آزادي

'مختلف موضوع' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏10 نومبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    طنز و مزاح
    آزادي
    ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
    عام طور هر ڪاليج سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ هاسٽل ضرور هوندي آهي. هاسٽل ۾ شاگرد رهندا آهن. ڇو رهندا آهن؟ ان جا ٻه سبب هوندا آهن: هڪ آزادي ۽ ٻيو گھر جي مانيءَ کان جند چٽي پوندي آهي. پوئين جملي تي حيرت ظاهر ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي، ڇو ته پنهنجي بُسري به وِهُه، پَرائي دال به واهه واهه!
    آزادي ٻن قسمن جي آهي: هڪ ته پڙهڻ لاءِ صاف سٿرو ماحول، ڇو ته گھڻو ڪري اسان جا گھر سوڙها هوندا آهن (جو ويڪرا گھر هٿ نه ڪري سگھياسون)، جتي ڍڳ ٻارن جي گوڙ سبب پڙهي ڪونه سگھندا آهيون، ۽ ٻيو ته ماءُ پيءُ جي موچڙن کان جان بچندي آهي... سوچ ۾ غرق ٿيڻ ۽ منجھڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇو ته ماءُ پيءُ هيڏي ساري ڏاڙهيءَ سان پٽ جي عزت ڪري صرف ايترو چوندا آهن ته بابلا! رات جو ٻارهين ٻارهين تائين گھر کان ٻاهر رهڻ چڱي عادت نه آهي، ماني ٺري ٿي وڃي، وغيره، پر به، انهن کي ڄڻڪ موچڙو سمجھي، گھر کان ٻاهر آزاد رهڻ جو سوچيندا آهن، تنهنڪري ئي هاسٽل ۾ گھڻا ڇوڪرا رهڻ پسند ڪندا آهن.
    ڪيترن ئي ڪمرن جي وڏي گھر کي هاسٽل چئبو آهي. اٺ ئي پهر ٻه ٻه چوڪيدار ٻاهرين وڏي در تي چوڪي ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيل هوندا آهن، جيڪي اڪثر ڪري ڏينهن جو غائب ۽ رات جو ننڊ ڪندا آهن. ان جو سبب هي نه آهي ته ڪمرن ۾ جنن ڀوتن جو آستانو هوندو آهي، پر ان کي... پنهنجي ڊيوٽي... سهڻي نموني وفاداريءَ ۽ ايمانداريءَ سان سَرانجام ڏيڻ چئبو آهي. هر ڪمري ۾ هڪ هڪ يا ٻه ٻه... ڪڏهن ڪڏهن ٽي ٽي يا چار چار ڇوڪرا به رهندا آهن. ان جو ڪارڻ هي نه آهي ته گورنمينٽ وٽ هاسٽل ٺهرائڻ لاءِ پئسو ڪونهي، پر جيئن ڇوڪرا پاڻ ۾ گڏ رهڻ سکن. ڇوڪرا به ٻن قسم جا هوندا آهن: هڪڙا پڙهاڪو ۽ محنتي... ٻيا عيش آرام، گھمڻ ڦرڻ جا ڪوڏيا. پهريون ٽولو ”بيڪار“ ۽ ”ردِي“ هئڻ ڪري ڇڏي ٿا ڏيون. اسان جو نمبر ٻئي ”اشراف“ ٽولي سان آهي.
    هن ٽولي جي شاگردن جا وار گھڻو ڪري وڏا وڏا، ڪنن تي ۽ پٺن تي لڙڪيل هوندا آهن، ”محبوب دي زلف دراز“ پيا لڳندا آهن جن ۾ ڪڏهن ڪک، پن، ٽارو (ٽَٽون نه) اٽڪيل ڏسي، ائين نه سمجھڻ گھرجي ته جھرڪيءَ جو آکيرو هوندو يا ڪڪڙِ آري تي آهي يا ڪو گھوڙن جو ڪڙه آهي، پر ان کي ڪنهن وڻ جو قصور ۽ تڪرار سمجھڻ گھرجي، جنهن سندن ڊگھن وارن تي حسد ۽ ساڙ وچان بنا ڪنهن ضرورت جي ڪک پن ڦٽو ڪيو هجي. منهن مهانڊو ڪهڙو به هجي، ڦٿل واڱڻ يا ڪني ڪريلي جهڙو يا سج ۽ چنڊ جو ڀڳل ٽڪرو، پائوڊر ڪريم خوب ٿڦيل هوندي، ڪي ڪي سرخي به هڻندا، جيڪا هر رنگ ۾ ملي سگھي ٿي. ڪپڙن، بوٽن ۾ رنگ رنگ ڳتيل، پٽو پٽو، چٽ چٽ چٽو (زيبرا نه سمجھڻ گھرجي). گھمڻ ڦرڻ ۾ نزاڪت، ناٽ ۽ نخرو. مٿي ۾ ڏيڏر يا ڏاند ته ڪو نه هوندو اٿن، پوءِ به ٽر ٽر گھڻي ڪندا آهن. ڊگهو سگريٽ وات ۾، ريل گاڏي جي ڪاري مشين وانگر هميشه دونهون ڪڍندا رهندا.
