اڄوڪو ڏينهن 13 نومبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 13 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

13 نومبر 1929ع اسڪالر ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر مرليڌر ڀاواڻي (حيدرآباد /نئين دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي۔
13 نومبر 1932ع ليکڪ ارجن چائولا جو جنم ٿيو۔
13 نومبر 1948ع سگهڙ حاجي شاھ محمد چنا جو جنم ڏينهن آهي۔
13 نومبر 1957ع موسيقار ۽ گلوڪار بادل راهيءَ جو جنم ڏينهن آهي.
13 نومبر 1961ع سماجي پرچارڪ حاجي عبدالغني جوکيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 نومبر 1967ع باليووڊ اداڪاره جوهي چائولا جو جنم ڏينهن آهي۔
13 نومبر 1975ع مٺياڻي ضلع نوشهرو فيروز سان تعلق رکندڙ شاعر گلبهار باغائي جو جنم ڏينهن آهي۔

وڇوڙو:

13 نومبر 1939ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ وڪيل ۽ سياستدان واڌومل بيلارام آڏواڻي ديهانت ڪري ويو۔
13 نومبر 1954ع ممتاز عالم الدين عمر الدين چنو وفات ڪئي.
13 نومبر 1960ع مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ شهيد حسن ناصر کي ٽارچر سيل ۾ تشدد ذريعي شھيد ڪيو ويو.
13 نومبر 1957ع ناليواري قانوندان، سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ عثمان عيسيٰ ڀائي ميمڻ وفات ڪئي.
13 نومبر 1987ع مذهبي اسڪالر ۽ سياسي اڳواڻ محمد شاھ امروٽي انتقال ڪري ويو۔
13 نومبر 1988ع سنڌي موسيقار ضامن علي عرف ببر علي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو۔
13 نومبر 2020ع سياستدان ڄام مدد علي انتقال ڪري ويو۔
13 نومبر 2021ع ٽيليوزن، ٿيٽر ۽ فلمن جو نامور اداڪار سھيل اصغر انتقال ڪري ويو۔

واقعا:

13 نومبر 1719ع تي ميان نور محمد ڪلهوڙو مسند نشين ٿيو.
13 نومبر 1945ع تي ايٿوپيا، اقوام متحدہ جو ميمبر بڻيو.
13 نومبر 1945ع تي پاناما، اقوام متحدہ جو ميمبر بڻيو.
13 نومبر 1951ع تي پنج هزار مصري شاگردن ڪراچي ۾ جلوس ڪڍيو.
13 نومبر 1959ع روزانہ جنگ جو راولپنڊي ايڊيشن شروع ٿيو.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
iQCWT7RMCT3tV.jpg
 
Back
Top