• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 9 نومبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 9 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

9 نومبر1692ع ناليواري مذهبي اسڪالر مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو جنم ڏينهن آهي۔
9 نومبر1877ع شاعر مشرق علامه محمد اقبال جو جنم ڏينهن آهي۔
9 نومبر1911ع اردو جي نامياري شاعر تابش دهلوي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
9 نومبر1936ع ليکڪ، اداڪار ۽ هدايتڪار آتم تلريجا (روهڙي / دهلي) جي پيدائش ٿي۔
9 نومبر1937ع سياست سان تعلق رکندڙ محمد خان سومرو جي پيدائش ٿي۔
9 نومبر1938ع ناليواري ليکڪ ۽ اداڪار واسديوسنڌو ڀارتي (نصير آباد / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي۔
9 نومبر1942ع گلوڪاره مالا جو جنم ڏينهن آهي.
9 نومبر1951ع قومپرست سياستدان ۽ ليکڪ عبد الخالق جوڻيجو جو جنم ڏينهن آهي.
9 نومبر1959ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ ليکڪ سيد پريل شاهه پيدا ٿيو۔
9 نومبر1959ع اداڪاره روبينه اشرف جو جنم ڏينهن آهي.
9 نومبر1968ع ليکڪ ڊاڪٽر عامر عباس سومرو جو جنم ڏينهن آهي.​

وڇوڙو:

9 نومبر1892ع سيد ميران محمد شاهه اول جي وفات ٿي۔
9 نومبر1943ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا خليفو يار محمد انتقال ڪري ويو۔
9 نومبر1953ع ناليوارو سنڌي موسيقار ۽ لتا منگيشڪرجو استاد ماسٽر غلام حيدر لاهور ۾ وفات ڪري ويو۔
9 نومبر 1994ع اردو جي نامور شاعر محشر بدايوني جي وفات جو ڏينهن آهي.
9 نومبر 1995ع شاعر م ن محزون (ميهڙ) جي وفات جو ڏينهن آهي.
9 نومبر2012ع ليکڪ محمد هاشم چنا (ٽنڊو محمد خان) جي وفات ٿي.
9 نومبر 2017ع عالم، اديب، برک ڏاهي ۽ محقق محمد ابراهيم جويي جو انتقال ٿيو.
9 نومبر 2021ع ناميارو ڪھاڻيڪار ۽ ڊراما نگار شوڪت حسين شورو ڪراچيءَ جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ ڪووڊ 19 سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ادا سليمان وساڻ اسلام عليڪم۔ ماشاالله،بهترين بهترين۔ ماضي جي ڏاهن جي ڄمڻ ۽ مرڻ واريون تاريخون ونڍ ڪري هن فورم تي ۔اوهان هڪ نيڪ ڪم ڪري رهيا آهيو جيڪو اسان جي معلومات ۾ اضعافي جو به سبب آهي،ڊاڪٽر در محمد جن جي به مهرباني جيڪي اها معلومات ڪاوش اخبار ۾ ڄاڻائن ٿا۔
 
ادا سليمان وساڻ اسلام عليڪم۔ ماشاالله،بهترين بهترين۔ ماضي جي ڏاهن جي ڄمڻ ۽ مرڻ واريون تاريخون ونڍ ڪري هن فورم تي ۔اوهان هڪ نيڪ ڪم ڪري رهيا آهيو جيڪو اسان جي معلومات ۾ اضعافي جو به سبب آهي،ڊاڪٽر در محمد جن جي به مهرباني جيڪي اها معلومات ڪاوش اخبار ۾ ڄاڻائن ٿا۔

جي بلڪل ميمڻ صاحب! سليمان وساڻ صاحب هونئن ته اڳي ئي اهڙن ڪم (مواد سهيڙڻ ۽ ڏاهاڙا ياد رکڻ) ۾ ڀَڙ آهن پر هي ڪم هڪ تاريخ آهي جڪيا سنڌ سلامت تي درج پئي ٿيندي وڃي۔ هاڻي جڏهن به ڪو گوگل تي وڃي ڪنهن ڏهاڙي کي سرچ ڪندو ته کيس جواب ملي ويندو!
 
Back
Top