لائبريريون ويران ڇو آهن؟ اڄ جي ڪاوش جي هائيڊ پارڪ ۾ منهنجي تحرير

'مختلف موضوع' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏12 نومبر 2012۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    لائبريريون ويران ڇو آهن؟

    ڪالهوڪي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ هڪ دوست جڙيو ٻٻر سکر کان ”سکر جون ويران لائبريريون“ بابت هڪ خط لکيو هو، دوست صرف سکر جي لائبريرين بابت لکيو هو پر سنڌ جي هر شهر جي لائبريريءَ سان اهڙو ويڌن آهي، جيئن ته چيو وڃي ٿو ته لائبريريون علم جي حاصلات لاءِ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن ۽ علم جي ترقيءَ جي ڪري ئي ڪا به قوم ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندي آهي، سنڌ ۾ لائبريريون تمام گهٽ آهن پر انهن ۾ به ڪافي مسئلا درپيش آهن، جيئن عمارت جو صحيح نه هئڻ، ان ۾ سهولتن جي گهٽتائي، ڪتابن جي کوٽ ۽ عملي جو نه هئڻ وغيره، پر هڪ اهم ڳالهه ته لائبريريءَ جا استعمال ڪندڙ به تمام گهٽ آهن، ان مسئلي جا ڪافي سبب آهن، هڪ ته معاشري ۾ ماڻهن ۾ پڙهڻ جي عادت گهٽ آهي، جيئن اسان جو هڪ استاد مثال ڏيندو آهي ته، کاڌو کائڻ کان اڳ بک جو لڳڻ لازم هوندو آهي، جيڪڏهن بک نه هوندي ته کاڌو نه وڻندو آهي، ساڳي طرح جيڪڏهن اسان ۾ ڪتاب پڙهڻ جي تَڙپ هوندي ته اسان ڪتاب پڙهڻ لائبريريءَ ۾ وينداسين، اڳئين زماني ۾ جن ماڻهن کي ڪتاب پڙهڻ جي تڙپ هوندي هئي، اهي وڻن جي هيٺيان ۽ زمين تي ويهي به پڙهندا هئا، ان لاءِ ان ڳالهه جي به ضرورت آهي ته اسين پنهنجي معاشري جي ماڻهن ۾ پڙهڻ جي عادت وجهون، ان کانپوءِ لائبريريون آباد ٿي وينديون، ان لاءِ اهڙا سيمينار ۽ پروگرام به ڪرايا وڃن، جن ۾ ڪتابن جي اهميت ۽ لائبريرين جي اهميت کي واضح ڪيو وڃي، ان لاءِ والدين کي به پنهنجي ٻارن ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪرڻ گهرجي، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ استاد پڻ شاگردن ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪن، ان کان علاوه سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي پڻ ورڪشاپ ۽ سيمينار ڪرڻ گهرجن.

    گل حسن لاکو/سنڌ يونيورسٽي

    The Kawish Group of PublicationB/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪو زمانو هو جڏهن ڪتاب ئي وندر هئا ۽ ڪتاب ئي ڄاڻ هئا۔ ان دور ۾ لائبريرين جو وڏو رول هيو ۽ اتي ويهڻ جي جاء نه ملندي هئي۔ اڄوڪي دور ۾ ڪمپيوٽر، ڪيبل، ڊش ۽ موبائل سبب وندر ۽ ڄاڻ به ملي ٿي ته اتي ماڻهو اجايو وقت به زيان ڪري ٿو۔ ٻيو ته سهولتون به ناهن رهيون۔ ان جي ڀيٽ ۾ هاڻي اي بوڪ يا ڊجيٽل ڪتاب هڪ سولو حل آهن۔ هاڻي انٽرنيٽ تي به ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي، ٻيو ته ماڻهن ۽ شاگردن مان مطالعي جو شوق به تيزي سان گهٽجي رهيو آهي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    اکر پڙھ الف جو ٻيا ورق سڀ وسار ، اندر تون اجار پنا پڙهندين ڪيترا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو