• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪڙو چريو

زاهد سومرو

سينيئر رڪن
”هڪڙو چريو“

هڪڙو چريو هر وقت ڳالهائيندو رهندو هئو ته، ”مان هڪڙي گليل ٺاهيندس ۽ جهرڪين کي ماريندس“، مان هڪڙي گليل ٺاهيندس ۽ جهرڪين کي ماريندس“ ان جي حالت ڏسي ڪري هڪ ڏينهن ان چريي کي چرين جي ڊاڪٽر ڏي وٺي ويا۔۔۔ ۽ پوءِ ان جو علاج ٿي ويو۔

ڊاڪٽر چريي سان: هاڻي اوهان ڇا ڪندو؟

چريو: شادي ڪندس نوڪري ڳولهيندس گهر وسائيندس۔۔

ڊاڪٽر: وير نائيس، پوءِ ڇا ڪندو؟

چريو: ٻارن کي سٺي اسڪول موڪليندس، انهن جو جنم ڏينهن ملهائيندس تحفي ۾ ٻارن کي نِڪر (چڊي) ۽ شرٽ (قميص) ملندي۔۔۔۔۔

ڊاڪٽر: گُڊ گُڊ۔۔۔!

چريو: ٻارن جي نِڪرَ (چڊي) مان ايلاسٽڪ (رٻڙ) ڪڍندس پوءِ وري گليل ٺاهيندس ۽ جهرڪين کي ماريندس۔۔۔۔

:D:D:D:D
 
واه سائين واه تمام بهترين اهڙي ئي هڪ چرئي جي ڳالهه ڪن ٿا ته چرين جي وارڊ ۾ داخل هو جڏهن ڊاڪٽر رائونڊ تي آيو ته ان چيو ته سائين مان ته چريو نه آهيان خواه م خواه مونکي ايڊمٽ ڪيو ويو آهي ڊاڪٽر ٺيڪ آهي توکي اڄ ڊسچارج ٿا ڪيون ڊاڪٽر رائونڊ کان واپس ٿيو ته اهو ساڳيو شخص ڪپڙن کان خالي وچ ورانڊي ۾ قضا حاجت ڪري رهيو هو ڊاڪٽر چيو هن کي دوا ٽائيم تي ڇونه ٿا ڏيو۔
 
واه سائين واه، ڀوڳ ڪافي ٺهڪندڙ هئو۔۔۔ pasand
 
ادا زاهد علي سومرا فقير

تمام پياري شيئرنگ پيش ڪرڻ تي توهان جس لهڻو

ادا توهان جي اهڙي شيئرنگس جو انتظار رهندو

سدائين گڏ
 
ادا ذاهد توهان جي مزاحيه لطيفن کان به تواهان جي شاعري
ڌاڊي بهترين هوندي آهي۔
ما تمام جلد استاد بخارئ جي شاعري کڻي حاضر ٿيبدس
 
Back
Top