روايتي ۽ جديد شاعريءَ جو سنگم : نواز علي نياز جعفري سجاد جعفري جڏهن لاڙڪاڻي جي بلند پايا ۽ ڪهنه مشق شاعرن جو ذڪر ٿيندو، تڏهن مٿي تي ڦندڻ سان ترڪي ٽوپي، بدن تي چڪني جو چولو، مٿان ڪاري الپاڪي جو ڪوٽ، جنهن جي کيسي ۾ چانديءَ جي زنجيريءَ سان واچ، هيٺ سرک جي سلوار پيرن ۾ چمڪندڙ پمپ شوُ، هٿ ۾ سپ جي مٺيي سان سهڻو لڪڻ، شوخ اکين واري خوش پوش، خوش خلق، خوش رُو نواز علي نياز جعفريءَ کي پهرين صف ۾ ويٺل ڏسبو. نواز علي، محمد آچر جعفري جي گهر ۾ 18 آڪٽوبر 1892ع تي ڄائو، هن پنهنجي عالم ۽ فاضل مامي ماستر محمد پريل کان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي ۽ پوءِ لاڙڪاڻي جي واحد سنڌي اسڪول ۾ تعليم ورتي، مڊل تائين تعليم مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪري مئٽرڪ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان پاس ڪئي، جتي درس وتدريس جي ڪمن کان علاوه غير نصابي سر گرمين، جهڙوڪ ؛ تقرير بازي، مشاعرن ۽ ڊرامن وغيره ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو. نياز لاڙڪاڻي مدرسي اسڪول ۾ ڪجهه وقت ماستر پڻ رهيو، ان زماني ۾ اتي علامه دائود پوٽو ۽ محمد ايوب کهڙو پڻ پڙهندا هئا، هن مهراج ٽيڪچند ۽ مولوي عطا محمد عطائي جي صحبت ۾ طب جي ڄاڻ به حاصل ڪئي، هو سٺو يوناني حڪيم هو، ان سان گڏ آيرو ويدڪ ۽ بايو ڪيمڪ دوائن جو به استعمال ڪندو هو، کيس سٺي هٿ شفا هوندي هئي پاڙي وارن جي دوا در مل مفت ڪندو هو، نياز هڪ ديندار مسلمان هو پر هندن سان به دوستي گهڻي هوندي هئس، سادي زندگي گذاريندو هو، فراخ دل رحم دل، ۽ نوڙت نياز وارو انسان هو، منجهس اهي سموريون خوبيون هونديون هيون جي هڪ نيڪ انسان ۾ سٺي شاعر ۾ هئڻ گهرجن. نياز جعفري صاحب گهڻو ڪري هر صنف ۾ شعر چيو آهي، نظم غزل، قصيدا، مرثيا، نعتون ۽ سهرا وغيره، نياز صاحب قادر الڪلام هو، هو نه رڳو عروج جو ماهر هيو پر سندس شعر ۾ رواني به ڏاڍي هئي گهڻو ڪري تحت اللفظ پڙهندو هو پر ٻڌندڙن جي فرمائش تي ڪڏهن ڪڏهن ترنم سا به شعر ٻڌائيندو هو، تن ڏينهن ۾ نياز جي شاعريءَ جو ڌاڪو سنڌ جي سمورن مشاعرن ۾ وڳل هو، هو بهترين مرثين نويس شاعر هو، عاشورن تي شهداءِ ڪربلا جي شان ۾ پنهنجا لکيل مرثيا پاڻ سُر سان پڙهندو هو ته ٻڌندڙ ڳوڙهن کي روڪي نه سگهندا هئا. پير حسام الدين راشدي هوڏو ٿي هو ڏينهن ۾ لکي ٿو ته جي شاعري نه ڪري ها ته ڏانهس ڪير توجهه ڪري ها ؟ ڪنهن کي پئي آهي جو لاڙڪاڻي جي نواز عليءَ ڏي ڌيان ڪري ؟ هي نواز علي نياز هو، سنڌيءَ جو شاعر هو ۽ اسان فنڪارن ۾ چوٽيءَ جو فنڪار هو، تنهن ڪري مون کي ضرورت پئي آهي جو سندس ذڪر ويٺو ڪيان. پير صاحب مطابق، در حقيقت، ” نياز “ ايڏو باڪمال شاعر هو ۽ کيس زبان ۽ خيال تي قادر ايتري قدرت ڏني هئي، جو ڪافيءَ ۽ سنڌي ڪلام جي ٻين نمونن ۾ ته خير، پر خود غزل ۽ نظم جهڙي ڌاريءَ سر زمين ۾ جڏهن ايندو هو ته، اتي به زبان، ديسي استعارن ۽ مقامي تشبيهن جا باغ ۽ بستان پکيڙي هڪ عجيب لئي ۽ لقاءُ لائي ڇڏيندو هو، جيڪڏهن ڪنهن سان ڪڏهن هوڏ تي ايندو هو ته غزل ۽ نظم ۾ قطعي ۽ رباعيءَ ۾ نه فقط فارسي جا اڻ ٻڌل ۽ اڻ ڏٺل اکر آڻي گڏ ڪندو هو، بلڪ عربيءَ جا غير معروف الفاظ ملائي شعر کي بلڪل ” بهار دانش “ بڻائي ڇڏيندو هو. نالي واري ليکڪ هري دلگير نياز تي لکيل هڪ مقالي ۾ ذڪر ڪيو آهي ته ” مان هڪ ڏينهن پنهنجي گهر ويٺو هوس ته نياز منهنجي گهر ۾ گهڙي آيو، مون کي چيائين ته تنهنجو شعر پڙهيو اٿم، امنگ ته خوب اٿئي پر بحر وزن جي ڄاڻ ڪا نه اٿئي، ان ڪري تنهنجي شعر ۾ ڪافي غلطيون آهن، نياز وڌيڪ چيو ته مان چاهيان ٿو ته تو کي شعر جي فن ( علم عروض ) جي سٺي ڄاڻ هئڻ گهرجي، منهنجي استادي قبول ڪري ته مان سيکارڻ لاءِ تيار آهيان، هري دلگير لکي ٿو ته، هن ڪيترائي عاليشان مرثيا، ڪيترائي نصيحتي نظم، سنڌي ٻوليءَ جي شان ۾ ، زماني جي ڪج رفتاري ۽ بي وفائيءَ تي به ڪافي لکيو آهي، آزدي جي هلچل واري زماني ۾ آزاديءَ جا شعر لکيائين پر سرڪاري نوڪري ۾ هئڻ جي ڪري هو اهو ڪلام بنا نالي جي ظاهر ڪندو هو. پير حسام الديم راشدي ساڳيءَ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته، نياز مرحوم پهريون شاعر مون کي ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو نه فقط غزل ۽ نظم جو بادشاهه هو، بلڪ ٺيٺ سنڌي ڪافيءَ مٿان به کيس ڪمال جي قدرت حاصل هئي، اهي ئي ٺيٺ مٺي زبان، اهو ئي محاورا اهي ئي لفظ، نازڪ ۽ پٽ پٽيهر جهڙا نرم استعارا، سي به پنهنجي ماحول جا، ترڪيبون اهي ئي جيڪي شاهه ڪتب آنديون، ڳالهيون اهي ئي جيڪي ڪافيءَ جو ڏاج آهن. نواز علي جعفريءَ جي آخري ڏينهن جو ذڪر ڪندي الهه بخش انيس انصاري لکي ٿو ته ، 1959ع جي گرمين جا ڏينهن هيا، ٻن ڏينهن جي موڪل تي لاڙڪاڻي آيو هيس، امتياز جي جاءِ تي وڃي سڏ ڪيم، اندران نياز جو آواز آيو، ( الهه بخش بيهجان مان اچان ٿو ) ڪمزور ۽ لاغر نياز، جاءِ جي چئن ڏاڪن تان لهندي پوئن ڏاڪي تان ٿيڙ کاڌو ۽ منهنجي اچي ڀاڪر ۾ پيو، ساهه پٽي چيائين، ” امتياز ٻاهر نڪري ويو آهي، ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو آهيان، پيٽان رت ٿو اچي، اٿڻ ويهڻ جهڙو نه هيس پر ڪافي ڏينهن بعد تنهنجو آواز ٻڌي دل سٽ ڏني، ان ڪري نڪري آيو آهيان “ امتياز ٻڌايو ته ” بابا سخت بيمار هيو پر ڊاڪٽر ٻڌايو ته هو ته ڊپ جو انديشو ڪو نه آهي، هونءَ به بابا ٺيڪ ٺاڪ پي لڳو، سڏ ڪري چيائين، امتياز غزل لکيو اٿم ويهو ته ٻڌايانءَ، مان سندس کٽ جي ڀرسان پيل ڪرسيءَ تي ويهي رهيم، هن ٻڌايو مان دانهن ڪري وڃي بابا کي ڀاڪر پاتو، هن نهايت شفق سان منهنجو نرڙ چميو، اها 09 نومبر 1959ع جي شام هئي. 13 نومبر 1959ع تي آفيس ۾ ويٺو هيس لاڙڪاڻي مان مشتاق ( منهنجي پٽ ـ جو ٽيليفون آيو ” بابا ! ڪالهه سائين نواز علي نياز گذاري ويو “ اکين مان ٻه لڙڪ لڙي مس چٽي ۾ جذب ٿي ويا. روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
ڀاء شهزاد، اوهان جون مهربانيون جو اوهان سنڌ جي سريلي شاعر بابت تفصيل ونڊ ڪيا۔ هڪ عرض ته ڪوشش ڪري ڪالم لکندڙ جو نالو ۽ رفرنس به ڏيندا ڪيو ته جيئن انهن جي محنت بابت به خبر پوي۔ مان مٿي ضروري ترميمون ڪري ڇڏيون آهن۔ اميد ته اوهان سنڌ سلامت تي اهڙا سهڻا ليک موڪليندا رهندا۔