مڪاني ادارن وارو قانون ۽ سپريم ڪورٽ جو تاريخي حڪم (بئريسٽر ضمير گهمرو)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شهزاد احمد انصاري طرفان آندل موضوعَ ‏13 نومبر 2012۔

  1. شهزاد احمد انصاري

    شهزاد احمد انصاري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2012
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    76
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور ناٿن شاه ، دادو
    مڪاني نظام جي باري ۾ سنڌ ۾ تصوراتي ابهام ۽ مونجهارو پيدا ٿي ويو هو. سپريم ڪورٽ جي تازي حڪم کانپوءِ اهو توڙي جو ختم ٿي ويو آهي پر سنڌي عوام کي صحيح ڄاڻ ۽ صحيح سياسي تجزيي سان مستقبل جي باري ۾ آگاهه ڪرڻ نهايت ضروري آهي، ڇو ته ميدان ۾ اهڙيون ٿيوريز اڇلايون ويون آهن، جو اهي سپريم ڪورٽ جي حڪم کان اڳ ٻڏتر جو شڪار هئا، هينئر باوجود ان جي ته سنڌ هن قانون واري اشو کان گهڻي قدر متاثر هئي پر جاڳندڙ اميد ۽ ڪاميابيءَ ان تي مرڪ آڻي ڇڏي آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته عوام کي آگاهه ڪجي ته آخر مون کي سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ ۽ هلندڙ سياسي جدوجهد جي نتيجي ۾ ڇا مڪاني ادارن وارو قانون ختم ٿي سگهندو؟
    سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جي ضرورت:
    ڪنهن به قدم کان اڳ نه رڳو حالتن جو سياسي جائزو وٺبو آهي پر رياستن جي بنيادي تضادن جو ڳوڙهو اڀياس ڪرڻ به تمام ضروري آهي، ان ڪري مڪاني ادارن جي قانون کي عملي طرح ڪيئن ختم ڪرائي سگهجي ٿو؟ ان کي سامهون رکڻو آهي، اسيمبليءَ پاران قانون پاس ڪرڻ کانپوءِ، اسيمبلي ئي ان کي ختم ڪري سگهي ٿي، هاڻي سنڌ ۾ هڪ ته موجوده اسيمبلي آهي ۽ ٻي اچڻ واري اسيمبلي يا اسيمبلي نه هجڻ جي صورت ۾ وچيون نظام، جنهن جو تجربو بنگلاديش ۾ اڳ ئي ٿي چُڪو آهي. موجوده اسيمبلي ته ان قانون کي تبديل نه ڪندي، ڇو ته پيپلز پارٽي پنهنجن اتحادين کي ناراض نه ٿي ڪرڻ چاهي، جنهن جا به سياسي سبب آهن، اها ڪجهه هلڪيون ترميمون ته آڻي سگهي ٿي پر قانون ۾ ڪا وڏي تبديلي آڻڻ هاڻي موجوده سرڪار جي وس کان ٻاهر آهي، هاڻي موجوده اسيمبليءَ مان ته اسان اميد پَليسين، جيڪو ايندڙ سيٽ اپ ايندو، اهو يا ته چونڊن جي نتيجي ۾ اچي يا وري بنگلاديش ماڊل يا ڪنهن ٻئي ماڊل حوالي ٿي وڃي، اهي به امڪان موجود آهن. هاڻي جيڪڏهن چونڊون نٿيون ٿين ته اسيمبلي نه هوندي، ان ڪري ان قانون کي ختم نه ڪري سگهبو، اهو طئي آهي، ٻي صورت اها آهي ته جيڪڏهن چونڊون ٿين ته ان جي نتيجي ۾ جيڪا اسيمبلي اچڻ جو امڪان آهي، ڇا اها ان قانون کي ختم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هوندي؟ منهنجي سياسي تجزئي موجب، جيڪڏهن پيپلز پارٽي سادي اڪثريت ۾ اچي يا واحد وڏي پارٽيءَ جي صورت ۾، ان جو اتحاد وري به سندن ساڳين اتحادين سان ٿيندو ۽ موجوده قانون تي چونڊن کانپوءِ اها، اهو موقف اختيار ڪندي ته اسان کي ته مڪاني ادارن تي عوام مينڊيٽ ڏئي ڇڏيو آهي، ٻي صورت اها آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ مان اڌ کان به گهٽ سيٽون کڻي ۽ سنڌين جو مينڊيٽ ورهائجي وڃي، ان جا توڙي جو امڪان گهٽ آهن پر ان صورت ۾ ڇا ٿيندو؟ ڇا اڌ کان وڌيڪ سنڌي ووٽ کڻندڙ ٻي ڪا به ڌُر اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ هوندي؟ هرگز نه! ان کي به مخلوط حڪومت متحده سان ئي ٺاهڻي پوندي، جيڪڏهن موجوده سرشتو انهن ئي بنيادن تي جاري رهي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته موجوده يا ايندڙ اسيمبلي يا ايندڙ ٻي ڪا حڪومت موجوده قانون کي ختم نه ڪري سگهنديون، باوجود احتجاجن ۽ هڙتالن جي، ته ان صورت ۾ هن قانون کي ختم ڪرائڻ لاءِ ٻيو سنڌي عوام وٽ ڪهڙو گَس آهي؟ ذهن ۾ اهو به رکڻ گهرجي ته هي ڪو اين ايف سي ايوارڊ هرگز نه آهي، جيڪو سرڪار جي هٿ ۾ هجي ۽ ان کي نه ٺاهڻ يا نه ڏيڻ تي مجبور ڪجي، اهڙي ڪا شئي جيڪا عمل ۾ نه آئي هجي، ان کي روڪڻ ڪي قدر آسان آهي پر جيڪو قانون پاس ٿي چُڪو آهي، ان کي ختم ڪرائڻ انهن سمورن کان اوکو ڪم آهي، ان کي هڪ ته اسيمبلي ۽ ٻيو ڪورٽ ختم ڪري سگهي ٿي، قانون ۾ اُهي ٻه رستا آهن، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ون يونٽ کي جنرل يحيٰ ختم ڪيو هو پر اهو هڪ وڏي دور جي پڄاڻي کانپوءِ ٿيو هو.
    موجوده صورتحال ۾ جتي سياسي Stakes تمام وڏا آهن، جتي رياست بحران جي ور چڙهيل آهي ۽ سنڌ جي جاگرافيءَ تي سنڌي عوام گهڻو سجاڳ آهي پر ان دور ۾ به جيڪڏهن اهڙو هاڃو ٿئي ته ان کي ڪيئن وَرائجي ۽ سوبه ٿوري عرصي ۾! ان لاءِ يا ته ايڏي وڏي تحريڪ هجي، جنهن ۾ هر شئي بند ٿي وڃي، زندگيءَ جو ڪاروبار هلي نه سگهي، سرڪار ويهي رهي، پوءِ ته ممڪن آهي، باقي گهڻي يا ڊگهي عرصي واري جدوجهد ۾ اها ڳالهه ممڪن نه آهي، ان لاءِ هن قانون کي ختم ڪرائڻ لاءِ ضروري آهي ته جدوجهد جا سمورا رستا اختيار ڪجن ۽ جڏهن هن قانون کي صرف اسيمبلي ۽ ڪورٽ ئي ختم ڪري سگهي ٿي ته پوءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪائڻ ۾ ڪو به هرج نه آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته نه رڳو مناسب تياري هجي، ٽيم هجي، علم هجي پر ان لاءِ فورم يعني ڪورٽ جي چونڊ ڪرڻ به ضروري آهي، موجوده صورتحال ۾ مناسب فورم سپريم ڪورٽ ئي آهي، جتي ان معاملي تي سٺو نتيجو نڪري سگهي ٿو، ان لاءِ ئي مون سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست جمع ڪرائي، ته جيئن ملڪ جي اعليٰ فورم تي تَدارڪ ٿئي ۽ ان مان ٿوري وقت لاءِ جيڪو تمام وڏو نتيجو آيو، اهو سڀني ڏٺو ته قانون ۾ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي ڏنل 43 کاتا قائم ڪرڻ واري عمل کي نه رڳو روڪيو ويو پر سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سرڪار تي اهو به واضح ڪيو ته پٽيشنر جو موقف آهي ته هي قانون آئين جي آرٽيڪل 129 سان ٽڪراءُ ۾ آهي، ان ڪري سرڪار اهڙي اهم آئيني درخواست تي فوري طور جواب داخل ڪرائي. ان عمل سان ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز جا اختيار اُهي ئي رهجي ويا، جيڪي انهن کي 1979ع واري آرڊيننس ۾ حاصل آهن، يعني صرف ميونسپل وارا ڪم، هڪ حڪم تي هي هيڏو وڏو ڪم نه رڳو تاريخ ساز آهي پر سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ واري فيصلي کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو، جڏهن سياسي جدوجهد جي نتيجي ۾ مستقبل جا سڀ دروازا بند نظر اچن ۽ قانون کي ختم ڪرائڻ ۾ اسان کي وري هڪ نسل جي طويل جدوجهد ڪرڻي پوي، ان لاءِ ضروري آهي ته اهڙي فورم تي ضرور وڃجي، جنهن جو ڪم آئين ۽ قانون جي تشريح آهي ۽ جنهن ويجهي ماضيءَ ۾ تمام تاريخ ساز فيصلا ڏنا آهن، سپريم ڪورٽ، جيڪا چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي سربراهي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ان آئين ۽ قانون جي تشريح ۾ عدالتي توهين واري قانون کي تازو ئي آئين جي خلاف قرار ڏنو آهي، هي اسان جيڪو آئيني درخواست ۾ تاريخي ڪيس ٺاهيو آهي، ان کي ملڪ جي ٻين ناميارن قانوندانن به نه رڳو ساراهيو آهي پر ان جون ڪاپيون گهرايون آهن، باقي جيستائين رِسڪ جو سوال آهي، اهو رسڪ ته سياسي جدوجهد ۾ به موجود آهي، ڪڏهن سياسي تحريڪون ڪامياب وينديون آهن، ڪڏهن ته ايم آر ڊي جهڙي زبردست تحريڪ به ڪو جلد سياسي نتيجو نه ڏئي سگهي، جنهن جي اڳواڻي شهيد بينظير ڀٽو ڪري رهي هئي، پوءِ ڪا به سياسي جدوجهد تڪڙا نتيجا نه به ڏئي سگهي ٿي، عدالت ۾ وڃڻ ان کان گهٽ رسڪ آهي، ان سان سياسي جدوجهد به ختم نه ٿيندي ۽ ٿوري وقت ۾ قانون کي آئين سان ٽڪراءُ ۾ هجڻ ڪري ختم ڪرائڻ جو به امڪان آهي. هن هڪ ڌَڪ سان ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز اربين رپين کان محروم ٿي ويون آهن، نه ته سنڌ جي سموري بجيٽ انهن حوالي ٿي وڃي ها.
    پ پ سرڪار کي فائدو:
    ڪجهه حلقن جو رايو آهي ته آئيني درخواست داخل ٿيڻ ڪري، پ پ سرڪار مٿان دٻاءُ گهٽ ٿيندو، ان لاءِ اهو عرض آهي ته اسان موجوده جدوجهد پ پ سرڪار کي پريشر ڏيڻ لاءِ نه هلائي آهي، اسان موجوده جدوجهد قانون کي ختم ڪرائڻ لاءِ هلائي آهي، جيڪڏهن قانون ختم ٿئي ٿو ته ان سان سنڌ کي فائدو ٿيندو ۽ هر هڪ سنڌي اهو ئي چاهي ٿو. ان جي نتيجي ۾ پ پ کي فائدو پوي، اين پي پي يا فنڪشنل ليگ کي، ان سان هن جدوجهد جو ڪو واسطو ناهي، ڇو ته هيءَ سياسي جدوجهد هڪ ئي نڪتي تي مرڪوز آهي ته هي قانون ختم ٿئي، جيڪڏهن هن جدوجهد جو مقصد ڪنهن پارٽي يا فرد کي نقصان ڏيڻ آهي ۽ قانون کي ختم ڪرائڻ نه، ته اهڙي جدوجهد عوام اڳتي ڪيئن وڌائي سگهندو؟ جيڪڏهن اصل مقصد کان هٽي ڪري هن تحريڪ کي ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪبو ته اها ته سنڌ جي عوام سان ويساهه گهاتي ٿيندي، ان ڪري هي هڪ پوائنٽ ايجنڊا آهي ۽ جيڪڏهن ان جو مَحور مٽائي، مڪاني ادارن واري قانون کي وساريو وڃي ته هي تحريڪ اڳتي وڌي نه سگهندي. ان ڪري ضروري آهي ته هن سياسي جدوجهد کي مختلف سياسي پارٽين جي مفادن کان بالاتر رکجي. جيڪڏهن قانون ختم ڪرائڻ ۾ اسان ڪامياب وڃون ٿا، جنهن جا تمام گهڻا امڪان آهن، ته فائدو به سنڌ جو ٿيندو، ڪنهن هڪ پارٽيءَ جو نه. ها جن پارٽين هن قانون خلاف جدوجهد ڪئي آهي، انهن کي چونڊن ۾ فائدو ٿئي ته اهو انهن جو حق آهي، باقي هن تحريڪ ذريعي قانون کي وساري ان کي صرف چونڊن لاءِ استعمال ڪري پوءِ سرڪار ٺاهي سنڌي عوام کي پُٺي ڏجي ته اها امانت ۾ خيانت