سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي زوال جو ذميوار ڪير؟ ( عرفان علي شاهه)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شهزاد احمد انصاري طرفان آندل موضوعَ ‏13 نومبر 2012۔

  1. شهزاد احمد انصاري

    شهزاد احمد انصاري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2012
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    76
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور ناٿن شاه ، دادو
    سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي زوال جو ذميوار ڪير؟

    عرفان علي شاه
    [​IMG]
    ه





    ڪجهه ڏينهن پهريان اسان ڪجهه دوست چانهه تي گڏ ٿياسين ۽ عادت موجب چانهه سان گڏ مختلف ڪاروبار جي باري ۾ صلاحون شروع ٿي ويون ته هي ڪرڻ گهرجي، هو ڪرڻ گهرجي، ان کان پهريان جو هميشه جيان چانهه سان گڏ اسان جو ڪروڙين ۽ اربين رپين جو ڪم ختم ٿي وڃي، مون دوستن کي چيو ته هن ڀيري هڪ قدم اڳتي وڌايون ٿا ۽ ڪنهن به هڪ واپار تي ريسرچ ڪيون ٿا اگر سمجهه ۾ آيو ته ٺيڪ نه ته ڪجهه سِکي وٺبو، هڪ دوست جو خيال هو ته فرنيچر جو ڪم سٺو آهي ته مون کيس صلاح ڏيندي چيو ته ڇو نه هالا جي هِندورن (پينگهن) کان شروعات ڪجي؟ جيڪڏهن هلي پيو ته ڪم سان گڏوگڏ پنهنجي تهذيب کي به اُجاري سگهبو ۽ پنهنجي ماڻهن لاءِ به روزگار جو ڪو بندوبست ٿي پوندو، جيڪڏهن پاڻ کي شهرن ۾ رهڻو آهي ته پوءِ اسان کي پنهنجي گهرن جي بنياد رکڻي پوندي، پنهنجا ڪاروبار کولڻا پوندا، تڏهن وڃي پاڻ مضبوطيءَ سان ٽڪي سگهنداسين.
    عيد کان فورن پوءِ اسين هالا ۽ نصرپور لاءِ روانا ٿياسين، ڪنهن دوست جي معرفت سان استاد عباس ڪاشيگر اسان کي هالا ۾ ڪاشيگريءَ جا ڪجهه ڪارخانا ڏيکاريا، مون ڀٺيءَ (جنهن ۾ مٽي جا ڪچا ٿانو پچائبا آهن) جي مٿان چڙهي ان جي اندر ٿانون جون تصويريون به ڪڍيون ۽ ڪم کي سمجهڻ جي پوري ڪوشش به ڪئي، بقول استاد عباس جي ته هنن ٿانون کي ڀٺيءَ ۾ پچي تيار ٿيڻ ۾ ڏهن کان پندرنهن ڏينهن جو وقت لڳي ويندو آهي، باقي مٽي کڻڻ ۽ نقشنگاريءَ جو وقت الڳ آهي، مطلب ته پاڻ ائين چئي سگهون ٿا ته پاڻ کي ڪنهن به گهرج مطابق ٿانو ٺاهي ڏيڻ ۾ هڪ مهيني جو وقت لڳي ويندو آهي، ڀٺيون به ننڍڙيون آهن جن ۾ منهنجي اندازي مطابق پنج سئو کان هزار تائين ٿانو (اهي به اگر ننڍڙا هجن) ماپي سگهجن ٿا، پوءِ ڪاشي کي تقريبن 9 سئو سينٽي گريڊ گرمي پد تي پچايو ويندو آهي، ان گرمي پد کي ماپڻ لاءِ ڪو به جديد اوزار موجود نه آهي! استاد عباس موجب ته هالا ۾ اهڙا ڪارخانا 8 يا ڏهن کان وڌيڪ نه هوندا، اڪثر ڪري ان جي گهرج سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي آهي ۽ گهڻو ڪري آرڊر مسجدن ۽ مزارن لاءِ هجن ٿا، مونکي کوڙ ساريون اهڙيون شيون ٺهندي نظر آيون، جيڪي ٻالڪپڻي ۾ اسان پنهنجي گهرن ۾ ڏسندا هئاسين، پوءِ اسين جنڊيءَ جو ڪم ڏسڻ لاءِ ڀٽ شاهه آياسين پر اتي اسان کي هندورا ٺهندي نظر نه آيا، ڪافي مايوسي ٿي، مون انهن کان هنر مند ڪالوني بابت پڇيو جيڪا ڀُٽي صاحب پنهنجي دور ۾ ٺاهي هئي، (جنهن جو نمونو هن طرح هو ته ٻن ڪمرن جو گهر، اڱڻ ۽ اڳيان هڪ دڪان، ڪاريگر پنهنجي گهر ۾ رهي ڪم ڪري ۽ پنهنجيون ٺهيل شيون پاڻ مناسب اگهه ۾ وڪرو ڪري) هنن ٻڌايو ته اها ڪالوني هاڻي صرف گهر آهن، کوڙ سارا ڪاريگرهيڏانهن هوڏانهن ٿي ويا آهن، هڪ تڪليف ڏيندڙ شئي جيڪا مون ڏٺي اها هئي ته ڀٽ شاهه روڊ تي هڪ نئين ڀت ٺهرائي وئي هئي، جيڪا تمام گهڻي دلڪش نظر اچي رهي هئي جنهن تي ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل هو، ان تي هڪ قومپرست پارٽيءَ جي ڪارڪنن نعرا لکي ڇڏيا هئا. ان کانپوءِ آئون پنهنجي بزرگن ۽ اتان جي رهندڙ هڪ هوشيار ڪاشيگر جي شهر نصرپور ويس، شهر جون گهٽيون تمام سوڙهيون هيون پر تنهن باوجود به هي شهر پنهنجي شاندار ماضيءَ جي جهلڪ ڏئي رهيو هو، اسان غلام حيدر سان Ceramic training and Production