ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي جي ڪتاب ”يادُون ۽ سُڪونُ“ جو پيش لفظرياضت ٻرڙوڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا جيڪي به ڪتاب ڇپيا آهن، اهي سياسي-تنقيدي ادب، مضمون نويسيءَ ۽ تحقيق بابت آهن، جھڙوڪ: ...جيڪو سچ چوي، سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ ڪي سازشي، سنڌي مار سورما، اٽڪ قلعي کان (ترجمو)، انسائيلڪوپيڊيا سنڌيڪا، ماڻهو ۽ ماڻهپو، ۽ اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون. ان حوالي سان ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سياسي تنقيد نگار مضمون نويس ۽ محقق جي روپ ۾ نروار ٿئي ٿو، پر جڏهن سندس ڪهاڻين جو اڀياس ڪيون ٿا، ته پوءِ يقين سان چئي سگون ٿا ته جيڪڏهن هو سياست جي وهڪري ۾ پنهنجون لهرون پيدا نه ڪري ها ۽ بعد ۾ مضمون نويسيءَ توڙي مقالا نگاريءَ ۾ پنهنجي ذهني ولوڙ سڦل ٿيندي نه ڏيکاري ها ته سنڌي ڪهاڻيءَ کي جمال ابڙي ۽ امر جليل جي دورن کان پوءِ ”محبت جو دور“ ڏئي سگھي ها. لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري ۾ ايم بي بي ايس (ڊاڪٽري) پڙهڻ دوران (اندازاً 1972ع کان 1979ع تائين) ڊاڪٽر محبت ٻرڙي هي ڪهاڻيون لکيون، جن ۾ هو اسان کي هڪ باشعور اديب ۽ سڄاڳ فرد طور اسرندي نظر اچي ٿو. شاگرديءَ وارو دور، خصوصاً هائر سيڪنڊري تعليم کان بيچلر تعليم تائين گھڻو اهم هوندو آهي جيڪو هڪ پورهيت ماڻهوءَ جو پٽ هوندي محنت ڪندو آهي ۽ ان محنت جي آڌار ڊاڪٽريءَ جي تعليم پرائڻ لاءِ چونڊجي هڪ ڏينهن مريضن کي تپاسي، سندن دردن جو دارون تجويز ڪندو آهي، پر جڏهن هڪ قوم مريض بڻجي پوي، ته پوءِ درد جو دارون ئي تجويز ناهي ڪرڻو پوندو، پر پاڻ به علاج جو حصو بڻجڻو پوندو آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي به ائين ئي ڪيو، هو هڪ پورهيت شوڪت عليءَ جو پٽ هو ۽ گهر ٻاهران لڳل ٿنڀي ۾ ٻرندڙ بلب جي جھيڻي روشنيءَ ۾ پڙهندي پنهنجي اندر کي علم جي روشنيءَ سان منور ڪندو هو. تان جو ناممڪن کي ممڪن ڪندي، هڪ غريب جو ٻار هوندي، ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ ايل ايم سي ۾ چونڊجي ويو. پر اها به يقين ڪرڻ جي ڳالهه آهي، ته انٽر پڙهڻ دوران گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي لائبريريءَ مان ڏهاڙي ٽي چار مختلف ڪتاب ڪڍرائي پڙهندو هو: هڪڙو لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تي قنبر جي ٽرين جي انتظار ۾، ٻيو گھر ۾ ۽ ٽيون سفر ۾. ڪتاب پڙهڻ جي اها روايت (يا عادت) هن ايل ايم سي ۾ اڃا وڌائي، جتي هو سنڌ جي شاندار شهر حيدرآباد جي ويجھو هو. هن جو ڪتابن سان پيار ايڏو ته گھڻو هو جو ڪيترا رسالا بڪ اسٽالن تي بعد ۾، پهرين وٽس پهچندا هئا. ائين پڙهندي پڙهندي هن لکڻ شروع ڪيو. هيءُ ڪتاب ”يادون ۽ سُڪونُ“ ڊاڪٽر محبت جي ان شاگرديءَ واري دَور جي ذهني ڪيفيتن، احساسن ۽ سوچن جي عڪاسي ڪري ٿو. اهي سوچون لکڻ دوران هو سنڌ جي عملي شاگرد سياست ۾ آيو ۽ تنظيمي ڪم ڪرڻ سميت ڪيترن ئي موضوعن تي سوين ليڪچر سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڏنائين، ائين هو ادبي دنيا کان ڪٽجي سياسي-تنقيدي ۽ علمي لٽريچر جي دنيا ۾ آيو، تان جو انسائيڪوپيڊيا سنڌيڪا ۽ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي اصطلاحسازي تي ڪم ڪندي سنڌي ٻوليءَ ۽ لفظن جي دنيا کي جاچيندڙ ۽ ڳوليندڙ ڦوليندڙ بڻجي ويو. تصوير جو هي خاڪو مون ان ڪري چٽيو آهي ته جيئن اندازو ڪري سگھجي ته ڪيئن هڪ ماڻهو سماج ۾ پنهنجو ڪردار نڀائي ٿو ۽ ڪارج ادا ڪري ٿو. ڊاڪٽر محبت جي تصوير جي ان خاڪي ۾ وڌيڪ رنگ ڀري ان کي چِٽو ڪرڻ جي گھرج آهي ته ڄاڻي سگھجي ته ڪيئن ڊاڪٽر محبت جي پيار ۽ ذهانت ڀري شخصيت جُڙي، پر جيئن ته ڪهاڻين جو هي ڪتاب اهڙي اجازت نه ٿو ڏئي، ان ڪري بهتر آهي ته پاڻ هن ڪتاب کي پڙهون، جيڪو ڊاڪٽر محبت جي بي تڪلف ڳالهين، ڪهاڻين، طنز و مزاح وارين لکڻين ۽ ”اينيمل فارم“ جي ننڍايل ترجمي تي مشتمل آهي. انهن ڪهاڻين ۽ ٻي مواد بابت ڊاڪٽر محبت جو خيال هئو ته ان کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ کان پوءِ شايع ڪرائجي، پر ائين نه ٿي سگھيو. مان اميد ٿو ڪريان ته ڊاڪٽر محبت جو هي ڪتاب مانائتن پڙهندڙن کي ضرور وڻندو، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت جي شاگرديءَ واري دور جي ڪجھ عڪاسي آهي.