• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستان ۾ رهندڙ عوام جي نانءُ

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
پاڪستان ۾ رهندڙ عوام جي نانءُ

318971_10151249062265040_650973782_n.jpg
هڪ بادشاهه جي اڳيان وزير جڏهن هڪ معاملو رکيو ته بادشاهه اهو چئي ناڪار ڪئي ته اهو مان نه ڪندس ڇو ته اسان جي رعايا (عوام) تمام گهڻو احتجاج ڪندي..
وزير اهو چيو ته بادشاهه سلامت اسان جي عوام ڪڏهن به احتجاج نه ڪندي، اهو منهنجو اوهان کي واعدو آهي..
بادشاهه چيو ته ٺيڪ آهي ڀلا ثابت ڪري ڏيکار..
ٻئي ڏينهن وزير ڇا ڪيو جو جنهن پُل جي مٿان سموري عوام گذرندي هئي ان پُل تان لنگهڻ واري هر شخص تي 10 رپيا ٽيڪس هنيو...
عوام خوشيءَ سان اهو ٽيڪس ادا ڪيو..
ڪجهه ڏينهن کان بعد وزير جي حڪم سان اهو ٽيڪس يڪدم وڌائي 50 رپيا ڪيو ويو.. عوام بنا ڪنهن چون چران جي اهو ٽيڪس ادا ڪيو..
نيٺ وزير عوام کي غصو ڏيارڻ لاءِ اهو حڪم جاري ڪيو ته عوام کان 50 رپيا ٽئڪس ته ورتو ئي وڃي پر ان سان گڏ هر شخص کي هڪ جوتو پڻ هنيو وڃي..
ٻئي ڏينهن بادشاهه ڇا ڏسي ته سندس محل جي اڳيان عوام جا انبوهه لڳل آهن.. ان وزير کي چيو ڏٺئي عوام کي غصو اچي ويو، هاڻي احتجاج ڪندي هتي اچي پهتي آهي...
وزير چيو ”بادشاهه سلامت اوهان ڌيرج رکو.. عوام کان پڇو ته سهي، هتي ڇو آيا آهن“
بادشاهه جي پڇڻ تي عوام جواب ڏنو: ”بادشاهه سلامت، توهان جيڪو هيڏي ساري عوام کي جوتو هڻڻ لاءِ هڪ همراهه کي ئي رکيو آهي، جنهن جي ڪري اسان کي لائنون ٺاهي بيهڻو پوي ٿو، اوهان کي گذارش آهي ته جوتا هڻڻ لاءِ ڳپل ماڻهن کي رکو ته جيئن اسان جو وقت بچي پوي“....
 
Back
Top