اسلام عليڪم هي منهنجي پهرين ٿريڊ آهي انشاءالله دوستن کي ضرور پسند ايندي ۽ جيڪڏهن ڪا غلطي هجي ته اها منهنجا سينئر دوست اگاهه ڪندا۔ ۽ هيل غلطي معاف ڪندا، اگر اهڙي ٿريڊ ڪنهن ٻئي دوست پيش ڪئي آهي ته ان جي به معافي ڏيندا جئين ته مان هن وقت کان اڳ ٽي مهينا يوفون جي ذريعي انٽرنيٽ هلائي رهيو آهيان جن دوستن کي ان جي خبر نه آهي اهي دوست هن طريقي مطابق پنهنجي موبائيل سيٽن تي يوفون جي سم جي ذريعي انٽرنيٽ هلائن اها به بلڪل مفت ۾ بنا، هن ۾ صرف 4 چئن ڳالهين جو خيال رکيو وڃي ته انشاء الله اوهانجي سيٽ ۾ به انٽرنيٽ هلي پوندي۔ 1۔ ايم۔ ايم۔ ايس ايڪٽو هجڻ ضروري آهي جنهنجي معلوم ڪرڻ جو طريقو 5#*1*336* هاڻ ايم ايم ايس ايڪٽو ڪرڻ جا ٻه طريقا آهنا۔ 333 تي ڪال ملائي نمائندي کي چئبو ته هوءَ ايم ايم ايس ايڪٽو ڪري2 ۔ ٻيو طريقو يوفون جي ويب سائيٽ تي وڃي ان تي پنهنجو رجسٽرڊ اڪائونٽ ٺاهجي ان کان پوءِ VAS تي وڃي ايم. ايم. ايس تي چيڪ مارڪ هڻي اپڊيٽ ڪري ڇڏجي2. موبائيل انٽرنيٽ لاءِ ايڪسيس پونٽ APN تي لکڻو آهي ( ufone.pmms ) بريڪٽن کان بغير3. پروڪسي نمبر هي آهي 172.16.13.26 ان جو پورٽ نمبر 8080 آهي4. اهڙو پروفائيل تيار ڪيل ان کي ڊيفالٽ تي به رکي، ايڪٽو رکجي پوءِ موبائيل يوفون انٽرنيٽ جو مزو وٺجي۔ نوٽ : جاوا موبيل وارا صرف هي فائيل پنهنجي ڪمپيوٽرکان بليو ٽوٿ ڪن انهن کي مٿين مينيوئل سيٽنگ جي ضرورت نه آهي. ان کان اڳي ان جوtxt ڪوڊ هٽائي ڇڏڻ ضروري آهي ۽ ان ۾ ايم.ايم.ايس جو ايڪٽو هجڻ به ضروري آهي وڌيڪ توهانجي ڪمنٽسن جو انتظار رهندو۔
سڀ کان پھرين سنڌ سلامت جي ھن محبتي اڱڻ تي پير پائڻ تي سنڌ سلامت جو سمورو سٿ اوھان کي دل جي گھرائين سان ڀليڪار چوي ٿو۔ ادا ھن کان پھرين مون به اھو طريقو استعمال ڪري ڏٺو آھي پر ڪو کڙ تيل ڪونه نڪتو۔
توهان جي چوڻ جو مطلب مان نه سمجهيس جيڪڏهن هي اوهان وٽ هلي نه پئي ته مون کان اوهين وڌيڪ معلومات جيڪا اوهان کي سمجهه نه ٿي اچي ته پڇي سگهو ٿا باقي ان ۾ ڪو شڪ سمجهو ٿا ته، ته اها نه هلندي يا نه پسند ڪئي ويندي۔ نه هلڻ جو جواب ته هي آهي جو مان اڄ به ان کي تمام مزي سان هلائي رهيو آهيان باقي رهيو نه پسندگي جي ڳالهه ته ادا خير آهي مون کي جيڪا ڃاڻ ملي سان مون شيئر ڪئي باقي هر ڪنهنجي مرضي ڪجهه غلط لڳو هجي ته معاف ڪري ڇڏجو
پنهنجو پهريون موضوع ۽ اهو به لاڀائتو۔۔ ڀلا ڀاڳ اسان جا جو اطهر علي پٺاڻ جهڙو سنگتي پنهنجي ساٿ ۾ شامل ٿيو۔۔ موضوع ته جاندار آهي ۔۔۔ باقي جيڪڏهن توهان جي ڏسيل ٽپ ڪنهن دوست وٽ نه ٿي هلي ته ان جا ڪئي سبب ٿي سگهن ٿا۔۔۔ جئين منهنجي اينڊروائيڊ سيٽ تي به اها ٽپ ڪارگر نه ٿي۔۔۔ اهو ته ڀلو ٿيو جو تڪڙو بيلنس ڏسي ورتم نه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خير توهان ڏسيو۔۔ ڪهڙي سيٽ تي پيا ان طريقي سان مزا مٺو۔۔۔؟
ادا ڀا اينڊريوڊ سيٽ هنن تصويرن مطابق سيٽنگ ڪيو ۽ هڪ دفو پيج کولي بيلنس چيڪ ڪيو جئين ته مان وري دوستن کي چوندس ته هن کي هلائڻ لاMMS جو ايڪٽو هجڻ ضروري آهي جنهن کي ايڪٽو ڪرڻ جا مان ٻه مٿي طريقا ڏسي چڪو آهيان 1۔ 2۔ 3۔ باقيMMS ايڪٽيويشن جو يوفون جي ويب سائيٽ کان طريقو هي آهي اڃان به نه ٿو ٿئي ته دوست ته منهنجو نوڪيا سيٽن تي سٺو تجربو آهي باقي اينڊروڊ سيٽ تي ايتر معلومات نه آهي ڪوشش ڪري ڏسو متان ٿي وڃي۔
اوهان کي ڀليڪار ڪجي ٿي پاڻ وٽ وارد جو نمبر آهي ان تي نيٽ به هلي ٿي۔ يو فون جي سم ڪانهي، تنهنڪري نوڪيا جا سيٽ استعمال ڪندڙ دوست فائدو وٺي ڏسن۔ ڪاميابي نه ملڻ جي صورت ۾ اوهان سان رابطو ڪن ته جيئن هي ليک لاڀائتو ٿي سگهي۔
سائين اّظهراهڙي ٽپ رڳو جاوا سيٽ تي ئي ڪم ڪري ٿي باقي ڪنهن به سيٽ تي ڪم ڪانه ڪري ٿي۔صرف يوفون فيس بوڪ ٿي هلائي۔نه ڪو ڊائونلوڊ ٿي ڪري۔
ادا اطھر مونکي اوھان جي شيئرنگ پسند آئي پر ڪجھ ڏينھن پھرين منھنجي ھڪ دوست به مونکي اھا صلاح ڏني ھئي مون ڪافي ڪوشش ڪئي ھئي پر ڪامياب ٿي نه سگھيس۔ مون وٽ ايپل ڪمپني جو آئي فون آھي۔ شايد مونکي ان جي سيٽنگ جي باري ۾ خبر نه ھئي۔ جيڪڏھن آئي فون تي اھو ٿيڻ ممڪن آھي ته مھرباني فرمائي ضرور مدد ڪرڻ فرمائيندا اوھان جي سھڻي موٽ جو اوسيئڙو رھندو۔ دعائن ۾ياد