اڄوڪو ڏينهن 10 نومبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 10 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

10 نومبر 1903ع شاعر طالب عباسي جو جنم ڏينهن آهي۔
10 نومبر 1919ع شاعر سيتل ڪمتر (هالا / اجمير) جي پيدائش ٿي۔
10 نومبر 1923ع نامور فلمي اداڪار طالش جي پيدائش ٿي۔
10 نومبر 1932ع ليکڪ عبدالغفور انصاري جو جنم ڏينهن آهي۔
10 نومبر 1943ع راڳي استاد وريلداس (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
10 نومبر 1945ع ليکڪ، سماجي ڪارڪن ۽ استاد انور علي سرهيو (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
10 نومبر 1947ع ليکڪ ۽ صحافي سيد تھذيب الاسلام رضوي جو جنم ڏينهن آهي.
10 نومبر 1952ع بدين سان تعلق رکندڙ صحافي عبداللطيف زرگر جو جنم ٿيو۔
10 نومبر 1960ع ٻلهڙيجي سان تعلق رکندڙ صحافي زلف پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي۔
10 نومبر 1962ع گلوڪاره ساڌنا ايسراڻي (نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي۔
10 نومبر 1962ع بخشل لڌاڻي جو جنم ڏينهن آهي۔
10 نومبر 1966ع ناليواري قانوندان بئريسٽر ضمير گهمري جو جنم ڏينهن آهي۔

وڇوڙو:

10 نومبر 1903ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم جي وفات ٿي۔
10 نومبر 1918ع شاعر سيد حاجي محمد حافظ شاھ جي وفات ٿي۔
10 نومبر 1938ع جديد ترڪيءَ جي باني، فيلڊ مارشل، سيڪيولر سڌارا آڻيندڙ اڳواڻ ۽ ترڪيءَ جي پھرين صدر مصطفي ڪمال اتاترڪ جي وفات ٿي۔
10 نومبر 1940ع لاڙڪاڻي جي شاعر ۽ صحافي ميان علي محمد قادري جي وفات ٿي۔
10 نومبر 1980ع الغوزي نواز مصري خان جمالي جو انتقال ٿيو.
10 نومبر 1982ع سنڌ جي پهرين خاتون ڊاڪٽر، ساران ڌيءَ عبدالقادر صديقي جو انتقال ٿيو.
10 نومبر 2018ع شاعر سائل آزاد وفات ڪري ويو.

واقعا:

1962ع – پنجاب يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ يونيورسٽي جي نصاب ۾ سنڌي، پشتو ۽ پنجابي ٻولين کي مضمون طور شامل ڪيو ويندو.
1964ع – ڪراچي ۾، ڪراچي سرڪلر ريلوي شروع ٿي.
1977ع – پاڪستان جي سپريم ڪورٽ نصرت ڀٽو ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ملڪ ۾ لڳل مارشل لا کي جائز ۽ وقت جي ضرورت قرار ڏنو.
1983ع ــ دنيا جو پھريون ڪمپيوٽر وائرس آمريڪي شاگرد فريڊ ڪوھن (Fred Cohan) متعارف ڪرايو.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
Back
Top