Center ۾ ملاقات ڪئي ۽ اندر وڃي ڪارخانو ڏٺو، موڪل جو ڏينهن هجڻ باوجود ڪجهه مزدور ڪم ڪري رهيا هئا، هي ڪارخانو سنڌ سمال انڊسٽريز جي ملڪيت هئي، منهنجي ڄاڻ مطابق هتان جون تيار ٿيل شيون هنن جي واحد دڪان (جيڪو ڪراچي ۾ هڪ هوٽل جي سامهون آهي) تي ملنديون آهن، هتي هڪ مشين لڳل هئي، جيڪا مٽيءَ مان غير ضروري جُزا الڳ ڪري مٽي ۽ پاڻي کي ملائي ڪتب آڻڻ جي لائق بڻائي ٿي، ٽي ڀَٺيون 8 کان 10 فوٽن جي مفاصلي تي ٺهيل هيون، ڀٺيون خانن واري ڪٻٽ جيان هيون، جيئن اوهان ڪو به خانو کوليو ۽ ان ۾ فائيل رکي ڪٻٽ بند ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح هڪ ٽرالي هئي، جنهن ۾ خانا ٺهيل هئا، ان ۾ ڪچو مال رکي سگهجي پيو، هيٺيان پٽڙي جيان روڊ ٺهيل هو، جتان ٽراليءَ کي اندر موڪلي ۽ ٻاهر آڻڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، مال ڀرڻ کانپوءِ ان کي صحيح نموني بند ڪري ٻنهي پاسن کان باهه ٻاري ويندي آهي، ان باهه جو گرمي پد هڪ هزار سينٽي گريڊ رکيو ويندو آهي، مال کي پچي تيار ٿيڻ ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ لڳي ويندا آهن.
    غلام حيدر جو چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪندا هئا، انهن جا ٻار هاڻي ٻيو ڪم ڪار ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته هاڻي هن ڪم ۾ ايترو منافعو نٿو ملي، شهر ۾ نقشِ نگار جيڪي ٽائلز ۽ ٿانون تي چِٽسالي جو ڪم ڪندا آهن، اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا بچيا آهن، ڪو به نوجوان هي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، اگر صورتحال اها رهي ته پوءِ اهو ڏينهن پري نه آهي، جڏهن اسان جو ايندڙ نسل ڪتابن ۾ تصويرون ڏسي پنهنجي تهذيب جي خاتمي جو الزام اسان تي ڏيندو.
    هن وقت سنڌ سرڪار تقريبن هڪ لک نوڪريون ڏنيون آهن پر جيڪڏهن صرف هن هنر کي هٿي وٺرائي وڃي ها ته گذريل پنجن سالن ۾ هن شعبي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ نوڪرين جي گنجائش پيدا ٿي وڃي ها، مونکي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جو ڪلچر کاتو هاڻي ڪتابن جي مهورتي تقريبن، درگاهن جي افتتاحن ۽ فنڪارن جي عيادت ڪرڻ تائين محدود ٿي ويو آهي، اسان جي وزيرن کي غلام حيدر ۽ حسن ڪاشيگر جي باري ۾ خبر ئي نه آهي، کين اها به خبر نه آهي ته لاهور جي نيشنل ڪاليج آف آرٽس مان مسلسل ٽن سال تائين سنڌ جا شاگرد اسڪالرشپ کٽي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ٻاهر ويا آهن، ميرپورخاص جا پينٽر ڏسو، جبار گل جهڙا ماڻهو جيڪي ميرپورخاص جي سئنيمائن جا پوسٽر پينٽ ڪندي ڪندي پنهنجي محنت سان ڪراچي پهتا ۽ وڏو نالو ڪمايائون، انڊس ويلي (جيڪو نجي آرٽ اسڪول آهي) جهڙو هڪ به ادارو اوهان کي سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ نه ملندو، اوهان صرف هڪ ننڍڙو ڪم ڪريو، انٽرنيٽ تي وڃي Google تي ٿر لکو ۽ پوءِ ڏسو ته ڪيتري ڄاڻ اسان جي ٿر جي باري ۾ آهي ۽ ڪيتري هندوستان جي، جيڪي ماڻهو دبئي يا ٻين ٻاهرين ملڪن ۾ وڃن ٿا، انهن هندوستان جا ڪلچرل شو دڳ ويندي ڏٺا هوندا پر ڪنهن به جڳهه تي ڪو سنڌي آرٽسٽ شاهه سائين جو تنبورو وڄائيندي نه ٻڌو هوندو! ڇا هي ڪا راڪيٽ سائنس آهي ته هالا جي ڪارخانن کي گيس ڏني وڃي؟ سامهون مين روڊ جي ڀرسان ڪلچرل بازار ٺاهي وڃي يا اسلام آباد جي علائقي سعيدپور جيان ڪراچي جي ٻاهران هڪ ڪلچرل وليج ٺاهيو وڃي، جنهن کي 23 حصن ۾ ورهائي هر حصي کي سنڌ جي هڪ ضلعي جو نالو ڏنو وڃي اتي ان ضلعي جون سموريون مشهور ۽ روايتي شيون رکيون وڃن، کاڌن کان وٺي لباس تائين هر شئي موجود هجي ۽ ان کي سيڪيورٽي ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ ڪري ڪمپني ٺاهي وڃي، جيئن ان جي بهتر سارسنڀال لڌي وڃي.
    Ps_65mirpurkhas@yahoo.com


    (روزاني ڪاوش جي ٿورن سان)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو