منهنجي هڪ خراب يا سٺي عادت آهي ته آءُ ڪراچيءَ ۾ هر ڪم ڳولهي ڳولهي سنڌيءَ کان ڪرائيندو آهيان ته جيئن سنڌي هنرمندن يا ڪاريگرن جي حوصلا افزائي ٿي سگهي ... ۽ هو ڪراچيءَ ۾ پنهنجا ڌنڌا چڱيءَ ريت ڪري سگهن پر افسوس! جو سواءِ ڪن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن سنڌين مونکي پنهنجي ڪم کان متاثر ڪيو هجي ... نه ته ” ڍڳو پير پيران“ تازو سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ هڪ حجم وٽ وارن ٺهرائڻ لئه ويس، نائيءَ سادو ۽ ننڍڙو دڪان کولي پنهنجو ڌنڌو شروع ڪيو هو، پر ڇا ڏسان ته سندس دڪان جو سمورو فرش وارن سان ڀريل هو ۽ حجامڪي ڪرسيءَ جي چوڌاري ڪرندڙ ڪچرو سندس پيرن هيٺان لتاڙجي فرش جو حصو ٿي چڪو هو، خئر مون وار لهرائيندي کيس صلاح ڏني ته هو ڌنڌي واري جاءِ صاف رکندو ته سندس ڪهڙو نقصان؟ حجم واعدو ڪيو ته هو هاڻ صفائي رکندو ... !!! ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مون سندس دڪان تي نظر ڦيرائي ته حجم ٻاهر چانهن پي رهيو هو ۽ سندس دڪان جو فرش وارن سان ڀريو پيو هو ... ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه .... ڳالهه ڪرڻ جو مقصد ته سنڌين کي پنهنجي هنري، ڪاريگري يا فني مهارت حاصل ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو دنيا جي ٻين قومن جي فنڪارن، ڪاريگرن ۽ واپارين سان ڪلهو ملائي سگهن ... ٻي صورت ۾ سنڌ وڌيڪ غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙبي ۽ غربت ۽ جهالت جو مقدار وڌي ويندو .... پنهنجي شخصي ۽ قوم جي عزت ڪرائڻ اسانجي هٿن ۾ آهي ... اچو ته مهارت سان پنهنجي قوم جي عزت ۽ مان کي وڌايون ..۔
جي سائين اهڙي صورتحال جي ڪري ئي سنڌ قوم ڏينهون ڏينهن غربت ء غلاميء ۾ جڪڙبي پئي وڃي چوندا آهن ته هنر بادشاهه آهي سنڌي قوم جي هنر سکي وٺي ته بيروزگاري به ختم ٿي وڃي