اڄوڪو ڏينهن 11 نومبر تاريخ جي دري مان

'نومبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 نومبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 11 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    11 نومبر 1888ع ڪانگريس رهنما ۽ اسڪالر مولانا ابو الڪلام آزاد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    11 نومبر 1903ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ شيوڪ رام (ٺارو شاهه / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    11 نومبر 1907ع ليکڪ لوڪرام دوديجا (شڪارپور / پونا) جو جنم ڏينهن آهي۔
    11 نومبر 1916ع موسيقار پير محمد زمان شاهه هاشمي (مٽياري) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    11 نومبر 1921ع ليکڪ، صحافي ۽ مزاح نگار علي احمد بروهي جو ڳڙهي ياسين ۾ جنم ٿيو۔
    11 نومبر 1930ع سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪا ۽ تعليمدان ايشوري جوتواڻي (سيوهڻ / پونا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    11 نومبر 1945ع شاعر رضا شاهه رضا جو جنم ڏينهن آهي۔
    11 نومبر 1948ع شاعر يونس کونهارو جو جنم ڏينهن آهي۔
    11 نومبر 1951ع اداڪاره، ڪٿڪ ۽ ڪلاسيڪل ڊانسر انيلا سندر جو جنم ڏينهن آهي۔
    11 نومبر 1957ع شاعر منظور قريشي جو جنم ڏينهن آهي۔
    11 نومبر 1957ع راڳي امير حسن جو جنم ڏينهن آهي۔
    11 نومبر 1962ع شاعر ليکڪ ۽ ريڊيو سان تعلق رکندڙ سيد ماڪن شاهه رضوي جو جنم ڏينهن آهي۔
    11 نومبر 1969ع ليکڪ محسن رضا جو جنم ڏينهن آهي۔
    11 نومبر 1987ع سنڌي راڳ جي مشهور گلوڪاره صنم ماروي جو جنم ڏينهن آهي۔
    11 نومبر ناليواري ڪالم نگار ۽ شاعر حسن مجتبى جو جنم ڏينهن پڻ آهي۔

    وڇوڙو:

    11 نومبر 1938ع بنگال سان تعلق رکندڙ آرڪيالاجسٽ اين جي مجمدار کي ڪاڇي ۾ دڙن جي کوٽائي دوارن نئين گاج ڀرسان ڌاڙيلن اوپرو سمجهي قتل ڪري ڇڏيو.
    11 نومبر 1944ع بزرگ سيد محمد اسماعيل المعروف بيرنگ بادشاهه (آرائين) جو انتقال ٿيو.
    11 نومبر 1988ع شاعر گُل حسن شاهه ”مجذوب“ جي وفات ٿي۔
    11 نومبر 1999ع سماجي ڪارڪن عبدالرشيد عباسي (پير جو ڳوٺ) جي وفات ٿي۔
    11 نومبر 2004ع پي ايل او سربراهه ۽ عظيم اڳواڻ ياسر عرفات جي وفات ٿي۔
    11 نومبر 2012ع سابق وفاقي وزير قانون، انساني حقن واري ڪميشن جو چيئرمين اقبال حيدر ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو۔
    11 نومبر 2018ع شاعره شاهده کوکر جو انتقال ٿيو.


    اڄوڪي ڏينھن جا تاريخي واقعا:

    1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرچارلس نيپيئر مير سهراب خان ٽالپر بابت دستاويزن جي ڪاپي هندستان جي گورنر جنرل کي اماڻي ڇڏي، اهو تاريخ جو انتهائي اهم دستاويز هو، جنهن ۾ سنڌ جي ورهاست جو فارمولو موجود هو، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائي 2 حصا مير رستم خان حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته هڪ حصو مير مبارڪ علي خان ۽ هڪ حصو مير مراد علي خان ٽالپر جي حوالي ڪيو ويو، ان دستاويز ۾ ٽالپر حڪمرانن جي حصي ۾ آيل زمينن ۽ ڳوٺن جا مڪمل تفصيل ڏنا ويا هئا.
    1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ طرفان ٺاهيل مسجد منزل گاهه بحالي ڪاميٽي جي گڏجاڻي سکر ۾ محمد ايوب کهڙي جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ مسجد منزل گاهه واري اشو بابت سنڌ حڪومت جي پاليسي جي مذمت ڪئي وئي ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته صوبي ۾ 18 آگسٽ تي مسجد منزل گاهه ڏهاڙو ملهايو ويندو.
    1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ اسيمبلي جي چونڊن لاءِ هندستان مان آيل مهاجرن جي 60 نمائندن پارٽي ٽڪيٽ لاءِ درخواستون جمع ڪرايون، اهي درخواستون سنڌي ماڻهن طرفان داخل ڪرايل درخواستن کان گهٽ نه هيون، ان حوالي سان معاملي تي بحث لاءِ سنڌ مسلم ليگ پارلياماني بورڊ جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت محمد ايوب کهڙي ڪئي.
    1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۽ سندس ذيلي تنظيمن کي غير قانوني قرار ڏئي ان جي سرگرمين تي پابندي لڳائي وئي.
    1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر جي پارٽين جي اتحاد سي او پي جي گڏجاڻي ڍاڪا ۾ گهرائي وئي، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته اتحاد طرفان گڏجي ايندڙ چونڊن ۾ حصو ورتو ويندو، اتحاد ۾ شامل جماعتن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته منشور ۾ پارلياماني سسٽم لاڳو ڪرڻ، صوبائي خودمختياري ڏيڻ، عدليه جي آزادي ۽ سياسي پارٽين تي لڳايل پابندي ختم ڪرڻ جا نقطا شامل ڪيا ويندا.
    1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مولانا ڀاشاني پاڪستان سرڪار کان مطالبو ڪيو ته پاڪستان سينٽو، سيٽو ۽ ٻين فوجي اتحادن مان ٻاهر نڪري اچي.
    1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هنگامن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي، ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪرفيو لڳايو ويو.

    حوالہ:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    گُل حيات
     
    آخري ترميم: ‏24 جولائي 2023
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو