بد نظري...

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏12 نومبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    هڪ نوجوان هڪ بزرگ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته توهان چوندا آهيو ته ”بدنظري کان پرهيز ڪريو۔۔ پر مان نوجوان آهيان ۔۔۔ جڏهن بازار ۾ ويندو آهيان ته بي پرده عورتون ڏسي منهنجي نظر ان طرف اٿي ويندي ويندي آهي۔۔۔ ان صورت ۾ مان ڇا ڪريان۔۔۔؟“
    بزرگ وراڻيو۔۔ ”ٺيڪ آ اهو راز مان توکي سمجهائي ڇڏيندس پر پهريان منهنجو هڪ ڪم ڪر۔۔ هي کير جو پيالو بازار جي پريان موجود بزرگ تائين پهچائي اچ۔۔۔ پر ياد رکجان هن پيالي ۾ موجود کير مان هڪ ڦڙو به ڪرڻ نه گهرجي۔۔ توسان گڏ هي ساٿي به ساڻ ڪريان ٿو۔۔۔ جي کير جي ڦڙي کي به ڪيرايئي ته هي ساٿي توکي ٻه چماٽون هڻندو ۔۔۔“
    نوجوان ڳالهه منظور ڪئي ۽ کير جو ڀريل پيالو کڻي روانو ٿيو ۔۔۔ ۽ پيالي کي انتهائي احتياط سان پڪيڙيندي بازار جي ٻي ڀر موجود بزرگ تائين پهتو ڪيو۔۔
    واپسي تي نوجوان بزرگ کي خوش ٿيندي ٻڌايو ته هن ڪيڏو نه احتياط سان پيالو بزرگ تائين پهچايو۔۔۔ ۽ عرض ڪيائين ته هاڻي مون کي نظر جي حفاظت جو نسخو ڏسيو۔۔۔
    بزرگ وراڻيو ته: ”کير پهچائيندي تو رستي ۾ ڪيتريون عورتون ڏٺيون۔۔۔؟“
    نوجوان جواب ڏنو۔۔ ”هڪ به نه۔۔۔ جو منهنجي سموري توجه کير جي پيالي تي مرڪوز هئي ته ڪاٿي ان مان کير ڇلڪي ضايع نه ٿئي ۽ مون کي ٻه چماٽون نه لڳن ان ڪري آس پاس ڌيان ڌرڻ جي فرصت ئي نه ملي۔۔۔“
    بزرگ وراڻيو۔۔ ”اهو ئي حال الله وارن جو هوندو آهي۔۔ هو هر وقت پنهنجي دل جي پيالي تي نظر رکندا آهن۔۔ ۽ ان کي ڇلڪڻ نه ڏيندا آهن۔۔ ڇو ته کين خبر هوندي آهي ته جيڪڏهن گناهن ڪري پيالو ڇلڪي پيو ۽ نظر ڦري وئي ته قيامت جي ڏينهن سڀني جي سامهون رسوائي ٿيندي۔۔۔ ان ڪري جيڪڏهن الله پاڪ جو ڊپ ۽ قيامت جي ڏينهن رسوائي جو خوف هجي ته ڪڏهن به بدنظري نه ٿيندي۔۔۔“
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سبحان الله ، الله وارن جي ڪيڏي نه سهڻي حڪايت بيان ٿيل آهي ، هو هر وقت پنهنجي دل ۾ خدا پاڪ جو خوف رکندا هئا ، دعا آهي ته شال الله پاڪ اسانکي بد نظري کان بچائي ۽ اسانکي پرهيزگار ۽ متقي بڻائي ۔ آمين
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    بيشڪ الله وارن جو اهوئي سبق آهي سهڻي لطيف به اهو درس ڏنو آهي۔
    وٺيو وڃج واٽ ڪنڌ مَ ڦيرج ڪيڏهين
    لوڻي ڦير لپاٽ لڳنديء لطيف چئي۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا ذيشان رشيد اسلام عليڪم۔ سائين منهنجا تمام بهترين نصحيت ڀريو ليک هن اڳڻ تي ونڍ ڪري اسان جو ايمان تازو ڪري ڇڏيو اٿئو۔ اسان کي پنهنجي نظرن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي، توهان جي هن ايمان جي پروڙ واري ليک جي مناسبت سان اسان حجته اسلام امام محمد غزالي رح جن جا ڪجه ويچار ڪيمياء سعادت مان هت ونڍ ڪري رهيا آهيون۔
    ڄاڻڻ گهرجي ته! اها ڳاله اڪثر مشڪل آهي ته ڪو ماڻهو ڪنهن ڪم تي قادر هجئي پر انهيء کان پاڻ کي بچائي سگهي! تنهن ڪري بزرگ فرمائيندا آهن ته بهتر ايئن آهي ته ماڻهو ڪم جي شروعات تي نظر رکي۔هن ڪم جي شروعات اک سان آهي۔حضرت علاء ابن زياده رح جن فرمائين ٿا ته، ڪنهن عورت جي پوتي تي به نظر نه وجه،جو ان مان شهوت پيدا ٿئي ٿي۔حقيقت ۾ عورتن جي ڪپڙي تي نظر وجهڻ ۽ انهن جي خوشبوء سگهڻ ۽ انهن جي آواز ٻڌڻ کان پاسو ڪرڻ واجب آهي۔ بلڪ پيغام موڪلڻ ۽ ٻڌڻ کان ۽ اهڙي هنڌ گذر ڪرڻ کان به گوشو ڪرڻ گهرجي جتي عورت جي منهن ڏسڻ جو امڪان هجي، پوء ڀلي جي توهان هنن کي نه ڏسندا هجو۔ڇو جو جٿي سونهن هوندي آهي۔اتي سڀڪا ڳاله شهوت ۽ خراب خياڪ جو ٻج دل ۾ پوکيندي آهي۔۽ عورت کي به خوبصورت مرد کان اهڙيء طرح پاسو ڪرڻ ۽ ڊڄڻ گهرجي۔جيڪا نظر قصد سان يا ڄاڻي ٻجهي ڪبي آهي سا حرام آهي،پر جي بي اختيار يا اتفاق سان پئجي وڃي ته گناه ناهي،پر ٻيو ڀيرو ڄاڻي واڻي نظر ڪرڻ حرام آهي۔ پياري نبي سڳوري،رحمت الالعلمين،رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمائين ٿا ته: ”پهرين نظر توکي حلال آهي ۽ ٻي نظر توکي حرام آهي“ پاڻ کي سنڀالڻ اهو آهي ته پهرين نظر ته اتفاقن پئجي ويئي،پر ٻئي نظر جي سنڀال ڪري ،۽ نڪي وري ان ڏانهن نهاري ۽ نه تلاش يا ڳولا ڪري۔ ڄاڻڻ گهرجي ته جيڪا عورت يا مرد(عورتن لاء) رستي ۾ گڏ هلي ٿو ،تنهن کي ڏسڻ جي لاء شيطان توهان کي چونگ ڏئي ٿو۔توهان ۽ اسان کي انهيء ۾ شيطان سان مقابلو ڪرڻ گهرجي ۽ چوڻ گهرجي ته ،اسان هن کي ڇو ڏسون، جيڪڏهن هو بدشڪل آهي ته اسان رنج به ٿيندسين ۽ گنهگاربه ٿينديس،ڇو جو اسان ضرور انهيء ارادي سان ڏٺو هوندو ته هو خوبصورت آهي۔۽ جي هو،سچي پچي ۾ خوبصورت هوندي يا هوندو ته انهي کي ڏسڻ حلال ناهي ۽ تنهن ڪري اهو گناه ٿيو ۽ رنج ؤ پيشماني حاصل ٿيندي ۽ جي انهيء جي پٺيان لڳي هلندس ته پنهنجو دين ۽ پنهنجي عمر نذر ڪندس،پوء به شايد مطلب کي نه پهچندس ۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ها سائين
    هٿ ڪار ول
    تي دل يار ول
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. راشد ميمڻ

    راشد ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 نومبر 2012
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    سيوهڻ شريف
    واه واه سائين زبردست
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهترين ونڊ

    شاباس آهي ان نوجوان کي جنهن کير بزرگ تائين ثابت پهچايو، باقي مون جهڙو ته کير پاڻ ئي پي پوء پيو ڏسندو وائسندو وڃي ها۔ لطيف سائين اهڙي ئي ڪيفيت کي پنهنجي سٽن ۾ هيئن پيش ڪيو آهي:

    ﻛﺎڪ ﻧﻪ ﺟﻬﻠﻴﺎ ﻛﺎﭘﮍي، ﻣﻮﻫﻴﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﻧﻪ ﻣﺎل
    ﺟﻲ ﮀﻮرﻳﻦ ڏﻧﺎ ﮀﺎل، ﺗﻪ ﺑﻪ ﻻﻫﻮﺗﻲ لنگهي وﻳﺎ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو