آئون گذريل ڪيترن ئي سالن کان ذهن تي جنهن سوال جو بار کڻيو پئي هليس، جنرل اشفاق پرويز ڪياني منهنجي مٿي تان اهو بوجهه ڪُجهه ڏينهن پهرين لاهي ڇڏيو. گذريل اڱاري تائين منهنجو خيال هو ته هن ملڪ سان جيڪو ڪُجهه به، سُٺو يا خراب، ٿيو آهي، اُهو ادارن جي ڪري ٿيو آهي، ڇو ته ادارا به فردن تي مشتمل هوندا آهن. پر جنرل ڪياني جي بيان منهنجي رهنمائي ڪئي ۽ هاڻي آئون به جنرل صاحب وانگر اهو ئي سمجهان ٿو ته هن ملڪ ۾ جيڪو ڪُجهه به، سُٺو يا خراب، ٿي رهيو آهي، ان جا ذميوار ادارا نه پر اُنهن ادارن سان وابسته چند فرد ئي هوندا آهن، تنهنڪري سڄي اداري کي ملوث ڪرڻ ٺيڪ نه آهي. جيئن 1958ع جو مارشل لا فوج نه، پر جنرل محمد ايوب خان ۽ ان جي ڪُجهه ساٿين پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ لڳايو. هو ذاتي حيثيت ۾ فيلڊ مارشل بڻيو، پوءِ ذاتي حيثيت ۾ پارلياماني نظام جي جاءِ تي صدارتي نظام نافذ ڪيائين ۽ صدارتي آئين ڏنائين. هن ذاتي حيثيت ۾ فوج کي 1965ع جي جنگ وڙهڻ لاءِ تيار ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي ئي آئين ۾ لکيل اقتدار جي منتقليءَ جي طريقي کان منهن ڦيرَ ڪري اسپيڪر قومي اسيمبليءَ کي صدارتي اختيار منتقل ڪرڻ بدران ذاتي حيثيت ۾ ڪمانڊر انچيف جنرل يحيٰ خان کي اقتدار منتقل ڪيو ۽ وري پاڻ ذاتي حيثيت ۾ رخصت ٿي ويو. ان کانپوءِ جنرل يحيٰ خان پنهنجي ذاتي مرضي ۽ پنهنجن چند ساٿين جي ذاتي مشورن سان عام چونڊون ڪرايون. ذاتي حيثيت ۾ اقتدار شيخ مجيب الرحمان کي منتقل ڪرڻ کان انڪار ڪيو. پوءِ اوڀر پاڪستان ۾ جيڪو آپريشن ٿيو، اهو يحيٰ خان صرف ٽڪا خان، جنرل ايم ايم پيرزاده، گل حسن، جنرل مٺا، جنرل غلام عمر وغيره کي ذاتي اعتماد ۾ وٺي ڪيو، ۽ پوءِ جنرل نيازيءَ ذاتي حيثيت ۾ هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ اُن کان پوءِ جنرل يحيٰ خان ذاتي حيثيت ۾ اقتدار ذوالفقار علي ڀٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ حمود الرحمان ڪميشن اهڙن نالن جي ڊگهي فهرست جاري ڪئي، جن ذاتي حيثيت ۾ قومي يڪجهتيءَ جو فوٽبال بڻائي ملڪي ۽ غير ملڪي ادارن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ پوءِ ايندڙ ٽيهن ٻٽيهن سالن تائين ايندڙ هر حڪومت ان رپورٽ جي اشاعت روڪرائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو ذاتي زور لڳائي ڇڏيو. جڏهن ضياءُ الحق، ڀُٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته اهو قدم جنرل ضياءَ، جنرل چُشتي، جنرل جهان زيب ارباب، جنرل اقبال ۽ جنرل جيلاني وغيره جو نج پج ذاتي فيصلو هو. ڀُٽي کي ڦاسيءَ جي فيصلي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو ڪوبه هٿ نه هو، بلڪه جسٽس مولوي مشتاق حسين ذاتي حيثيت ۾ ڀُٽي کي موت جي سزا ٻُڌائي. پوءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انوار الحق، جسٽس نسيم حسن شاهه وغيره ذاتي طور تي ان فيصلي جي توثيق ڪئي. جسٽس دراب پٽيل وغيره ذاتي طور تي ان فيصلي سان اختلاف ڪيو ۽ ضياءُ الحق، ڀُٽي جي ڦاسيءَ تي