    هي هڪ اهڙي ئي شاگرد جو ڪمرو آهي. فرش تي صرف هزار سوا وارو قالين وڇايل آهي. هڪ پاسي کٽ پئي آهي، ٻئي پاسي صوفه سيٽَ، جن تي شاگرد ويٺا ڳالهيون ڪري رهيا آهن. در، دري ۽ روشن دان تي ريشمي ٿلها پردا لڙڪي رهيا آهن، ان ڪري نه، ته متان ڪو پکي اندر گھري اچي، پر جيئن هتي ٿيندڙ ڳالهيون ٻاهر نه وڃن. ائين ڪو نه آهي ته هتي ملڪي نظام بدلڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن يا هي ڪي انقلابي پارٽيءَ جا سرغنا آهن، پر هي انهن ”بدمعاش“ ماڻهن جي رويي خلاف احتجاج جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.
    پهريائين هنن کان واقف ٿيڻ ضروري آهي. هو مٽو آهي، هي پپو آهي ۽ هو ٻاٽو آهي. اهي سندن پيار ۽ محبت وچان رکيل نالا آهن. جيئن ته ديسي ٻوليءَ ۾ مٺاس ڪونهي، ان ڪري انٽرنيشنل لينگويج ۾ ڳالهائڻ پسند ڪندا آهن. مٽو جي مٺ ۾ ٺڪر مان ٺهيل سگريٽ جي ڊگھي نموني جو ڇيڙو بند آهي، ڪجھ ڪجھ دونهون نڪري رهيو اٿس. ٻاٽو مُٺيون ڀڪوڙي ۽ کولي رهيو آهي، نڪ سسي ويو اٿس ۽ اکيون ڦوٽاريل، آواز ۾ ڏاڍي ڪڙڪائي ”مان هڪ هڪ مواليءَ جو خون ڪندس.“
    مٽو جي هٿ ۾ جھليل ڊگھي سگريٽ نما ٺڪر جي ڇيڙي وات ۾ وجھي ساهه ڇڪي، وات مان دونهون ڪڍندي، شوشو ڪري ڪمري ۾ گول ڦرڻ شروع ڪري ٿو.
    ”ڇو، موالين ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ اهي ته خود اسان جا حامي آهن.“ پپو نراڙ ۾ گھنج وجھندي چئي ٿو.
    ڇو ته موالين ههڙي پياري شيءِ جو نالو سلفي رکيو آهي.“
    ”موالين کي ڏوهه نه ڏي. نالو ڪنڀر رکي، نفرت ملڙو ڪٽڙو ڪري، پر اسان جو انهن سان ڇا وڃي، اهو ته انسان جو عالمي حق آهي ته هو ڇا به ڪري، ڇا به چوي.“ مٽوءَ اکيون بند ڪندي ڊگھو ساهه هوا ۾ ڪڍي ڇڏيو، جنهن ۾ نانگ جيان وڪڙ کائيندڙ دونهون ڀريل هو.
    ٻاٽو باهه تپيل ٽامي جيان ڳاڙهو ٿي ويو آهي. ڏندن کي ڀڪوڙي، احتجاج ڪندي زور سان اڳيان رکيل ٽيبل کي لت هڻندي چوي ٿو: ”انسان جو عالمي حق؟ انسان آزاد آهي؟ ڪهڙو آزاد آهي! اسان آزاد آهيون؟ ڇا اسان کان جيئڻ نه کسيو ويو آهي؟ ڇا اسان کي ائين نه ٿو چيو وڃي ته ليلي، روزي، نمي جي سنگت ڇڏي ڏيون؟ عظيم شيءِ چرس کان جهليا نه ٿا وڃون؟ شراب جي بهترين شربت پيئڻ کان منع ناهي؟ اچي اچي اسان جي لاءِ سماجي زنجير پيدا ٿيا آهن. ملڙا بند ڪمري ۾ اثرائتو تعويذ لکن! فقير اونداهي ڪوٺيءَ ۾ جن ڪڍن! امير ڪلبن ۾ رنن سان نچن، غريب گھر ۾ زال کي گاريون ڏئي! باقي اسان لاءِ شراب حرام، چرس گناهه، چوري ڏوهه! هر ڳالهه تي پابندي، هر ڳالهه تي بندش.“
    ”چڱو چڱو، محفل جو مزو ڪنو نه ڪر. ڏس ته وقت تي موسيقي به آئي آهي. اٿو اٿو ڊانس ڪيو. ڪرسي پري ڪر، ٽيبل سور، گول گول ٺاهيو، ڏس... ڏس، عظيم سلفي پري نه رک، لڳي دم، مِٽي غم... لڳي دم، مِٽي غم... دم... دم... دم!“
    ٽئي ڳائن ٿا، جھومن ٿا، گول ڦرن ٿا، دونهون ڪڍن ٿا، رڙيون ڪن ٿا، ”آزادي“، ”انساني آزادي“، ”عالمي آزادي“، ”جيئي آزادي“، ”سدا جيئي“، ”جيئي جيئي“.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو