ليڪ جي هن پار جهان آرا سومرو 1001 اٽيچمينٽ ڏسو ليکڪه جو تعارف: جهان آرا سومرو زندگي جي ننڍڙنننڍڙن پر نهايت اهم مسئلن تي ڏاڍيون خوبصورت ڪهاڻيون سرجيون آهن. سندس اسلوب بيان به ٺيڪ ٺاڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ڪٿي ڪٿي ڏاڍا سگهارا مڪالما ملن ٿا. هوءَ جديد ڪهاڻي جي اسلوب کان چڱيءَ ريت واقف آهي. سندس ڪهاڻين جا موضوع سماجي نابرابري ۽ زندگيءَ جي تخلين تي مشتمل آهن. جهان آرا سومرو ١٦ آگسٽ تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ئي ڪئي ۽ پنهنجي والده بيگم غلام قادر، جيڪا پنهنجي دور جي ليکڪا رهي آهي، کان ڪافي متاثر ٿي. آغاز ۾ ئي صرف ڪهاڻين توجھ ڏنائين، ۽ سندس پهرين ڪهاڻي هئي ”مان جيڪر گل هجان ها.“ جنهن کان بعد، مختلف رسالن ۾ سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڇپيون. جن مان ”آئي مند بهار“، ”ويڇا ۽ ويراڳ“، ”جي تو سوري چاڙهيو“ کي ڪافي سٺي موٽ ملي. جهان آرا جي اها مشق اڃا جاري آهي. سندس ٻارهن طويل ڪهاڻين تي مشتمل ڪهاڻين جو مجموعو ڇپائي هيٺ آهي. پاڻ ايم پي اي ۽ بي ايڊ آهي ۽ هن وقت لاڙڪاڻي ۾ ايجوڪيشن آفيسر طور پنهنجا فرائض نڀائي رهي آهي. (تعارف: احسان دانش) محبت جون چند گهڙيون ڪيڏون نه اڻ ملھ آهن! رسڻ کان سواءِ پرچڻ وارا احساس ڪيڏا نه حسين هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي احساس ۽ جذبا وري وري وڙهڻ وارا نه هوندا آهن. اهي گهڙيون وقت جي آڱرين سان ڇهجي دل جي ڪينواس تي محسوسات جي حسين رچنا بنجي اڀرنديون آهن ۽ ڪو به مصور وري ساڳيو شاهڪار ٻيهر نه ٺاهي سگهيو آهي. مان توکي ڏسان ٿو ڪومايل، ويڳاڻو، تون ڪيڏن ڏينهن کان منهنجي اوسيئڙي ۾ ويٺي آهين. هر کڙڪي تي ڇرڪ ڀرين ٿي، آسائيتون اکيون کڻي در ڏانهن نهارين ٿي، پر مون کي نه ايندو ڏسي مايوس ٿي وڃين ٿي. مان اڄ چڱي طرح سمجهي ويو آهيان، ته تون مون سان ڪيترو نه پيار ڪرين ٿي. ان ڳالھ جي باوجود جو تون هر روز مون سان ڏھ دفعا وڙهندي هئينءِ، جڏهين مان ڪاوڙجي گهر کان ٻاهر هليو ويندو هوس ته لاپرواهيءَ کان منهن ڦيري ڇڏيندي هئينءِ، پر اڄ خبر پئي اٿم ته منهنجي وڃڻ کان پوءِ تون منهنجو اوسيئڙو ڪندي هئينءَ. سڄو ڏينهن وڙهڻ ۽ چڙڻ جي باوجود رات جو منهنجي سيني تي مٿو رکي چوندي هئينءَ ”مون سان وڙهندو نه ڪر. زندگي ڪيتري ته ننڍڙي آهي، محبت ڪرڻ لاءِ به صفا ٿوري آهي تون وڙهڻ ۾ ضايع ڇو ٿو ڪرين؟“ مون کي هڪدم کل اچي ويندي هئي. تنهنجا وار پڪڙي چوندو هوس ”وڙهان وري مان ٿو...؟ مان اڃا گهر ۾ گهڙان مس ٿو ته جهيڙو شروع ڪرين ٿي، نلڪا خراب پيا آهن... گئس صحيح ڪم نه ٿي ڪري فلاڻو ڪم نه ٿو ڪرين...“ ”تون نه جوڪندو آهين!“ تون شڪي ٿيندي پنهنجو منهن منهنجي سيني ۾ لڪائيندي هئينءَ. پوءِ چوندي هئينءَ هڪڙي ئي ته زندگي ملي آهي. ڀلا ٻيهر جنم ته نه ملندو ته نئين سر زندگي شروع ڪنداسين“. ”اڙي اڃا ته جواني آهي. محبت ڪرڻ لاءِ ته کوڙ حياتي پئي آهي“. مان چوندو هوس. ۽ اڄ مان سوچيان ٿو ته محبت جون گهڙيون ڪيڏيون نه اڻ ملھ آهن! رسڻ کان پوءِ پرچڻ وارا احساس ۽ جذبا وري وري ورڻ وارا نه هوندا آهن، اهي گهڙيون وقت جي آڱرين سان ڇهجي دل جي ڪينواس تي محسوسات جي حسين رچنا بنجي اڀرنديون آهن ۽ ڪو به مصور وري وري ساڳيو شاهڪار ٺاهي نه سگهندو آهي. مان به انهن ساعتن جي لذت وري محسوس ڪري نه سگهندس، ڇاڪاڻ ته تنهنجي منهنجي وچ ۾ ڪو ليڪو آهي، ڄڻ شيشي جي ڪا ديوار آهي، جنهن مان، مان توکي ڏسي سگهان ٿو پر تون مون کي ڏسي نه ٿي سگهين. مان سمجهندو هوس ته محبتن ۽ لذتن وارين ساعتن جو خزانو اڻکُٽ آهي پر خبر نه هيم ته هلندي هلندي اوچتو پير ان ليڪ تي پئجي ويندو، جنهن کي پير ته اورانگهي ويندا آهن پر وقت پوئتي رهجي ويندو آهي. اها ليڪ ڪٿان ٻي هنڌان نه ايندي آهي پر اسان جي وجود جي آسپاس موجود رهندي آهي. اسان ان کان بي خبر لاپرواھ هلندا رهندا آهيون ڪنهن موڙ تي اوچتو اها ليڪ اسان جي قدمن جي اڳيان اچي ويندي آهي ۽ وقت کي ويڙهي اسان کان جدا ڪري ڇڏيندي آهي. زندگي ته هر پل نوان موڙ مٽائيندي آهي. ڪي اڻ رٿيل اڻ سوچيل لمحا اڳيان اچي ويندا آهن، پر هي ڪهڙو موڙ هو جيڪو محسوسات جي لذت، رنگن، روشنين جو سحر ۽ محبتن جي آسودگي به وقت سان ويڙهي کڻي ويو ۽ مان هتي بيٺو حسرت وچان لحظي به لحظي پري ٿيندڙ ان موڙ کي ڏسي رهيو آهيان. شيشي جي هن ديوار جي ٻي پاسي رنگن، روشنين ۽ رونقن سان ڀريل دنيا آهي. زندگيءَ جي رڌم سان رچيل، ۽ هن پار بي حس خاموشي آهي. ڪو وقت ڪونهي، ڪو آواز ڪونهي، ڪا روشني ناهي، ڄڻ سج اڀرڻ کان اول وارو ڌنڌلو سوجهرو آهي يا سج لهڻ کان پوءِ واري ميري اوندھ پاڻ ۾ رل مل ٿي ويا آهن، مان ان ڌنڌ ۾ ويٺو توکي ڏسي رهيو آهيان. تنهنجي سامهون ٽي وي پئي آهي جنهن تي انگريزي گانو هلي رهيو آهي: This is Beautiful lifeگاني لکڻ واري ۽ ٺاهڻ واري ٻنهي زندگيءَ جي عطر کي ڪشيد ڪري زندگيءَ جي ڪيڏي به حسين تصوير پيش ڪئي آهي، رنگ برنگي روشنين سان جهل مل ڪندڙ شهر ... ويڪرن رستن تي هلندڙ بي شمار ماڻهو ... جهولن تي لڏندڙ کيڏندڙ تازگي سان ٻهڪندڙ ننڍڙا ٻارڙا .... آسمان تي ترندڙ اڇا ۽ سرمائي ڪڪر ۽ هوا ۾ لڏندڙ سڳند ۽ جوڀن سان ڀريل گل ... ۽ اڄ مان چڱي طرح محسوس ڪري سگهان ٿو زندگيءَ جو مسحور ڪندڙ سر! جيڪو مون کان وڃائجي ويو آهي. ۽ مون کي ياد اچي ٿو گهر ڏانهن موٽڻ، گرميءَ ۾ بخيل ٿيڻ ۽ شڪايت ڪرڻ ”يار! هيءَ به ڪا زندگي آهي!“ ۽ اڄ جڏهن ڪا گرمي ناهي، ڪو پگهر ناهي ته مان سوچيان ٿو اها گرمي... اهو پگهر ئي ته زندگي هو. جڏهن منجهند جو پاڙي جا ٻار چوري چوريءَ دروازو کڙڪائي ڀڄي ويندا هئا ته مان ڪيڏو نه چڙندو هوس، بار بار ٻاهر نڪري پاڙيوارن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هوس. اڄ مون کي گهٽيءَ جي موڙ کان منڍي ڪڍي ليئا پائيندڙ اهي ٻار ياد اچن ٿا ۽ منهنجا ڪَن شدت سان دروازي کڙڪڻ جو انتظار ڪن ٿا پر.... هتي ته ڪو دروازو ئي ڪونهي...ڪا منجهند ڪانهي.... ننڊ ڦٽڻ جي ڳڻتي ڪانهي ۽ منهنجي دل ان منجهند لاءِ اتاولي ٿي وڃي ٿي، جنهن ۾ ڪو ميرو گدلو ٻار اچي در کڙڪائي منهنجي ننڊ ڦٽائي. مون سوچيو هو ته شايد اهي ٿڪائيندڙ منجهند جا پهر ائين ئي روان رهندا پر اهو ياد نه هو ته هلندي هلندي کڄيل وکون اهو اڻ رٿيل، اڻ سوچيل موڙ ٽپي وينديون، جتي تون مان هڪ ٻئي کان وڇڙي وينداسين. تون سوچيندي هوندينءَ ته مان شايد تو سان گهڻو ڪاوڙيل آهيان جو ايترا ڏينهن گذري ويا آهن ته نه موٽيو آهيان نه وري توکي پنهنجي ڪا خبر ڏني اٿم. مان توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته توکان وڇرڻ کان پوءِ وقت مون کان وڇڙي ويو، ۽ بي شمار ڪم جيڪي مون کي ڪرڻا هئا سي به پوئتي رهجي ويا. تون روز وڙهندي هئينءَ ته گهر کي مرمت ڪرائي ڏي، پر مان سوچيندو هوس اڃا ته کوڙ وقت آهي، فرصت ملي ته ٺهرائيندس. هاڻي سوچيان ٿو ته فرصت ملندي ناهي، ڪڍڻي پوندي آهي، ڪاش مان به ڪڍي وٺان ها. ادا وڏي سان ڪاوڙ هئي. گذريل ٻن سالن کان ڳالهائڻ ٻولهائڻ بند هو. عيد تي ادي به آئي هئي، ته ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئائين ته ٻنهي ڀائرن ۾ ٺاھ ٿي وڃي. ڪاوڙ مان چيو هومانس: ”مرندو مري ويندس پر ادا سان ٺاھ نه ڪندس“. ڏکاري ٿيندي چيو هئائين: ”ادا ڦاٽل نه سبجن ها ۽ رٺل نه پرچن ها ته دنيا ئي نه هلي ها. اڄ ڏينهن تائين ائين ٿيو ناهي جو هڪ پيٽ جا ڄايا ڀائر عمر ڀر رٺا رهن. ڀينرن جا ڳڀا نه ڪيو، ڪاوڙ قصور ڪڍي پاڻ ۾ پرچاءُ ڪيو.“ ان رات تو به ڏاڍو سمجهايو. پنهنجي دل به چيو ته ”سچ ٿا چون، ننڍڙين ڪلفتن تي رت جا رشتا ڇني ته نه ڇڏبا آهن!“ پر پوءِ انا جو ديوُ جاڳي پيو ۽ فيصلو ڪيم ته ”پرچاءُ ڪندس پر في الحال نه، ڀلي ڪجھ وقت سيکت هجين.“ هاڻي سوچيان ٿو ”سيکت لاءِ وقت ڪنهن وٽ هو؟“ ڪاش اديءَ جي ڳالھ مڃيان ها ته هوءَ ڏکاري ٿي نه وڃي ها. ڪي ڏينهن اڳ آفيس ۾ دوست پنهنجا ڪاغذ ڏيکاريندي چيو هو: ”يار! مان ڪراچيءَ ٿو وڃان پنهنجا جِي پِي فنڊ جا ڪاغذ ٺاهرائڻ، تون به ڪاغذ تيار ڪري ڏي ته تنهنجو اڪائونٽ به ٽرانسفر ڪرائي اچان!“ ”ڇو ڀلا؟“ پڇيو هوم. ”يار زندگيءَ جو ڪو ڀروسو ڪونهي، ماڻهو پنهنجا ليکا چوکا ته صحيح رکي، ائين نه ٿئي جو پويَن کي ڪجھ هٿ ئي نه اچي!“ مون هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو هو ۽ کيس چيو هوم: ”يار! منهنجو اڃا مرڻ جو ڪو پروگرام ڪونهي“. اڄ سوچيان ٿو ته ڪاش سندس چوڻ مڃان ها. توکي ته خبر ئي ناهي ته منهنجا ڪاغذ ڪٿي ڪٿي پيا آهن. تون گهر جي ڪمن ۾ ايتري ته رڌل هوندي آهين، جو ڪڏهن منهنجا ڪاغذ پٽ ڏٺا ئي نه اٿئي. تون ته گهر ۾ ايندڙ روزانو اخبار به نه کڻي پڙهندي آهين. نه توکي سترهن سيپٽمبر واري اخبار ۾ ڇپيل اها ننڍڙي خبر نظر آئي هوندي ته ”دهشتگريءَ جي نتيجي ۾ مارجي ويل هڪ نامعلوم نوجوان جو لاش لاوارث سمجهي دفنايو ويو“.