آهي. ان ڪري جدوجهد جو مِکُ برقرار رکڻ لاءِ مڪاني ادارن واري قانون کي ختم ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جو دروازو کڙڪائڻ تمام ضروري هو، ڇو ته موجوده اسيمبلي يا ايندڙ اسيمبلي هن قانون کي ختم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هونديون. اها ڳالهه ته هر سياسي پارٽي کي سنڌ جي عوام کي ٻڌائڻ گهرجي پر ان ڳالهه کي ڳجهو رکڻ سنڌ جي عوام سان سياسي بد ديانتيءَ برابر آهي. عوام کي ٻڌائڻ گهرجي ته هي اسان جي سياسي تحريڪ جو مقصد آهي ۽ ان کي هيئن حاصل ڪري سگهبو ۽ انهن کي ايندڙ خطرن کان خبردار به ڪرڻ گهرجي. هن تحريڪ ۾ سماج جي سڀني طبقن کي گڏ کڻي هلڻو آهي، ان ڪري ان کي محدود ڪرڻ بجاءِ وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن قانون مان پيپلز پارٽيءَ جو ورڪر پڻ خوش نه آهي ۽ اهو به تحريڪ ۾ شامل آهي، ايتري تائين جو پيپلز پارٽيءَ جا ليڊر به خوش نه آهن، ان لاءِ اسان جو رويو به اهڙو هجڻ گهرجي، جنهن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽيءَ اندر خود اهو پريشر وڌي ته جيئن ان جي قيادت اهڙي مخالفت کي منهن نه ڏئي سگهي ۽ سياسي طور اڪيلي رهجي وڃي. سپريم ڪورٽ پاران بل جي خلاف فيصلو اچڻ جي صورت ۾ اهو پيپلز پارٽي جي سياسي بنيادن تي وڏا اثر ڇڏيندو ۽ اها دليل کان خالي رهجي ويندي. باقي چونڊ ته هر پارٽيءَ يا فرد کي پنهنجي عمل ۽ پروگرام تي وڙهڻي پوندي. ان لاءِ اهو سوچڻ ته اهو مسئلو حل ٿيڻ سان چونڊن ۾ پ پ سرڪار کي فائدو ٿيندو، هن تحريڪ جو مقصد پ پ خلاف چونڊ وڙهڻ نه پر قانون ختم ڪرائڻ آهي، هن تحريڪ ۾ شامل ڪافي پارٽيون چونڊ عمل جي خلاف آهن، انهن کي به گڏ کڻي هلڻو آهي. ها، هن تحريڪ سان پ پ خلاف چونڊ وڙهڻ وارين پارٽين کي ضرور فائدو ٿيندو پر چونڊن لاءِ صرف ۽ صرف هن تحريڪ تي ڀاڙڻ هرگز مناسب نه آهي، چونڊون هر ڪو پنهنجي پروگرام، عمل ۽ ڪردار تي وڙهي ۽ ان سان گڏ جيڪڏهن موجوده اِشو ان کي مدد ڪري ٿو ته تمام سٺي ڳالهه آهي. باقي پ پ کي امڪاني فائدو ٿيڻ ڪري سپريم ڪورٽ ۾ نه وڃڻ وارو منطق ڪنهن دليل کان خالي آهي. پ پ کي فائدي ٿيڻ ڪري، سنڌ جي مفادن کي پٺي ڏئي اسين سپريم ڪورٽ ۾ نه وڃڻ جو فيصلو ڪيئن ڪري سگهون ٿا؟ اهو فيصلو وڏي غور ويچار ۽ صلاح مصلحت سان ٿيل آهي ۽ ان لاءِ مناسب تياري ٿيل آهي، ان ڪري ئي سنڌ جي عوام ان تي ويساهه ڪيو آهي ۽ اسان سنڌ جي عوام جي چهرن تي مرڪ آندي آهي، سنڌي عوام جي چهرن تي مرڪ آڻڻ ئي اسان جي نظر ۾ وڏو ڪارنامو آهي، ڇو ته ماضيءَ ۾ کين نا اميديون ۽ مايوسيون پلئه پيون آهن. ڪنهن به تحريڪ جا مقصد کين چٽا ڪري نه ٻڌايا ويا آهن، جنهن ڪري ڪجهه فردن ۽ پارٽين هنن ساده دل الله لوڪن کي اسلام آباد جي پِڙيءَ تي کپايو آهي، ان ڪري هن تحريڪ جو هڪ ئي مقصد آهي جيڪو ون پوائنٽ پروگرام آهي ۽ اهو آهي سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2012ع کي ختم ڪرائڻ. سپريم ڪورٽ جي آرڊر سبب ان جو روح ختم ٿيو آهي، باقي ان جي مڙهه کي دفنائڻ لاءِ ڀرپور تياري آهي.
    zamirghumro@hotmail.co.uk
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو