دنيا جي قومن وٽ سمنڊ خدائي نعمت سمجهيو ويندو آهي، جنهن ذريعي اهي قومون دنيا سان واپار ڪنديون آهن، مڇي ۽ ماس حاصل ڪنديون آهن، پاڻي حاصل ڪنديون آهن ، آبهوا ۽ معدنيات مان ڪئي فائدا وٺي پنهنجي قومي خوشحاليءَ جو بنياد رکنديون آهن ... سمنڊ تي وڏا وڏا شهر ٺاهي سياحت مان ناڻو ڪمائي قومي آسودگيءَ کي وڌائينديون آهن ...!!! سنڌ ڌرتيءَ تي الله جي مهرباني آهي جو تمام ڊگهي سامونڊي پٽي مليل آهي، پر افسوس! جو سنڌي قوم ان سمنڊ جي نعمت مان ڪو فائدو نه ورتو آهي ... نه واپار ۾ اڳتي، نه مڇي ۽ مال مارڻ ۾ اڳڀرا ۽ نه سمنڊ جي معدنيات مان ڪي ڪجهه حاصل ڪن ۽ نه وري ڪراچيءَ سميت ڪو وڏو شهر سندن هٿ ۾ آهي ...!!! حيرت آهي ان قوم تي جنهنجا سڀ وسيلا ڌارين جي هٿ ۾ آهن، پوءِ به اهڙا ته مدهوش آهن جو، ڄڻ کين ڪنهن مارشل لا ڀنگ ۾ چريو ڌاتارو پيئاري سمهاري ڇڏيو هجي ...!!! سنڌ ۽ مصر جون تهذيبون همعصر آهن ، هن وقت مصري تهذيب جا موجود کنڊرات ” احرام “ دنيا ڀر ۾ پنهنجو مقام رکنٿا، ڪروڙين ڊالرن جي سالانه آمدني ڏين ٿا ۽ لکين ماڻهون هر سال احرام مصر گهمڻ اچنٿا، جنهن مان مصر جي سياحتي ادارن کي ڪروڙين ڊالر ملنٿا ... جنهن مان نه فقط احرامن کي سهڻو ڪندا رهنٿا بلڪه گهمڻ وارن کي سهولتون پڻ ميسر ڪنٿا ... سنڌ جي تاريخي مقام موئن جي دڙي جي ڳالهه ڪبي ته ؛ ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي ... جيتوڻيڪ فار ايسٽ ۽ انڊيا جا تاريخي ۽ مذهبي اهڃاڻ موئن جي دڙي ۾ موجود آهن پر اسان سنڌين موئن جي دڙي جي ڪهڙي حالت ڪئي آهي ...؟؟؟ اسين ته موئن جي دڙي جون سرون به چوري ڪري وڃي گهرن ۾ لڳايون آهن ....؟؟؟ افسوس اهڙي قوم تي جيڪا پنهنجي اهميت وڃائي پاڻ کي روزانه غلاميءَ جي ٻنڌڻن ۾ ائين جڪڙي رهي آهي جيئن ڦرڻيءَ جي چوڌاري ڏور ڦيرائبي هجي ....!!!