• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آرزو جو سفر ... شمشير الحيدري

نثارابڙو

نائب منتظم
396730_10151244352053948_1295425809_n.jpg

لامڪانيءَ جي فساني کان وٺي،
لازمانيءَ جي زماني کان وٺي،
جسم جي بي انتها تاريڪين ۾،
جاودانيءَ جي سفر ۾ سرگرم آهي ازل جي آرزو

تون به ڪنهنجي ابتدا،
مان به ڪنهنجي انتها،
تنهنجي منهنجي زندگي،
تنهنجي منهنجي ماءُ جي دمدم دعائن جو اثر،
تنهنجي منهنجي زندگيءَ جا صبح شام،
تنهنجي منهنجي پيءُ جي اڻکٽ اميدن جو ثمر،
جسم جو هرهڪ جنم،
ڪئين ڪروڙين آرزومندن جو موجوده مقام،
بس ازل جي آرزو آهي مدام،
جاودانيءَ جي سفر ۾ تيز گام،

اي سندم دمدم دعائن جا نرالا شاهڪار،
زندگي تابندگي جا رازدار!
اچ ته مان توکان ڪريان اڄ الوداع،
جسم جي تاريڪ راهن کان جدا،
مان ازل جي انتها ۽ تون ابد جي ابتدا،
اي سندم اميد جا براق، صد صد مرحبا!
 
Back
Top