عملدر آمد جو فيصلو به بحثيثيت جنرل يا صدر نه، بلڪه پاڪستان جي هڪ عام شهري يعني محمد ضياءُ الحق جي حيثيت ۾ ڪيو ۽ ان کانپوءِ افغان جنگ ۾ پاڪستان جي ڌُر بنجڻ جو فيصلو به ذاتي خواهش جي تحت ڪيو، حالانڪه اُن جا سڀ ساٿي ان مهم جوئيءَ جا مخالف هئا. هيستائين آئون اهو سمجهندو هئس ته 1988ع ۾ بينظير ڀٽو جو رستو روڪڻ لاءِ اسلامي جمهوري اتحاد آءِ ايس آءِ جوڙايو، پر آئون شڪر گذار آهيان جنرل حميد گُل جو، جنهن آءِ جي آءِ جي ٺهڻ کان چوويهه سال پوءِ اها وضاحت ڪري ڇڏي ته آءِ جي آءِ، آءِ ايس آءِ نه جوڙايو، بلڪه اهو ان جو ملڪي مفاد ۾ ذاتي فيصلو هو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته خود فوج جي تڏهوڪي چيف جنرل اسلم بيگ کي به اها خبر پوڻ نه ڏني وئي ته آءِ جي آءِ ان جو ڪو حاضر سروس ماتحت پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ ٺاهي رهيو آهي. تنهنڪري جنرل حميد گل جي مثال تي عمل ڪندي اسلم بيگ، اسد دراني ۽ غلام اسحاق خان ذاتي طور تي مهراڻ گيٽ تحت سياستدانن ۾ رقم ورهائي ۽ سياستدان به پنهنجي پنهنجي جماعتن کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا اها رقم وصول ڪري ڦري ويا ۽ فوج، آءِ ايس آءِ ۽ ايوان صدر بحيثيت ادارا، هڪ ٻئي جو منهن تڪيندا رهيا. اهڙي ريت جڏهن جنرل پرويز مشرف اقتدار سنڀاليو ته اهو به ان جو نج پج ذاتي فيصلو هو، تنهنڪري فوج کي الزام ڏيڻ ڪنهن به صورت ۾ درست نه آهي ۽ پوءِ مسلم ليگ قاف ۽ پيپلز پارٽي پيٽرياٽ ٺاهڻ ۾ ڪنهن اداري جو پري پري تائين ڪو هٿ نه هو. جيڪڏهن ڪُجهه ڪيو ته جنرل مشرف ۽ جنرل احتشام ضمير وغيره ذاتي حيثيت ۾ ڪيو. هنن ڏينهن ۾ نيب نيشنل لاجسٽڪ سيل، فوجي فرٽيلائيزرس ۽ ريلوي جي حوالي سان ڪُجهه اڳوڻن فوجي آفيسرن خلاف مالياتي بيقاعدگين جي بابت جيڪا جاچ ڪري رهيو آهي، ان جو بهانو بڻائي ميڊيا کي اهو نٿو سونهين ته اُهو ڪنهن اداري تي گند اُڇلائي. پر گڏوگڏ جيڪڏهن اهو به واضح ٿي وڃي ته تمام سُٺو ٿئي ته انهن مان ڪُجهه رٽائرڊ آفيسرن کي ٻيهر حاضر سروس ڪرڻ جو فيصلو ذاتي آهي يا ادارتي؟ گڏوگڏ ڪُجهه ٻيون ڳالهيون به جيڪڏهن طئي ٿي وڃن ته ڪيتريون ئي تاريخي غلط فهميون هميشه لاءِ درست ٿي سگهن ٿيون، جيئن: پاڪستان کي سيٽو ۽ سينٽو ۾ وٺي وڃڻ جو فيصلو ۽ بڊابير هوائي اڏو آمريڪا کي ڏيڻ جو فيصلو ذاتي هو يا ادارتي؟ پاڪستان جي تاريخ اهڙن ۽ ايترن بيشمار ذاتي فيصلن سان ڀري پئي آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن ته محسوس ٿيندو آهي ته چند فردن جي ذاتي خواهشن جي سامهون قومي ادارا ڪيترا نه بيوس، لاچار ۽ مجبور آهن ۽ مٿان وري اها ظالم ميڊيا آهي، جيڪا ايتري ننڍڙي ڳالهه به نٿي سمجهي سگهي ته ذاتي فيصلو ڇا ٿيندو آهي ۽ ادارتي فيصلو ڇا کي چئبو آهي! مگر هاڻي اُميد رکڻ گهرجي ته جنرل ڪياني جي وضاحت ۽ گائيڊ لائين جي روشنيءَ ۾ سڀ ڌريون، ادارا ۽ فرد جذباتيت ڇڏي عقل کان ڪم وٺندا ۽ ذاتي ۽ اجتماعي ذميواريءَ ۾ فرق ڪرڻ سکي ويندا. ٿينڪ يو جنرل صاحب ..... ٿينڪ يو ويري مچ. wusatkhan@gmail.com