اڄوڪي ڏينهن 12 نومبرتي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 12 نومبر 1917ع رسالي جوت جي آخري ايڊيٽر راڌا ڪرشن ڪنٽواڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1918ع شاعر سليم هالائي جو جنم ٿيو۔ 12 نومبر 1928ع شاعر طالب لغاري جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1933ع سياستدان سيد قمرالزمان شاهه (ٽکڙ) جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1937ع باليووڊ جي ناليواري اداڪار قادر خان جي پشين ۾ پيدائش ٿي۔ 12 نومبر 1946ع ليکڪ سڪندر بختيار کوسو جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1951ع سگهڙ علي گوهر خاصخيلي جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1962ع شاعر علي احمد عاجز هڪڙو جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1970ع آرٽسٽ بدر سومرو (لالو رائنڪ) جو جنم ڏينهن آهي۔ وڇوڙو: 12 نومبر 1640ع هالا جي بزرگ ۽ شاعر مخدوم محمد امين اول جي وفات ٿي۔ 12 نومبر 1959ع لاڙڪاڻي جو شاعر نواز علي نياز جعفري گذاري ويو۔ 12 نومبر 1961ع سياستدان سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ جو انتقال ٿيو. 12 نومبر 1969ع پاڪستان جي پهرين صدر اسڪندر مرزا جي لنڊن ۾ وفات ٿي. 12 نومبر 2002ع ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ملڪ آگاڻي کي شهيد ڪيو ويو. حواله: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ روزانه ڪاوش انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا وڪيپيڊيا سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
سر سنسار ۽ استاد سوڍو جوڳي؛ هو ، جيڪو ڪَننَ ۾ والا، ڳچيءَ ۾ مالها گيڙو، رتي بگري وجهي سَڌائتن سامَين جي سَري ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ هڪ اهڙو منگتو بڻيو آهي، جنهن دُنوي داتائن جي دُوار تي صرف سُرن جي سَئين هَنئي آهي، سنڌي جوڳين ۾ هِي شايد پهريون رمتو جوڳي آهي، جنهن مُرليءَ جي مڌر لهرن تي ريجهڻ بدران راڳ جي کٽراڳ ۾ پاڻ وڃايو آهي، جوڳين سان گڏ هر جوڳ ۾ هُن رُڳو راڳ جون رمزون سِکڻ ڪارڻ ئي هِنگلاج تائين هزارين هِجرتون ڪيون آهن 1960ع کان 1970ع واري ڏهاڪي دؤران نبي سر ٿر واري ڳاڙهي ڀڙي ڀرسان راڻا واهه جي بلڪل ويجهو جوڳين جي هڪڙي ننڍڙي جڳ ۾ مورييءَ جوڳيءَ جي جُهوپڙيءَ ۾ اکيون کوليندڙ سوڍي جوڳيءَ ڄمڻ سان ئي پنهنجي چوڌاري مُرليءَ جي مَست لهرن تي ڪاريهر نانگن کي نچندي ڏٺو، ۽ جوڳي فقيرن کي جڳ اڳيان بيک مڱندي ڏٺو، پر هِن پنهنجي اندر واري فنڪار جي ڦِٽڪار تي ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگي حياتي گهارڻ بجاءِ محنت، مزدوري ذريعي جيئڻ لئه جتن ڪرڻ جو اٽل ارادو ڪيو. توڻي جو هن جي تمنا هُئي ته هُو به ٻئين وانگي ٻٽي اکر انگريزيءَ جا پڙهي، پر جوڳي رمتا ڀلا هُئڻ ڪري سندس اِها آرزو اڻپوري رهجي وئي، پوءِ به هُو ٻه ٽي درجا سنڌيءَ جا پڙهي ضرور پيو ۽ اُهي به هُو پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهي ٿو. سُر ته هُن جي گهر جا ڀاتي هُئا پر راڳداري ڏي هن کي راغب سندس وڏي ڀاءُ جواهري جي وڄايل مُرليءَ جي مڌر لهرن ڪيو. هُو جڏهن به جواهري کي جوش ۾ اچي مُرلي وڄائيندي ڏسندو هو ۽ کيس هينئن جي ڪَنن سان ٻُڌندو هو تڏهن سندس سَرير ۾ سُرَ ڪِتڪايون ڪرڻ لڳندا هئس. ڪَن ڦاڙ ڪاپَڙي، ۽ گِرناري جوڳين جي ڪُڙم قبيلي سان واسطو رکندڙ سوڍو جوڳي سنڌ جو اُهو اڪيلو جوڳي فقير آهي، جنهن بگري بدران فنِ موسيقيءَ جي مالها ڪنڌ ۾ پاتي آهي، هڪڙو جوڳي فقير جيڪو جادوگر بڻجڻ بدران سنڌي راڳي بڻجي پيو آهي، جيڪو مُرليءَ جي ڦوڪ بجاءِ سا ري گا ما پا ڌا ني سا، تي پلٽا هڻي ٿو، ۽ جيڪو گيت غزل، وايون ڳائيٿو ته ڄڻ ڪا تند تپائي ٿو، هُو نه رُڳو ڳائي ٿو پر جو ڪُجهه به ڪمائي ٿو اِهو پنهنجي پُٽن تي خرچ ڪري کين پڙهائي به ٿو، مُنهنجي خيال ۾ هِي سنڌ جو واحد جوڳي آهي جنهن پنهنجي اولاد کي جوڳي فقيرن جي فن بدران هِن ماڊرن جهان جي جهلڪ پسائي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندسن پُٽ ڪمپيوٽر جهڙي تعليم پرائي رهيا آهن. حيدرآباد کان هُوسڙي ايندڙ بس جڏهن بِهار ڪالونيءَ ۾ پهچي ته اُتي لهي ٿورو اُتر هڪ نِگاهه ڌريندؤ ته سامَهُون پوٺي تي رُڳو جوڳي فقيرن جا جُهوپڙا نظر ايندا، اُنهن جي وچ ۾ هڪ پَڪين سَرن سان ٺهيل بنا وِرانڊي جي هڪڙي ڪوٺي سوڍي جوڳيءَ جي به آهي، جنهن ۾ سوڍو جوڳي ۽ سندس وني پنهنجي پريوار سميت رهائش پذير آهن. هن وقت ريڊيو حيدرآباد تي هڪ ڪمپوزر طور ڪم ڪندڙ اُستاد سوڍو جوڳي سنڌ جي سڀني راڳين سان نه رُڳو پيتي وڄائي چُڪو آهي پر تمام گهڻن فنڪارن توڻي فنڪارائن جي ڳايل گيتن جون ڌنون به اُستاد سوڍي جوڳيءَ جون ئي ترتيب ڏنل آهن. هن وقت سنڌ ۾ جيڪي سنڌي خواتين گائيڪائون فنِ موسيقيءَ جي آسمان تي ڇانيل آهن، اُنهن مان ڪيتريون ئي اُستاد سوڍي جوڳيءَ جون شاگردياڻيون رهيون آهن، جن ۾ صنم مارئي، ثُريا سُومرو، صوبيا سومرو ۽ سائيما مهڪ قابِل ذڪر آهن ۽ اُن کان علاوه ڪيترائي مرد فنڪار پڻ کائونس سنڌي موسيقيءَ جا سُر ۽ گُر سِکي رهيا آهن. اُستاد سوڍي جون پنج ست آڊيو ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ اچي چُڪيون آهن، جن ۾ جيئي لطيف کي تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي. انقريب سندس هڪ نئين آڊيو ڪيسٽ به اچڻ واري آهي، کيس مڃتا طور ڪافي ايوارڊ به مليا آهن، پاڻ نه رُڳو پنهنجي مُلڪ ۾ پر ڪيترن ئي پرڏيهي مُلڪن ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چُڪو آهي، سوڍو جوڳي سائينداد ساند کان وٺي شيخ اياز تائين ۽ سچل کان وٺي شاهه لطيف تائين هر اُن شاعر کي ڳائي ٿو جنهن جي شاعريءَ ۾ هِيءُ دلرُبا ديس ۽ اُن جا مارُو ماڻهو موجود آهن. اسان جي دعا آهي ته اُستاد سوڍو جوڳي ائين ئي فنَ موسيقيءَ جي خدمت ڪندو رهي ۽ سنڌي موسيقيءَ کي ھھڙا حسين گيت ارپيندو رهي.