• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صنم ماروي : سريلي آواز جي مالڪ گلوڪاره

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

صنم ماروي : سريلي آواز جي مالڪ گلوڪاره

سريلي آواز جي مالڪ خوبصورت گلوڪاره صنم ماروي جو جنم 11 نومبر 1987ع تي خيرپور ناٿن شاهه ويجهو ڳوٺ سيوو چانڊيو ۾ راڳي فقير غلام رسول جي گهر ۾ ٿي. سندس اصل نالو صنم آهي ۽ راڳ ڳائڻ کانپوء کيس ماروي جي لقب سان سڏيو وڃي ٿو. صنم ماروي کي ڳائڻ جو شوق عابده پروين جي صوفي راڳ ٻڌڻ کانپوء ٿيو. هن ڳائڻ جي شروعات ستن سالن کان ڪئي. 12 سالن جي عمر ۾ هن کي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ صوفي ميوزڪ فيسٽيول ۾ سڏايو ويو، جتي هن سُر وکيري محفل کي لُٽي ورتو ۽ صوفي سنگر جو اوارڊ حاصل ڪيائين.

ريڊيو تي کيس نصير مرزا جڏهن تي پي ٽي وي تي حميد هاليپوٽو متعارف ڪرايو. هوء پاڪستان سان گڏ هندستان، دبئي، بوسنيا ۽ آمريڪا ۾ به ڳائي چڪي آهي. هن جون 25 کان وڌيڪ ڪيسيٽون رليز ٿيون آهن جڏهن ته هوء اسٽيج، ٽي وي سان گڏ فلم ۾ به ڳائي چڪي آهي. اڄڪلهه هوء لوڪ راڳين ۾ پهرين صف جي گلوڪاره بڻجي وئي آهي. هوء شفقت علي خان ۽ راحت علي خان سان ڊيوئيٽ به ڪري چڪي آهي. هوء سنڌي سان گڏ اردو، بلوچي، سرائيڪي، پنجابي ۽ براهوي زبان ۾ ڳائي رهي آهي.

ڪاوش جي ٿورن سان
____​
 
سڪ سڄڻ ء سور ٽئي اکر هڪڙو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مياناز فنڪاره صنم ماروي منهنجي علائقي جي هڪ بهترين آواز جي مالڪ آهي۔۔۔۔۔۔۔ تمام خوبصورت گلوڪاره منهنجي پسند ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top