يوفون وارن اعلان ڪيو آهي ته سندن ”بولو پاڪستان آفر“ ملڪ ۾ سستي ترين آفر آهي۔۔ جنهن تحت ”يوون“ پيڪيج استعمال ڪندڙ رڳو 8 روپيه روزانو خرچ ڪري پوري ملڪ ۾ يوفون کان يوفون 24 ڪلاڪ مفت ڪالز ڪري سگهن ٿا۔۔۔بولو پاڪستان آفر مطابق:
- يوون پيڪيج استعمال ڪندڙ هي آفر #888* ڊائل ڪري سبسڪرائيپ ڪري سگهن ٿا۔۔۔
- يوون پيڪيج تي منتقل ٿيڻ لاءِ 444 ڊائل ڪريو۔۔۔
- آفر رات 12 کان ٻي رات 12 بجي تائين (24 ڪلاڪ) حاصل ڪري سگهجي ٿي۔۔۔
- رات جو 12 بجي آفر پاڻ مرادو ان سبسڪرائيب ٿي ويندي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيهر سبسڪرائيپ ڪرڻو پوندو۔۔
- مفت ڪالز صرف يوفون کان يوفون تي هونديون جڏهن ته وي فون، پي ٽي سي ايل ۽ ٻين نيٽ ورڪس تي چارجز اپلائي ٿيندا۔۔
- بهتر سروس لاءِ في ڪال هڪ پيسو چارج وصول ڪيا ويندا۔۔
- هي آفر 10 ڊسمبر 2012 تائين موجود آهي۔۔۔
جڏهن کان پي ٽي اي رات جي پيڪيجز تي پابندي لڳائي آهي ۔۔ ڪمپينون هاڻي ڏينهن رات جو پيڪيج ڏيڻ لڳيون آهن۔۔۔ اهڙن مفت خور دوستن جي مسلسل ڪالز کان بچڻ لاءِ توهان به مون وانگر پنهنجو نمبر ڪنهن ٻئي نيٽ ورڪ تي پورٽ ان ڪرائي ڇڏيو۔۔۔ ان کان پوءِ بس هڪ دفعو دوست ڪال ڪندو ته ٻيهر نه ڪندو۔۔۔