محبت، ماڻهو ۽ ماڻهپواحسان دانشمنهنجو گذريل ٻارنهن، تيرهن سالن کان قلم قبيلي سان تعلق رهيو آهي. گوشانشينيءَ جي باوجود سنڌ جي ڪيترن ئي باشعور ڏات ڌڻين سان محبت جو رشتو رهيو آهي، خصوصاً لاڙڪاڻي ضلعي جي شاعرن ۽ اديبن سان نيازمنديءَ جو رستو آهي، پر اهو حسن اتفاق چئجي جو ايڏن سالن ۾ منهنجي ڊاڪٽر محبت سان ملاقات نه ٿي سگھي. مان نه ٿو ڄاڻان ته ڊاڪٽر محبت طبيعت ۽ مزاج جي حوالي سان ڪيئن هيو، پر اهو علم آهي ته ماڻهوءَ تي سندس نالي جو تمام گھرو اثر ٿيندو آهي. ان ڪري آءٌ اها اڻ ڏٺي شاهدي ڏئي سگھان ٿو ته محبت وٽ ڪنهن لاءِ نفرت نه هوندي، جي هوندي ته نفرت لاءِ نفرت. 995 اٽيچمينٽ ڏسو جيتوڻيڪ هڪ جذبي ۽ هڪ ماڻهوءَ ۾ مادي حوالي سان فرق ٿئي ٿو، پر ڪجھه ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي جذبن تي حاوي ٿي ويندا آهن. مون جڏهن شاعري شروع ڪئي هئي ته ’محبت‘ سان منهنجي هڪ خوبصورت جذبي طور شناسائي ٿي هئي، پر مون کي اها خبر نه هئي ته ان جذبي جي روپ ۾ ماڻهپي سان ڀرپور هڪ ماڻهو به ٿي سگھي ٿو. ماڻهو ته اهو به هيو جيڪو غارن ۾ رهندو هو ۽ اهو به ماڻهو ئي هيو، جنهن پنهنجي اوگھڙ کي پنن سان ڍڪي شعور جي سرحدن ۾ داخل ٿيڻ شروع ڪيو. اهو به ماڻهو هو جنهن پٿر مان شيون يا هٿيار ٺاهي، ڦيٿي جي ايجاد تائين، تخليقي سفر جو آغاز ڪيو، ۽ اڄ ڪمپيوٽر کان وٺي خلائي شٽلز ۽ سيٽ لائيٽ سسٽم تائين ماڻهو ترقيءَ جون الائي ته ڪيڏيون منزلون طي ڪري چڪو آهي، پر اهو ئي ماڻهو ايڏي ترقيءَ سان گڏ تنزل ڏانهن به تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. نيپام، ائٽم ۽ هائيڊروجن بم به انهيءَ ماڻهوءَ جي ايجاد آهن، ان جو مطلب تخليق ۽ تخريب گڏ گڏ سفر ڪيو آهي. ها ته مون ڳالهه پئي ڪئي ماڻهوءَ جي ۽ ماڻهوءَ جي فني ۽ تخليقي سفر جي، ته منهنجي خيال ۾ تخليقي سفر جي حوالي سان خاص طور جيڪي ماڻهو فنونِ لطيفه سان سهاڙيل آهن، انهن ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ جمالياتي حس (Aesthetic Sense) وڌيڪ ٿئي ٿي، ۽ اهڙو ماڻهو وڌيڪ حساس، سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ ٿئي ٿو، ۽ جيڪو سوچيندڙ هجي ٿو، جنهن وٽ احساس هجي ٿو، ان ۾ ماڻهپو به اوس موجود هجي ٿو، ۽ ماڻهپو ئي دراصل اهڙي وٿ آهي، جنهن سان انسان جي سڃاڻپ ٿئي ٿي. هر باشعور انسان پنهنجي وجود بابت ضرور سوچيندو آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هڪ اهڙو ماڻهو هو جنهن نه فقط ماڻهوءَ پر ماڻهپي لاءِ به سوچيو. نه رڳو سوچيو پر پنهنجين سگھارين سوچن تي هڪ جامع مضمون جي روپ ۾ عام آڏو آندو. هونءَ ته ڊاڪٽر محبت علي ٻرڙي سياسي، سماجي، ادبي توڙي لساني موضوعن تي ڪيترائي ڀرپور مضمون ۽ مقالا لکيا آهن، جن کي وقتاً فوقتاً پڙهڻ جو موقعو مليو آهي، پر هتي آءٌ ڊاڪٽر جي هڪڙي ئي مضمون ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ تي ٻه اکر لکندس. مضمون ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ جي آغاز ۾ هڪ نوٽ لکيل آهي ته ’هي مضمون لکڻ جو مقصد جانورن کي خوار ڪرڻ نه آهي. جيڪي جانور هي مضمون پڙهن، اهي دل ۾ نه ڪن. مهرباني.‘ اهو نوٽ ئي دل کي ايڏو ڇهندڙ آهي، جو ماڻهو هڪو ٻڪو ٿي ٿو وڃي ۽ اهو جملو ڄڻ ماڻهوءَ جي جانورپڻي تي زوردار ڀالي وانگر ٿو لڳي. آغاز کان انجام تائين مضمون جي ٻولي توڙي انداز اڇوتو آهي. ليکڪ ماڻهوءَ ۽ ماڻهپي جي تاريخ کي جنهن تسلسل ۽ خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو آهي، ان لاءِ هو کيرون لهڻي. مضمون جي مهڙين صفحن ۾ ڊاڪٽر محبت پورهئي، سمجھه ۽ ٻوليءَ بابت لکي ٿو: ٻولي تخليقي پورهئي سان گڏ وڌندي ويجھندي رهي ٿي. پورهيو نوان تصور پڌرا ڪري ٿو. نوان تصور وڌيڪ سمجھ ٿا ٺاهين. وڌيڪ سمجھه، نوان لفظ ٿي جوڙي. نوان لفظ، نيون معنائون ٿا ظاهر ڪن ۽ نيون معنائون وري، نوان تصور جوڙي، نئين سمجھه ٿا پيدا ڪن. اهڙيءَ طرح پورهئي، سمجھه ۽ ٻوليءَ جو هڪ دائرو ٺهي پوي ٿو، جنهن ۾ هر عمل ٻئي کي نوان تصور بخشي ٿو. مضمون مختلف قسم جي معلومات سان معمور آهن. مثلاً هڪ جاءِ تي لکيل آهي ته فطرت کي پنهنجي فائدي ۾ بدلائڻ جو عمل شروع ڪندي ئي ماڻهوءَ جھڙو ساهوارو جانوراڻي ماحول کان ڇڄڻ ۽ ماڻهو ٿيڻ شروع ٿيو. توڙي جو ماڻهو هجڻ جو ادراڪ ڪالهه ڪالهوڻي مَس ڪري سگھيو آهي، پر ان راهه تي وڌندي کيس لڳ ڀڳ 30 (ٽيهه) لک ورهيه لڳي ويا آهن. انهن 30 لک ورهين ۾ ئي هو اشرف المخلوقات، ڌڻيءَ جو هٿ، خدا جو پاڇو، ڌرتيءَ جو مالڪ، فطرت کي کوجيندڙ، موجد، محقق، پارکو ۽ پرجھو، ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي، قدرت جو شاهڪار ۽ فنڪار ٿي سگھيو آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي وقتاً فوقتاً مختلف معلومات پئي ڏني آهي. جيئن مختلف حوالن سان انسان کي پهتل نقصان جي باري ۾ انگ اکر ٻڌائيندي هڪ هنڌ لکي ٿو: هن وقت اسان جي ڌرتيءَ تي 5 ڪروڙ ماڻهو اکين جي مرض، ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو ڪوڙهه ۽ پوڻا ٻه ڪروڙ ماڻهو سلهه جھڙن موذي مرضن ۾ ورتل آهن، جڏهن ته سوا ارب ٻارن کي ڪا به تعليم ماڻي سگھڻ جي پهچ ڪونهي، ڏيڍ ارب ٻار چئن ورهين جي ڄمار کان اڳ کير ۽ کاڌي جي کوٽ سبب مريو وڃن ٿا ۽ ڏيڍ ارب ماڻهو بک ۽ ڏڪر جو شڪار آهن. ڪروڙين رپيا مختلف چشڪن جي نالي تي ڦٽاڪن جي صورت ۾ ٻاريا وڃن ٿا، هر سال لڳ ڀڳ ٻه کرب رپيا جنگي مقصدن لاءِ خرچ ڪيا پيا وڃن ۽ ايڏو ته بارود آهي جو ڌرتيءَ کي 5 سَو ڀيرا تباهه ڪري سگھجي ٿو. هڪ طرف اوزون تَهه ۾ ڦاٽ ٿي پيا آهن، ساوڪ تباهه پئي ٿئي، ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي خطرو ۽ ڌرتي تباهه ٿيڻ تي آهي، ته ٻي پاسي دنيا جون گھڻيون واڳون جابرن، قاهرن، بدمعاشن، غنڊن، رهزنن جي هٿن ۾ آهن، جيڪي پنهنجي انڌي سگھه جي زور تي دنيا جي رهاڪن کي ڌمڪيون ڏين ۽ ڊيڄارين ويٺا. محبت ٻرڙي وٽ لفظن جو ڪو اڻ ميو خزانو هو. هو ڪنهن ڳالهه کي چٽو ڪرڻ لاءِ جڏهن لفظن جا موتي وکيري ٿو ته پڙهندڙ جو ذهن جرڪي پوي ٿو. انسان جي ابتدائي تصورن متعلق ڊاڪٽر صاحب پنهنجا ويچار بيان ڪندي ڪاغذ تي هن طرح لفظن جو درياءُ پلٽي ڇڏي ٿو: ”ماڻهو پنهنجي سموري اوسر هلندي، جيڪي بنيادي تصور (خيال، لفظ) پيدا ڪيا آهن، انهن مان ڪجھه وڌيڪ اهم هي آهن. آجپو، آرزو (سڏ، سڪ)، ارادو، اصول، امن، انصاف، آچار، بهادري، سورهيائي، ٻڌي، ٻولي، ڀلائي، برائي، تجربو، ترقي، تعليم، تقرير، جذبو، جستجو (ڳولا)، حڪومت (جمهوريت، بادشاهت وغيره)، دليل، دانش، (عقل، ڏاهپ)، دورانديشي، ڏک، سک، ڏاڍ (ڏمر) ڏوهه، ثواب، سونهن (سوڀيا)، ساٿ، سنوڻ، سائنس (فزڪس، ڪيميسٽري، جيالاجي وغيره)، سزا، سچائي، روح، رياست، راءِ، ذهن، سمجھه، سوچ، عزت، غلامي، فرض، فلسفو، فن، پيار، پورهيو، منطق، مادو، مطلب (معنيٰ ۽ مفهوم)، علم (ڄاڻ)، هنر، هستي، ياد، تصور، تخليق، ساڃاهه، سگھه ۽ ٻيا. اهڙيءَ طرح ليکڪَ هڪ جاءِ تي ڌڻي ۽ آقا جي معنيٰ ۾ لفظن جا ڊگھا قافلا ڏيکاريا آهن. هو لکي ٿو: ”ماڻهوءَ پنهنجي اوسر هلندي جن به سٿين کي مانُ ڏنو آهي ۽ انهن کان ڊنو به آهي ۽ کين ديوي، ديوتا، ڌڻي، ونڊيندڙ، ورهائيندڙ، اپائيندڙ، جھڪائيندڙ، نوائيندڙ، پاليندڙ، ڀڳوان، ڀلارو، متارو، ٻلوان، ٻاجھارو، ڏاڍو، ڏاتار، ويڙهاڪ، پلئه ڪندڙ، نرمل، نرواريندڙ، نکاريندڙ، نرالو، نجو، آچاري، آقا، سارلهندڙ، سنڀاليندڙ، ليکو ڪندڙ، پڪڙيندڙ، پارکو، پروڙيندڙ، سمجھندڙ، سڌاريندڙ، ڏيندڙ، ڏسندڙ، ۽ ٻيو گھڻو ڪجھه سڏيندي، انهن آڏو هٿ ٻڌندو ۽ جھڪندو رهيو آهي، انهن ۾ اوهان کي پنهنجي پنهنجي وقت ۽ حالتن جي حساب سان هڪ به اهڙو نظر نه ايندو جيڪو انهن ڏينهن ۽ ان وقت جي حالتن ۾ ماڻهوءَ کان وڌيڪ هيڻو يا ماڻهوءَ جي قبضي ۾ رهيو هجي. ڊاڪٽر محبت جو مضمون ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ نه فقط ٻوليءَ، معلومات ۽ تسلسل جي حوالي سان سگھارو آهي، پر فڪري لحاظ کان به ان ۾ وڏي پختگي آهي. مختصر طور آءٌ ايئن چوندس ته ماڻهوءَ ۽ ماڻهپي جي اوسر متعلق هيءُ هڪ جامع مضمون آهي ۽ ان موضوع تي ايڏو ڀرپور مضمون مون اڳ ڪٿي نه پڙهيو آهي.