• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 9 نومبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 9 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

9 نومبر 1692ع ناليواري مذهبي اسڪالر مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو جنم ڏينهن آهي۔
9 نومبر 1877ع شاعر مشرق علامہ محمد اقبال جو جنم ڏينهن آهي۔
9 نومبر 1880ع نامياري شاعر ۽ نثر نويس حاجي شير محمد ’شيرل‘ چغدي جو جنم ڏينهن آهي۔
9 نومبر 1911ع اردو جي نامياري شاعر تابش دهلوي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
9 نومبر 1920ع مشھور مزاح نگار شفيق الرحمّٰن جو جنم ڏينھن آهي.
9 نومبر 1936ع ليکڪ، اداڪار ۽ هدايتڪار آتم تلريجا (روهڙي / دهلي) جي پيدائش ٿي۔
9 نومبر 1937ع سياست سان تعلق رکندڙ محمد خان سومرو جي پيدائش ٿي۔
9 نومبر 1938ع ناليواري ليکڪ ۽ اداڪار واسديوسنڌو ڀارتي (نصير آباد / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي۔
9 نومبر 1942ع گلوڪاره مالا بيگم جو جنم ڏينهن آهي.
9 نومبر 1951ع قومپرست سياستدان ۽ ليکڪ عبد الخالق جوڻيجو جو جنم ڏينهن آهي.
9 نومبر 1959ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ مصور ۽ مجسماساز سيد پريل شاھ پيدا ٿيو۔
9 نومبر 1959ع اداڪاره روبينہ اشرف جو جنم ڏينهن آهي.
9 نومبر 1968ع ليکڪ ڊاڪٽر عامر عباس سومرو جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

9 نومبر 1892ع سيد ميران محمد شاهه اول جي وفات ٿي۔
9 نومبر 1911ع ميڊيسن جو نوبيل انعام حاصل ڪندڙ پاڪستاني ڄائي آمريڪي سائنسدان ھرگوبند کرانا جي وفات ٿي۔
9 نومبر 1943ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا خليفو يار محمد انتقال ڪري ويو۔
9 نومبر 1953ع ناليوارو سنڌي موسيقار ۽ لتا منگيشڪرجو استاد ماسٽر غلام حيدر لاهور ۾ وفات ڪري ويو۔
9 نومبر 1953ع سعودي عرب جو بادشاھ عبدالعزيز ابن سعود وفات ڪري ويو۔
9 نومبر 1971ع نامور ڪهاڻيڪار حفيظ شيخ وفات ڪري ويو۔
9 نومبر 1986ع تعليمي ماھر ۽ انتظامي سربراھ ڪريم بخش چنا لاڏاڻو ڪري ويو۔
9 نومبر 1994ع اردو جي نامور شاعر محشر بدايوني جي وفات جو ڏينهن آهي.
9 نومبر 2009ع ليکڪ ۽ استاد عزيز پلي جي وفات ٿي.
9 نومبر 2012ع ليکڪ محمد هاشم چنا (ٽنڊو محمد خان) جي وفات ٿي.
9 نومبر 2017ع عالم، اديب، برک ڏاهي ۽ محقق محمد ابراهيم جويي جو انتقال ٿيو.
9 نومبر 2021ع ناميارو ڪھاڻيڪار ۽ ڊراما نگار شوڪت حسين شورو ڪراچيءَ جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ ڪووڊ 19 سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

واقعا
1921ع ــ البرٽ آئنسٽائن کي فزڪس جو نوبيل انعام مليو
1962ع ــ يوم سنڌي زبان ملھايو ويو.
1965ع ــ برطانيہ ۾ موت جي سزا ختم ڪئي وئي.
1972ع ــ پاڪستان سيٽو معاهدي کان جدا ٿيو.
1972ع ــ پاڪستان اتر ويٽنام ۽ اتر ڪوريا کي تسليم ڪيو.
1973ع ــ (فلم) ”جيجل ماءُ“ مشھور هدايتڪار ۽ پروڊيوسر اي. ايڇ صديقي ۽ موسيقار غلام علي رليز ڪئي.
1989ع ــ اولھ ۽ اوڀر جرمنيءَ جي وچ ۾ ٺاھيل ڪيل برلن ڀِت کي کوليو ويو.
1994ع – ڪيميائي عنصر ڊارمسٽاڊيئم دريافت ٿيو.
2020ع ــ وزيراعظم عمران خان ڪرتارپور راھداريءَ جو افتتاح ڪيو.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
آخري ترميم:
ادا سليمان وساڻ اسلام عليڪم۔ ماشاالله،بهترين بهترين۔ ماضي جي ڏاهن جي ڄمڻ ۽ مرڻ واريون تاريخون ونڍ ڪري هن فورم تي ۔اوهان هڪ نيڪ ڪم ڪري رهيا آهيو جيڪو اسان جي معلومات ۾ اضعافي جو به سبب آهي،ڊاڪٽر در محمد جن جي به مهرباني جيڪي اها معلومات ڪاوش اخبار ۾ ڄاڻائن ٿا۔
 
ادا سليمان وساڻ اسلام عليڪم۔ ماشاالله،بهترين بهترين۔ ماضي جي ڏاهن جي ڄمڻ ۽ مرڻ واريون تاريخون ونڍ ڪري هن فورم تي ۔اوهان هڪ نيڪ ڪم ڪري رهيا آهيو جيڪو اسان جي معلومات ۾ اضعافي جو به سبب آهي،ڊاڪٽر در محمد جن جي به مهرباني جيڪي اها معلومات ڪاوش اخبار ۾ ڄاڻائن ٿا۔

جي بلڪل ميمڻ صاحب! سليمان وساڻ صاحب هونئن ته اڳي ئي اهڙن ڪم (مواد سهيڙڻ ۽ ڏاهاڙا ياد رکڻ) ۾ ڀَڙ آهن پر هي ڪم هڪ تاريخ آهي جڪيا سنڌ سلامت تي درج پئي ٿيندي وڃي۔ هاڻي جڏهن به ڪو گوگل تي وڃي ڪنهن ڏهاڙي کي سرچ ڪندو ته کيس جواب ملي ويندو!
 
Back
Top