ازل کان پاڻ آوارارحمت الله پيرزادو جديد سنڌي شاعري سرجيندڙن جي هڪ وڏي کيپ ۾ جيڪڏهن ستار سندر کي نظر انداز ڪنداسين ته اها اسان جي پاڻ سان ناانصافي ٿيندي! ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڄ جي سنڌي شاعري ڪئين ڏسائن (ڊائمينشنس) ۾ سفر ڪري رهي آهي، جنهن شاعريءَ کي جديد سنڌي ادب جا وڏا نالا ايڪيهين صديءَ تائين وٺي آيا آهن، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کان گرامي صاحب تائين ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کان تاج جويي تائين، سنڌي ادب جي تمام وڏن نقادن جي رهبريءَ جي سفر ۾ سرجندڙ سنڌي شاعريءَ جو معيار سچ پچ اهڙو ئي ٿي سگھيو ٿي، جهڙو اڄ موجود آهي. ڪنهن به شاعر جي تخليق جي پروڙ تڏهن پئجي سگھي ٿي جڏهن ان جو تخليقي مجموعو سامهون هجي ٿو. سواءِ مجموعي جي ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ تي مفصل نموني مڪمل تنقيد ممڪن ناهي (سواءِ ڪن خاص حالتن جي). ان حوالي سان ستار سندر جي شاعريءَ جا ٻه تمام خوبصورت مجموعا اسان جي سامهون آيل آهن؛ ”رنگ پنهنجي پيار جا“ ۽ ”ازل کان پاڻ آوارا“. هي ٻئي مجموعا ٿورو توجھه چاهن ٿا! هن تيز رفتار واري مشيني دور ۾ هڪ ٿڌي ساهه پٽڻ جيترو توجهه! هن قسم جي شاعريءَ ۽ خاص ڪري غزل کي نظر انداز نه ڪرڻ کپي، جيڪو غزل مختصر بحر وارو ۽ ننڍن پدن تي آهي، پر ڳوڙهي، تُز ۽ تکي حقيقت نگاري هن وٽ حيران ڪندڙ آهي: تنهنجي چهري جي روشنيءَ ۾ ڀي، تنهنجي لهجي جي رات ڪاري آ. (ستار) شايد ستار سندر جون اهي سٽون پڙهي، احمد آباد ۾ رهندڙ سنڌي زبان جي خوبصورت تخليقڪار واسديو موهيءَ ستار بابت اها راءِ مقرر ڪئي آهي ته ”ستار سندر هيتري ننڍڙي عمر ۾ اهڙي شاعري ڪري ٿو، جيڪا سنڌي شاعريءَ جي اونهين پاڙن جي نشاندهي هڪ طرف ڪري ٿي، ته ٻئي طرف ان جي تسلسل ۾ اونهو وشواس به پيدا ڪري ٿي.“ آئون موهيءَ جي ان راءِ سان متفق ٿي، دوستن کي هن ڪتاب سان متعارف ڪرايان ٿو ۽ ها وڏي ڳالهه ته گھڻي وقت کان پوءِ مون ڪو سٺو مهاڳ پڙهيو آهي، ته اهو هن ڪتاب جو ئي آهي، جيڪو منهنجي پياري دوست رکيل مورائيءَ جو لکيل آهي! پر منهنجو ذاتي رايو آهي ته ڪتاب پهريون پڙهڻ کپي، مهاڳ پوءِ پڙهجي، نه ته مهاڳ جي اثر ۾ ڪتاب تي اوهان جي ذاتي راءِ نه جُڙي سگھندي. هي سپ پبليڪيشن طرفان ڇپايل ڪتاب 175 صفحن جو، خوبصورت سيٽ اپ گيٽ اپ سان فقط 250 رپين ۾ اوهان لاءِ دستياب آهي.