ڇا آمريڪا ۾ علحدگي جي تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي ؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 نومبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    امريڪا ۾ آزادي جي تحريڪ شروع، نيويارڪ، نيو جرسي، ٽڪيساس، فلوريڊا، جارجيا، ڪولو راڊو، مشي گن سميت 20 رياستن آمريڪا کان ڌار ٿيڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي۔
    واشنگٽن( مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي صدر باراڪ اوباما جي ٻيهر صدر چونڊجڻ کان فوري پوءِ آمريڪا جي 20 ر​
    ياستن آمريڪا کان ڌار ٿيڻ لاءِ پٽيشنز داخل ڪري ڇڏيون آهن۔ رپورٽ موجب آمريڪي صدر باراڪ اوباما جي ڪاميابي کان پوءِ آمريڪي عوام ۾ گڏيل آمريڪا کان عليحدگي جو جذبو پيدا ٿي پيو آهي آمريڪي رياستن ۾ 20 کان وڌيڪ رياستن جي عوام آمريڪا کان ڌار ٿيڻ جي درخواست ڏني آهي۔ درخواست ۾ اوباما انتظاميا کي درخواست ڪئي وئي آهي ته انهن کي ڌار پنهنجي حڪومت ٺاهڻ جي اجازت ڏني وڃي پر امن عليحدگي جو مطالبو ڪندڙ رياستن ۾ لوزينا، ٽيڪساس، اتر ڊڪوٽا، مسيسپي، ڪينٽڪي، اتر ڪيرولينا، الباما، فلوريڊا، جرجيا، نيو جرسي، ڪولو راڊو، اوريگون، ڏکن ڪيرولينا، مشي گن، مسيوري، نيويارڪ ۽ آرڪنساس شامل آهن۔ انهن رياستن درخواستن ۾ چيو آهي ته آمريڪا انهن رياستن کي پرامن واپسي جي اجازت ڏئي۔ آمريڪي صدارتي چونڊن کان پوءِ 9 نومبر جي رات تي شهرين پاران اها درخواست داخل ڪئي وئي آهي جن ۾ لوزيانا سڀني رياستن کان اڳ صدارتي چونڊن کانپوءِ عليحدگي جي درخواست داخل ڪرائي ان کانپوءِ ٽيڪساس رياست به آمريڪا کان ڌار ٿيڻ جي درخواست ڏني۔ آمريڪي قانون موجب آمريڪي عوام پاران حڪومت کي درخواست جمع ڪرائڻ کان پوءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏني ويندي آهي ان عرصي دوران 25 هزار ماڻهن صحيح ڪئي ته اوباما انتظاميا ان تي غور ڪندي ٽيڪساس پاران جمع ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت جي ملڪي ۽ پرڏيهي خرچن جي سڌارن ۾ غفلت جي ڪري آمريڪا لاڳيتو اقتصادي بدحالي جو شڪار آهي، آمريڪي شهرين جي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي۔​
    آمريڪي ضابطي تحت وائيٽ هائوس جي ويب سائيٽ تي پٽيشن کي ڳولڻ لاء هن درخواست تي 150 ماڻهن جي صحيح هجڻ ضروري آهي۔ پاڪستاني وقت موجب سومر جي صبح 11 هين وڳي تائين لوزينا جي حق ۾ 12180، ٽيڪساس جي حق ۾ 14786، فلوريڊا 4021، جارجيا 3276، الباما 3958، اتر ڪيرولينا 3797، ڪينٽڪي 3193، مسيسپي 3136، انڊيانا 3172، اتر ڊڪوٽا2471 ، منٽلنا 2837، ڪولوراڊو 3044، اوريگون 2637، نيو جرسي 2447، نيو يارڪ 2821، ڏکڻ ڪيرولينا 2601، ٽينينسي 2598، مشي گن 2437، ميسوري 2148، آڪنساس جي عليحدگي جي حق ۾ 309 ماڻهن صحيح ڪري ڇڏي آهي آمريڪي آزادي جي اعلان ۾ واضح آهي ته جيستائين ماڻهو ڪنهن سياسي ٻنڌڻ کان ڌار ٿيڻ چاهين انهن کي اها آزادي آهي ته اهي عليحدا ٿين ۽ اهي پنهنجي ڌار حڪومت جوڙي سگھن۔​
    بي بي سي سنڌي جي ٿورن سان​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ساحل جوکيو

    ساحل جوکيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2012
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڇا واقعي آمريڪا ٽٽي ويندو؟
     
  3. ساحل جوکيو

    ساحل جوکيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2012
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڇا واقعي آمريڪا ٽٽي ويندو؟
     
  4. ساحل جوکيو

    ساحل جوکيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2012
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڇا واقعي آمريڪا ٽٽي ويندو؟
     
  5. ساحل جوکيو

    ساحل جوکيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2012
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڇا واقعي آمريڪا ٽٽي ويندو؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو