رستا ڌوڙ ۽ ڌڌڙ کان صاف هئا. اسان ماڳ تي پهچڻ وارا هئاسون ته اوچتو ڪو رڪشا سامهون آيو ۽ ٽڪرائجي پڪي سڙڪ تي ڍير ٿي پيو. رڪشا وارو بيهجي ويو. مون منڍي ٻاهر ڪڍي ڏٺو، ليڙن ۾ ويڙهيل هڪ عورت اونڌي ٻوٿ رستي تي پئي هئي. رڪشا واري ان کي بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي پر شايد هن جي نظر ڪمزور هئي. اتفاقي طور، لاڙي جي ڪري رڪشا جي رفتار تيز ڪا نه هئي، نه ته عورت کي ڌڪ ڏاڍو لڳي ها. مان ٻاهر نڪري آيس. رڪشا واري عورت کي اٿاريو ۽ تسلي ڏيڻ لڳس. مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. پري پري تائين ڪوئي نظر نه ٿي آيو. ڀڄي وڃڻ جو ڏاڍو سٺو موقعو هو. مون کي دير ٿي رهي هئي، تقريب شروع ٿيڻ ۾ باقي ڪجھ منٽ هئا... ۽ ”معاشرو فرد کان ڇا ٿو گھري؟“ جي عنوان هيٺ لکيل عالماڻي تقرير منهنجي کيسي ۾ ڪر موڙي رهي هئي، مون ڪَڪِ ٿيندي چيو، ”اي ڀاؤ، رڪشي وارا! عورت کي ڌڪ ته آيو ڪو نه، هاڻي هل کڻي، خواهه مخواهه ٿو وقت ضايع ڪرين.“ پر ڄڻ رڪشا واري جي ڪن تي جونءَ به ڪا نه چري. هن ڏاڍي نرميءَ سان عورت کي سهارو ڏئي فٽ پاٿ تي وٺي وڃي پڇيو، ”ڌڪ ته ڪونه لڳئي؟“ ”ڏاڍو ڌڪ لڳو آ.“ عورت چنگھندي چيو. مون کي هن جي مڪر تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. بدبخت نجو پجو ڪوڙ ڳالهائي رهي هئي. مون کي يقين هو ته هن کي ذرو به ڌڪ نه لڳو هو ۽ هي بيوقوف رڪشي وارو خواهه مخواهه پنهنجي لاءِ مصيبت پيدا ڪري رهيو هو. هن کي گھربو هو ته هو يڪدم هتان رفو چڪر ٿي وڃي، احمق ڪٿي جو، پاڻ سان گڏ مون کي به دير ڪرائي رهيو هو. رڪشي وارو واقعي احمق هو ڇو ته عورت جي واتئون اهو ٻڌي، ته هن کي ڌڪ لڳو آهي، اٿيو، عورت کي ٻانهن کان پڪڙي سامهون جاءِ طرف وڃڻ لڳو، جنهن جي مٿان وڏن اکرن ۾ لکيل هو ”پوليس اسٽيشن.“ دروازو بند هو. هو زور زور سان دروازو ڪُٽڻ لڳو. مان ڪڪ ٿي رستي تي آيس، جيئن خالي سواري حاصل ڪري سگھان. ٿوري دير کان پوءِ هڪ پوليس آفيسر مون وٽ آيو ۽ چيائين، ”سائين توهان ڪو ٻيو رڪشو حاصل ڪيو. هو ماڻهو توهان کي نه ٿو کڻي وڃي سگھي.“ ”ڏاڍو سٺو.“ مون سڙندي چيو. واچ تي نظر ڪيم، تقريب جو وقت ٿي چڪو هو. سڀ کان پهريون مون کي تقرير ڪرڻي هئي مون... ”معاشرو فرد کان ڇا ٿو گھري؟“ تقرير جا ڪاغذ کيسي مان ڪڍيا. فاتحانه شان سان انهن تي نظر وڌي... رڪشا واري کي هن جي حماقت ۽ بيوقوفيءَ تي ڇنڀيندو، تڪڙيون وکون کڻندو، جلسي گاهه طرف وڌڻ لڳس.