وڇوڙي جي وائي ڪهڙي لکي

وڇوڙي جي وائي ڪهڙي لکي شاهين
طرحي غزل : شاهين سنڌي
طرح، ڄڻ پرين جي سار آهي شاعري​
0​
دلبر ۽ دلبر جو ديدار آهي شاعري​
شيرين گفتگو ۽ کيکار آهي شاعري​
000​
سونهن ھُن جي سدا گلابن جهڙي​
پرين جي ذوالفن جي ھٻڪار آهي شاعري​
000​
چنڊ هن جي چانڊوڪي جو عڪس​
ستارن سندو هي سنسار آهي شاعري​
000​
نئيڻ مان ٿي ملي جئيڻ جي آسيس​
هر پل هن جي نيهار آهي شاعري​
000​
وڇوڙي جي وائي ڪهڙي لکي شاهين​
ڄڻ پرين جي سار آهي شاعري​
 
ڪوڊ:
ڄڻ پرين جي سار آهي شاعري

سمجهه ۾ اچي ته ڪمال آهي شاعري ۔۔۔​

جي ڏيکاري ٿي راهه ته رهبر آهي شاعري ۔۔۔۔​
جڙيا هجو ۔۔۔ شاعريءَ کي اصل امر ڪري ڇڏيو اٿوَ ۔۔۔​
 
Back
Top