دوستو ڪافي عرصي کان دوست شڪايتون ڪري رهيا هئا ته سنڌ سلامت جو مرڪزي صفحو کلڻ ۾ لوڊنگ ڪري رهيو آهي۔۔ ان کانسواءِ سنڌ سلامت فورم تي ايندڙ نون دوستن جي مونجهارن کي سلجهائڻ لاءِ پڻ دوستن طرفان خاص طور ادا عبدالحفيظ لغاري طرفان اسرار ڪيو پئي ويو ۔۔۔ دوستن جا خيال هيا ته سنڌ سلامت پنهنجي سابقه اسڪرپٽ وي بليٽن تي سمجهڻ سولو هيو جڏهن ته زين فورو تي منتقل ٿيندي ڪافي شيون الجهائيندڙ آهن۔۔۔ ان ڪري نوان رڪن جڏهن به فورم تي لاگ ان ٿين ٿا ته اهي فورم کي ڳولڻ سميت، نون موضوعن موڪلڻ کان قاصر رهي رهيا آهن۔۔ دوستن جي شڪايتن کي ذهن ۾ رکندي سنڌ سلامت جي ڊيفالٽ صفحي کي تبديل ڪندي ”فورم“ تي آندو ويو آهي۔۔۔ ۽ فورم صفحي تي مختلف تبديليون آڻيندي مرڪزي صفحي وارن سائيڊ بلاڪز کي پڻ فورم صفحي تي منتقل ڪرڻ سان گڏو انهن ۾ اضافو پڻ آندو ويو آهي ۔۔۔ گڏو گڏ مرڪزي صفحي سان دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ مرڪزي صفحي کي پڻ برقرار رکيو ويو آهي جن تي وڃڻ لاءِ اڳ وانگر ”مرڪزي صفحو“ يا سنڌ سلامت لوگو تي ڪلڪ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ نين تبديلين کان پوءِ اميد ڪجي ٿي ته موجوده ساٿين سان گڏو گڏ سنڌ سلامت تي ايندڙ نون ساٿين جون الجهنون پڻ ختم ٿينديون ۔۔۔ ۽ فورم تي ڳولا سان گڏو گڏ پنهنجي طرفان نوان موضوع ۽ هلندڙ موضوعن ۾ جواب موڪلي سنڌ سلامت جي ساٿ کي هٿي وٺرائيندا۔۔۔
سائين اها تبديلي بهتر ٿي لڳي مين پيج تي پهچڻ سائين خبر پئجي ٿي وڃي ته هن فورم تي ڪهڙا شعبا آهن ڪنهن به هڪ کي سليڪٽ ڪري ان کي ڏسي سگهجي ٿو۔ حاشيه۾ به بهتر معلومات ميسر آهي۔
لک لائق دوست، هاڻي ته چاچا ڪريم جو به مسئلو حل ٿي ويو هوندو ڇو ته هو جيئن پوڙهو آهي پر مڃي نه ٿو ۽ هاڻي به جواني جي دعوىٰ ڪندو رهي ٿو ايئن سنڌ سلامت تي آئي به سال ٿيا اٿس پر چئي ٿو نئون آهيان. پر هاڻي کيس مڃڻو پوندو ته وارن ۾ چاندي اچي وئي ۽ سنڌ سلامت به سؤلي ٿي وئي
سائين واهه جو ڪم ڪيو اٿئو، سنگت کي دعوت ڏيئي سنڌ سلامت تي آڻبو آهي ته هو منجهي ويندي آهي ته هتي ڪجي ته ڇا ۽ ڪئين ڪجي؟ هاڻي سنڌ سلامت جو ڏيک هڪ فورم وانگر ئي آهي جنهن سان سنگت کي سولائي ٿيندي