ايس ايم درس
سينيئر رڪن
شمشير الحيدري
سنڌو جي ڪھاڻي
اي منھنجا پيارا پٽڙا
اي منھنجي پياري نياڻي
اچ مان ٻڌايان سنڌوءَ جي ڪھاڻي
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي، سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي
مشھور آھي جيڪا جڳ ۾ ندين جي راڻي
صدين کان آھي قائم ھن ڏيھه جي ڌياڻي
تھذيب کان به جھوني تاريخ کان به پراڻي
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي
سنڌوءَ جي سير ۾ ڏس، ڪيمياگريءَ جي قدرت
مٽي به سون آھي، پاڻي به آھي امرت
ڄائي ھماليا جي آھي ڪيڏي نه سياڻي
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي
برفن جي شاھزادي ڪيلاش ۾ ڪڏي ٿي
جھرڻن ۾ ڪئن ٿي جھومي، جبلن کي ڪئن ٿڏي ٿي
ھونئن مانسروور ۾ ڪيڏي نه ھئي نماڻي
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي
لداخ کي لتاڙي، گگلت کان آئي ھنزا
جبلن جي جان جھوري، پٿر ڪيائين پرزا
بيحد بلندين تان، ڪشمير ڏانھن اڏاڻي
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي
ڪشمير کان جو نڪتي، پنجاب ڏي اڏامي
پنجن ندين ادب سان ڊوڙي ڏني سلامي
ھاڻي ھلي ٿي سنڌ ڏي، ڇا ٽور آ شھاڻي
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي
ڌرتيءَ جي ساري خوشبو سنڌوءَ ۾ جا سمائي
قدمن ۾ سنڌ جي سا آڻي انھيءَ پڄائي
ھر جيءَ ۾ جان آئي، ھر ساھ سگھه ماڻي
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي
ڪشمور کان ڪراچي، سنڌوءَ جي موج مستي
ساگر اندر اچيو ٿي پنھنجي وڃائي ھستي
ھيڏي سڄي سفر جي ٿي خير سان پڄاڻي
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي
سنڌو جي ڪھاڻي
اي منھنجا پيارا پٽڙا
اي منھنجي پياري نياڻي
اچ مان ٻڌايان سنڌوءَ جي ڪھاڻي
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي، سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي
مشھور آھي جيڪا جڳ ۾ ندين جي راڻي
صدين کان آھي قائم ھن ڏيھه جي ڌياڻي
تھذيب کان به جھوني تاريخ کان به پراڻي
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي
سنڌوءَ جي سير ۾ ڏس، ڪيمياگريءَ جي قدرت
مٽي به سون آھي، پاڻي به آھي امرت
ڄائي ھماليا جي آھي ڪيڏي نه سياڻي
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي
برفن جي شاھزادي ڪيلاش ۾ ڪڏي ٿي
جھرڻن ۾ ڪئن ٿي جھومي، جبلن کي ڪئن ٿڏي ٿي
ھونئن مانسروور ۾ ڪيڏي نه ھئي نماڻي
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي
لداخ کي لتاڙي، گگلت کان آئي ھنزا
جبلن جي جان جھوري، پٿر ڪيائين پرزا
بيحد بلندين تان، ڪشمير ڏانھن اڏاڻي
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي
ڪشمير کان جو نڪتي، پنجاب ڏي اڏامي
پنجن ندين ادب سان ڊوڙي ڏني سلامي
ھاڻي ھلي ٿي سنڌ ڏي، ڇا ٽور آ شھاڻي
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي
ڌرتيءَ جي ساري خوشبو سنڌوءَ ۾ جا سمائي
قدمن ۾ سنڌ جي سا آڻي انھيءَ پڄائي
ھر جيءَ ۾ جان آئي، ھر ساھ سگھه ماڻي
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي
ڪشمور کان ڪراچي، سنڌوءَ جي موج مستي
ساگر اندر اچيو ٿي پنھنجي وڃائي ھستي
ھيڏي سڄي سفر جي ٿي خير سان پڄاڻي
سنڌوءَ جي ٻڌ ڪھاڻي